سوجهرو
سينيئر رڪن
انسان عقل جي بنياد تي صحيح يا غلط ۾ تفريق ڪندو آهي. پر ڇا سموري دُنيا ۾ يا ڪائنات ۾ عقل هڪ آهي يا هڪجهڙو آهي؟ ڇا عقل جا مختلف قسم ٿين ٿا؟ ڇا عقل کي گهٽ يا وڌ، ننڍو يا وڏو يا وري ڪنهن ٻئي پيماني تي ماپي سگهجي ٿو؟ ڇا بيوقوفي عقل جي غيرموجودگي آهي يا عقل جو تضاد؟ ائين ڇو آهي جو ڪنهن هڪ عمل کي منهنجو عقل غلط تصور ڪري ٿو ۽ ڪنهن ٻئي جو عقل صحيح؟ پر ائين به نه آ جو عقل انسان کي دوکو ڏئي ٿو يا انسان وري عقل کي. هڪ ٻيو سوال اِهو ٿو اُڀري ته آخر عقل جو وجود ڪٿي آهي؟ انساني دماغ ۾ يا هِن وسيع ڪائنات ۾؟ جي عقل جو وجود ڪائنات منجھ آهي ته پوءِ ڇا هڪ سماج جو عقل هِن وسيع ڪائنات واري عقل جو جُزو آهي؟ پوءِ کڻي اُن جي وصف ڪهڙي به هُجي.
سماج هن وسيع ڪائنات جي عقل يا عقلِ ڪُل مان ڪجھ نه ڪجھ پنهنجي وت آهر سِکي ٿو. انسان وري سماج جي عقل مان عقل پِرائي ٿو. يعني سندس عقل سماج جي عقل تائين محدود رهي ٿو. پوءِ ائين ڇو آهي جو ڪي اهڙا ماڻهو به سماج ۾ پيدا ٿين ٿا جن جو عقل سماج جي عقل کان الڳ، متضاد يا وڌيڪ هوندو آهي. اسان جي سماج ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اُنَ جو مثال آهي جيڪو اُن وقت جي سماج جي عقل جي حساب سان هڪ وڌيڪ عقل رکندڙ انسان هو.
عقل ٻئي عقل مان سکندو آهي ۽ پنهنجي نشونما جاري رکندو آهي. هڪ سماج جو عقل ٻئي سماج جي عقل مان سکي ٿو. ساڳئي نموني شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به روميءَ جي مثنوي مان ڪجھ عقل پِرايو جيڪو هڪ ٻئي سماج سان تعلق رکندڙ هو.
عقل ٻئي عقل کي جنم به ڏئي ٿو. مثال طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڪجھ اهڙيون ڳالهيون به چيون جيڪي مولانا روميءَ نه چيون. يعني هڪڙي عقل هڪ ٻئي عقل مان پرايو ته سهي پر هڪ ٻئي عقل کي جنم پڻ ڏنو يا ائين کڻي چئجي ته ٻن الڳ قسمن جي عقل جي ميلاپ سان هڪ نئون عقل پيدا ٿيو.
