واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، کڻي نيڻ خمار مان ڪُهين ڪرين ڪباب، تنهجو تبسم چوي جاني نه آهي جواب، تکو تنهنجو تاب سج چنڊ کان سپرين عبدالغفار تبسم
جواب: واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، تبسم محترم عبدالغفار تبسم جي پياري شاعري خاص ڪري منظور سخيراڻي جي ڳايل پراڻن ڪلامن ۾ ، بهترين ادا عرس پريا صاحب
جواب: واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، تبسم ادا تبسم هڪ بهترين شاعر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔پسند ڪرڻ جي مهرباني
جواب: واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، تبسم بس هاڻ سمجهي وياسون ته عرس پاڻ ته سڙيل آهي پر اسانکي به ساڙيندو ۔۔۔ تير انداز نيڻ ۽ مٿان وري غضب جي شاعري ۔۔۔ رحم ڪر بابا پريا مڙس، ڇوٿو اسانجي دل، جگر ۽ جان جون تڪا ٻوٽيون ڪرين ۔۔۔ مطلب ڪباب ٿي وياسون ۔۔۔ توبه توبه ۔۔۔ عرس جي هٿ ۾ ڪاتي ڪنهن ڏني آهي؟
جواب: واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، تبسم واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نيڻ ئي نيڻ اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا عرس به هاڻ سڌا تير پيو هڻي۔ سهڻي چترڪاري ۽ لاجواب چونڊ لڳي ٿو رشيد کي واهه واهه ڪرائي کيس ڀڄائيندين
جواب: واه جو سهڻا سپرين ڇانيو اٿئي شباب، تبسم ها ادا رشيد کي ماري مڃائبو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني