• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

عرس پريو

سينيئر رڪن
2hhgltl.jpg

دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،
اُونداهيء رات ۾ ڪا چِڻگ ٻري آ شايد،

ريء برسات سڄي رات پسيو آ دامن،
دل کي اکڙين مان ڳجهو در يا دري آ شايد،

تنهنجي وعدن جي اڃا اعتبار تي آهي،
دل منهنجي نه آهي ڪا پٿرن جي ڀري آ شايد

ڪير ايندو ڇو هتي ڪير سڏيندو مونکي،
دل چري آهي خالي گهر کان ڊڳي آ شايد،

تو پنهنجي شوق سان ها شوق سان ڪر ظلم ستم،
ڪا تبسم ۾ اڃا ساهه زري آ شايد
عبدالغفار تبسم
 
جواب: دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

ريء برسات سڄي رات پسيو آ دامن،
دل کي اکڙين مان ڳجهو در يا دري آ شايد،

عبدالغفار تبسم دلين جو شاعر ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سهڻو انسان

سندس خوبصورت شاعري جيڪا منظور سخيراڻي ڳائي آهي۔

اوهان جا رنگ به وڻيا

منظور سخيراڻي جي آواز ۾ ساڳيو ڪلام پيش آهي:

جواب: دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

رات جي ياد ايتري چٽي نه هوندي آهي۔۔ پر ان باوجود توهان جي ڊيزائيننگ ۾ نواڻ اچي رهي آهي۔۔۔ اهو سٺو سنوڻ آهي ۔۔
باقي شاعري جي سليڪشن انتهائي لاجواب آهي۔۔ جو توهان آندل لفظن کي جڏهن ادا سليمان طرفان آندل وڊيو سان ٻڌو ته پراڻيون ياديون تازيون ٿي ويون۔۔
محنت جاري رکجو۔۔۔
 
سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي الائي تعريف ٿو ڪرين الائي تنقيد
 
جواب: دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

واھ عرس واھ! عرس جي سدائين چونڊ لاجواب ھوندي آھي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڄ ڪلھ عرس به ڊزائين طرف اچي ويو تمام بھترين ادا جاري رکو۔
 
جواب: دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

واھ عرس واھ! عرس جي سدائين چونڊ لاجواب ھوندي آھي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڄ ڪلھ عرس به ڊزائين طرف اچي ويو تمام بھترين ادا جاري رکو۔

ادا مڙئي ڪوشش پيا ڪريون باَقي ڊزائين ته توهان ء سليمان ڪندا آهيو
 
جواب: دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،

دل ۾ اڄ رات تنهجي ياد وري آ شايد،
اُونداهيء رات ۾ ڪا چِڻگ ٻري آ شايد،
غبدالغفار تبسم جي شاعري مان سهڻي چونڊ + خوبصورت ڊزائين
 
Back
Top