سمورن سنڌي سڄڻن کي اتحاد ۽ڀائيچارو قائم ڪرڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي اسانجي محترم دوست ذوالفقار واهوچو صاحب فيس تي هن دعوت کي عام ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا سنڌ سلامت دوستن سان شيئر ڪري رهيو آهيان سڀني کي گذارش آهي ته شريڪ ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو۔ ڪراچي م رهندڙ سمورن باشعور ۽ باضمير ، سمجھو دوستن کي دعوت ٿي ڏجي ته آچر ڏينهن ابراهيم حيدري مورڙي حال ۾ 12 وڳي ڪراچي سنڌي شهري اتحاد جو اجلاس آهي ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ، هي عام دعوت آهي ، اوهان کي گذارش آهي ته هن کي قومي فرض سمجھي سڀ ڪم ڪار ڇڏي آچر ڏينهن ابراهيم حيدري پهچو ته جيئن ڪراچي ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو لاعمل جوڙيون. اوهان کي عرض ٿو ڪجي ته هن دعوت کي اوهان مهرباني ڪري نظر انداز نه ڪجو ، اوهان جي شرڪت ڪراچي واسين لاءِ بهتر مستقبل ۽ اتحاد جي ضمانت آهي پاران ڪراچي سنڌي شهري اتحاد
جواب: سڀني سنڌي دوستن کي اتحاد جي دعوت جيڪي دوست ڪراچيءَ ۾ موجود آهن، اهي ضرور ان گڏجاڻيءَ ۾ وڃي پنهنجي اتحاد جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ۔۔۔ سائين واهوچو صاحب جن فيسبڪ تي جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن سي سنڌ دوستيءَ جون اهن ۔۔۔ سڄڻ گڏ ڪري ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو، ڪراچي شهر ۾ سنڌين جي وسيع تر اتحاد جي سخت ضرورت آهي۔ اميد ته سڀ دوست سچ جو ساٿ ڏيندا۔ جتي به سچ نظر اچي انکي پنهنجو ڪيو وڃي۔
جواب: سڀني سنڌي دوستن کي اتحاد جي دعوت آچر ڏينهن سخت مصروفيتون آهن ، تنهنڪري واهوچي صاحب سان معذرت ڪجي ٿي۔ مان هميشه ڪراچي ۾ ٿيندڙ اهڙين گڏجانين ۾ ضرور شامل ٿيندو آهيان۔ دوستن کي اپيل آهي ته ضرور گڏ ٿين۔