سوجهرو
سينيئر رڪن
لاڳيتيون ٻه پوسٽون ڪرڻ کان پو مونکي پاڻ کي به اِهو احساس ٿيو هو ته مون هن اوطاق تي پنهنجو تعارف ته ڪرايو ئي ڪو نه ۽ اوچتو ئي اوطاق تي ويٺل همراهن سان ڪچهري شروع ڪري ڇڏي۔ نيٺ سائين رشيد سمون جن به اِن احساس کي وڌيڪ پختو ڪيو۔ سو اوهان دوستن آڏو پنهنجو تعارف ڪرڻ جو لاڀ حاصل ڪرڻ لا مان حاضر آهيان۔
منهنجو نالو سوجهرو منگي آهي۔ مان انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪراچي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جو شاگرد آهيان۔ مان هن وقت ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال ۾ آهيان۔ (مون کان رهيو نه ٿيو سو ٻڌايانو ٿو ته مان هيئنر تائين ٽين پوسٽ به ڪري چڪو آهيان)
سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي باقاعده استعمال ٿيندي يا پاڻ استعمال ڪندي مون کي ڪو ڊگهو عرصو ٿي ويو آهي۔ اِها اُن وقت جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌي جو يونيڪوڊ نه هوندو هيو ۽ هڪ الڳ ورڊ پروسيسر هوندو هو سنڌي لا۔ شايد اهو عربي ورڊ پروسيسر جي آڌار تي ٺهيل هو۔ تنهن سان گڏوگڏ ان پيج تي به سنڌي ۾ لکبو هو۔ منهنجو ڀا سارنگ ۽ مان گڏجي بابا (رُڪ سنڌي) جا ڪتاب ۽ آرٽيڪل ٽائپ ڪندا هئاسون۔ پو هڪ اهڙو وقت به آيو جو سارنگ ۽ مان سنڌي ۾ پهرين فليش گيم ٺاهي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ راندين جو بنياد وڌوسون۔ اُهي گيمز اسان هن فورم تي يا سنڌ بليٽن تي شيئر به ڪيون هيون۔
انٽرنيٽ تي سنڌي جي ترقي لا ٿيندڙ ڪم تي اڪثر منهنجي نظر رهندي آهي، ۽ پنهنجي وس آهر اُن ۾ ڀاڱي ڀائيوار به ٿيندو آهيان جهڙو اَبنٽو جي سنڌي ترجمي ۾ پنهنجي پاران ڪوشش ڪندو رهندو آهيان۔ تعليم کي پنهنجي ٻولي ۾ هر عام ۽ خاص تائين پهچائڻ منهنجو هڪ خواب رهيو آهي۔ تنهنڪري مان سنڌي ۾ وڊيو ليڪچرس ٺاهڻ جو سوچيو تنهن سان گڏوگڏ ڪجهه ڪمپيوٽر سائنس جي مضمونن تي سنڌي ۾ ڪتاب لکڻ جي سگهه جيڪڏهن ڌڻي ڏني ته اُها به منهنجي اولين ترجيح آهي۔
اڪيلو ماڻهو سڀ ڪم ته نٿو ڪري سگهي سو مون سياڻپ مان ڪم وٺندي پاڻ لا رڳو ٻه ڪم رکيا اٿم، وڊيو ليڪچرس ٺاهڻ ۽ ڪتاب لکڻ۔ باقي ٻئي ڪنهن هنڌ ٽيڪنالاجي ۾ اگر سنڌي جي حوالي سان خال نظر اچي ته اُميد اٿم ته اسان جا ٻيا جاکوڙي ڀائر ڪم ڪري رهيا هوندا۔
منهنجو شوق ته مون اوهان کي ٻڌايو ئي نه۔ منهنجي حرڪتن ۾ پڙهڻ ۽ ڪمپيوٽر جو اڇو منهن ڪرڻ يعني ڪوڊنگ شامل آهن۔ پڙهڻ جي حوالي سان منهنجا وڻندڙ موضوع فلسفو، ڪمپيوٽر سائنس، تاريخ، ادب ۽ رياضي آهن۔
اُميد ڪيان ٿو جنهن سفر تي اسان سڀ نڪتا آهيون اُهو ساڳئي ئي جذبي سان هلندو رهندو۔
مهرباني۔