ڇا پيدائش کانپوءِ عقل کي موت اچي ٿو؟ مون کي ياد ناهي ڪٿي پر هڪ هنڌ اهو پڙهيو هئم ته تنهائي عقل جو موت آهي. ڇا واقعي ائين آهي؟ پوءِ ائين ڇو ٿو چيو وڃي ته تنهائيءَ ۾ غور و فڪر ڪرڻ وارا ماڻهو تمام گهڻي عقل وارا هوندا آهن. تنهائيءَ ۾ عقل جو موت شايد اِن ڪري به آهي جو هو ڪنهن ٻاهرين عقل سان ميلاپ نه ٿو ڪري ۽ نه ئي اُن مان ڪجھ پِرائي ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن نئين عقل کي جنم ڏئي ٿو. ته پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هڪ ڀٽ تي ويهي پاڻ کي دنيا کان الڳ ڪري ايترو عقل ڪٿان پِرايو؟
ڏٺو وڃي ته شاهه سائينءَ پوريءَ سنڌ جو سفر پڻ ڪيو ۽ سفر جي مشاهدن مان عقل پرائيندو رهيو ۽ پوءِ هڪ هنڌ آرام ۽ سُک سان ويهي سموري عقل جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لڳو. شايد ڀٽ شاهه جي ڀٽ عقل جي ڇنڊڇاڻ دوران هُن مختلف عقلن جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪرايو هجي ۽ هڪ نئين عقل کي جنم ڏنو هجي ۽ اسان به شايد شاهه سائينءَ جي اُن نئين عقل جا ديوانا آهيون ۽ شاهه سائين جي بنسبت اُن عقل جا شايد گهٽ ديوانا آهيون جيڪو اڳ ۾ رومي به ڏئي چڪو آهي. اِهو نئون عقل مثال طور جنهن ۾ شاهه سائين چوي ٿو ته سماج جيڪڏهن لهواري طرف وڃي ٿو ته تون اُوچي طرف وڃ پر تنهن هوندي به پاڻ کي سماج کان الڳ نه ڪر.
پر ڇا عقل جو ڪو متضاد به آهي؟ ۽ ڇا اُهو به ساڳيءَ طرح پيدا ٿئي ٿو، پرائي ٿو، وڌي ويجھي ٿو ۽ مَري ٿو؟ هڪ اهڙو انسان جيڪو غلط عمل کي صحيح تصور ڪري ٿو آخر اُن وٽ ڪهڙو عقل آهي؟ ڇا اُن انسان جي اڳواڻي عقل جي اُها متضاد قوت ته نه پئي ڪري؟ پر ڇا عقل جو متضاد رڳو عقل جي غيرموجودگي آهي؟ يا اِهو متضاد پنهنجو پاڻ ۾ هڪ الڳ وجود ته نه ٿو رکي؟ ۽ اِن جي به پنهنجي حساب سان نشونما ته نه پئي ٿئي؟ اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته هڪ ماڻهوءَ جي ”ردِ عقل“ (عقل جو متضاد) مان ٻيو ماڻهو ردِ عقل پرائي ٿو ۽ هڪ نيئن ردِ عقل کي جنم پڻ ڏئي ٿو. يعني اسان وٽ هاڻ ٻه قوتون آهن. هڪڙو عقل ٻيو ردِ عقل. ٻئي پنهنجي دُنيا ۾ وڌن ويجھن ٿيون ۽ هڪ ٻئي جون دشمن پڻ آهن. ٻئي هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ آهن ته جيئن دنيا جي حڪومت اُنهن مان ڪنهن هڪ کي مِلي. اِنهن جي ويڙهه وڏن ملڪن ۽ رياستن کان وٺي ڪري گھٽيءَ ۾ ڪچهري ڪندڙ ٻن عام ماڻهن تائين وسيع آهي. ٻئي هڪ ٻئي تي حاوي ٿي ڪري هڪ ٻئي جو وجود ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. شايد انهن جو ميلاپ پڻ ممڪن نه آهي جنهن سان ڪا نئين قوت وجود ۾ اچي سگهي.
ياد رهي ته ردِ عقل بيوقوفي يا بي عقلي جو ٻيو نالو نه آهي پر اوهان هن کي عقل جي هڪ مُنفي شڪل چئي سگهو ٿا. يا عقل جو متضاد جيڪو غلط عمل کي صحيح قرار ڏيڻ جي جنگ جوٽي رهيو آهي.
ليکڪ: سوجهرو منگي
تاريخ: 19 فيبروري، 2012
(اُميد ڪيان ٿو ته هِن قسم جي فلاسافيڪل بحث مباحثن لا هڪ الڳ سيڪش منتظمين ضرور کوليندا)