مُنهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي ڪجهه دوستن ساراهيو پڻ آهي۔ پر نه ڄاڻ ڇو تدريسي وڊيوز يا ليڪچرز کي اسان جو نوجوان اُن شوق سان نٿو ڏسي انٽرنيٽ تي۔ تمام گهٽ ئي اهڙا سنڌي نوجوان شاگرد هوندا (مان ڀانيان ٿو) جن انٽرنيت جو ان مقصد سان استعمال ڪيو هُجي جنهن سان هُو پنهنجي ڪاليج يا يونيورسٽي جي پڙهائي ۾ مدد حاصل ڪري سگهن۔ مونکي ٿوري گهڻي مايوسي ضرور ٿي۔
پر هڪ لاڙو مونکي نظر آيو آهي ته انٽرنيت تي رياضي يا ٻين اهڙن اسڪولي موضوعن جي بدران ڪمپيوٽرس جي سافٽويئر جهڙوڪ فوٽوشاپ يا فليش وغيره کي سيکارڻ لا ڪا به ڪوشش اگر ڪجي ٿي ته اُن کي ڀرپور موٽ ملي ٿي۔ تنهنڪري مون سوچيو ته جيڪڏهن سنڌي کي انٽرنيٽ تي وڌائڻ ويجهائڻ واري پنهنجي اِن اڃ کي اُجهائڻ لا مان فقط اهڙا وڊيو ليڪچرس ٺاهيان جيڪي يونيورسٽي جي ڏکين موضوعن جهڙوڪ رياضي وغيره کي سمجهائڻ بدران فقط ڪجهه سافٽويئر ئي سيکارين تي گهٽ ۾ گهٽ اُهي ڏٺا ته ويندا۔۔۔ اُنهن مان ڪو فائدو ته کڻندو۔ اگر مان ويبسائيٽ ڪيئن ٺاهجي يا اهڙا ٻيا ٽُٽوريلز ٺاهيان ته اُهي گهٽ ۾ گهٽ ائين رائيگان نه ويندا جيئن ٻيا وڃن ٿا۔
سنڌي ۾ تعليمي وڊيو ليڪچرس جي تمام گهڻي کوٽ آهي يا نه هجڻ برابر آهن۔۔۔ اگر مان ۽ منهنجو ساميٽيڪ جو گروپ اهڙا ليڪچرس جهجهي مقدار ۾ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو ته هڪ خال ڀرجي سگهي ٿو۔ بس خوف ان ڳالهه جو آهي ته انهن مان ڪو فائدو حاصل ڪندو به سهي يا نه جهڙي نموني ٻين ملڪن جا شاگرد پنهنجي ٻولي ۾ موجود آن لائين وڊيو ليڪچرس مان حاصل ڪندا آهن۔
هن لنڪس سان گڏ اوهان آڏو اِهو مسئلو پڻ رکان ٿو ته ڇا ساميٽيڪ کي پنهنجو مقصد بدلائڻ گُهرجي يعني تعليمي وڊيو ليڪچرس ٺاهڻ بدران فقط چند سافٽويئرس سيکارڻ جي لا وڊيو ليڪچرس ٺاهڻ گهرجن۔
سائين اوهان جي ان عمل جي ساراهه ڪجي ٿي۔ اهي دوست جيڪي خاص ان لاء نيٽ استعمال ڪندا آهن ته ڪا علمي ڄاڻ حاصل ڪيون انهن لاء اوهان جو ڪم رهنمائي جو سبب بنبو۔ اوهان کي اهو ڪم هڪ تسلسل سان ڪرڻو پوندو ۽ پوء يقينن دوستن جو ڏسڻ وارن جو تعداد به وڌندو۔
اوهان سڀني جا ٿورا جو اوهان رهنمائي ڪئي ۽ اوهان بلڪل صحيح فرمايو ته ڪير ڏسي يا نه ڏسي پر ڪم ته ڪرڻو ئي پوندو نه۔ جي اسان نه ڪنداسون ته پو ڪير ڪندو۔ مان به ان ئي خيال جو آهيان بس سوچيم رڳو اِهو پئي ته ڪهڙي ڪم تي وڌيڪ زور ڏجي۔ تدريسي وڊيو ليڪچرز يا سافٽويئر جي ٽريننگ لا وڊيو ليڪچرز تي۔۔۔ پر هاڻ اوهان کان متاثر ٿي مون اِهو سوچيو آهي ته پنهنجي وس آهر ٻنهي تي ڪم ڪجي ۽ پنهنجن دوستن ۽ رابطن جي ذريعي ڀائرن ڏانهن اِهو شعور پهچائجي ته انٽرنيٽ کي هن مقصد لا پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ نيٺ اڄ نه ته سڀاڻ اسان جو نوجوان انٽرنيٽ جي ان استعمال کي به ضرور اپنائيندو ۽ اُن وقت انشاالله انهن وٽ سنڌي ۾ وڊيو ليڪچرز جو خال نظر نه ايندو۔
اوهان جا لک ٿورا!
هڪ وڊيو هاڻ آءُ ڏسان پيو، پر آواز تمام گهٽ آهي جنهن لاءِ فون ڪن تي لڳايم پر پوءِ به آواز جو معيار سٺو ۽ سمجهڻ جهڙو ناهي ۔۔۔۔ انکي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ لک ٿورا
ادا سوجهرو، توهان تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهي ته ان ۾ سوچڻ جي ڳالھ ئي نه آهي۔ منهنجي رائي اها آهي ته توهان ڪمپيوٽر جي ڪورس تي سنڌي ۾ ويڊيو ٺاهيو ته ڌيڪ بهتر آهي۔ تدريسي ڪورسن تي شاگردن جو رجهان گهٽ آهي۔ ان جو خاص وجھ اها آهي ته پيپرن ۾ نقل عام آهي۔ ان ڪري اسان جي شاگردن جو لڳائو گهٽ آهي۔ ان کان علاوه اسان وٽ سليبس به سنڌي ۾ نه آهي جو شاگرد سنڌي ۾ فزڪس، رياضي وغيره سنڌي ۾ سکن۔
اسان جو دعائون توهان سان گڏ آهن۔ اسان لائق ڪو ڪم هجي ته ضرور چوجو۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت