• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مئن فرام منهنيا جو دڙو سوڀراج گيانچنداڻي المعروف ڪامريڊ سوڀو

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سڀني سڄڻن کي نماڻو عرض آهي ته ڪامريڊ سوڀي لاءِ دعا ڪن مالڪ سائين کين صحت عطا ڪرين ڪنهنجو به کين محتاج نه ڪرين سائين سوڀو گذريل ڪافي عرصي کان اگهو آهي ڌڻي سائين سگهو ڪرين آمين
 
جواب: مئن فرام منهنيا جو دڙو سوڀراج گيانچنداڻي المعروف ڪامريڊ سوڀو

شايد 14 فيبروري ويلنٽائن ڊي تي سائين سوڀي گيانچنداڻي سان سندس ڪراچي واري گهر تي ملاقات ٿي هئي ۽ خوب ڪچهري ٿي هئي۔ ڪجهه ڏينهن کانپوء هنن ترقي پسند اديبن جي هڪ پروگرام جي صدارت پڻ ڪئي هئي آرٽس ڪائوسل ڪراچي ۾۔

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي طبيعت لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ڊاڪٽرن جي صلاح کانپوء سندس ڪٽنب جي اپيل تي ثقافت کاتي پاران کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي آڻڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ياد رهي ته ڪامريڊ سوڀو گهڻن ڏينهن کان بيمار آهي ۽ ڪراچي ۾ سندس علاج هلندڙ هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هو لاڙڪاڻي پنهنجي گهر پهتو ته مٿس ٽائفائيڊ جو حملو ٿيو آهي. جنهن سبب سندس طبيعت گهڻي خراب ٿي وئي آهي.

419808_3312711574836_1179567033_33486056_1193485709_n.jpg
 
Back
Top