انتخابي فهرستون ، بيقائدگيون ۽ شهري سنڌين جي ووٽ سان ڪيل ويساهه گهاتيون
محمد سليمان وساڻ
جهموريت جو بنياد اليڪشن تي آهي ۽ اليڪشن جو دارومدار وري ووٽر لسٽن تي آهي۔ تازين ووٽر لسٽن کانپوء اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نين ووٽر لسٽن ۾ وڏي پيماني تي بيقائدگيون ۽ غلطيون آهن۔ سنڌ جي شهري علائقن مان سنڌي ووٽرن جي ووٽن کي نيڪال ڪري صوبي جي ڪيترن ئي ووٽن کي پڻ صوبي بدر ڪيو ويو آهي۔ شهري ماڻهو خاص ڪري ڪراچي جا سنڌي گهڻا پريشان آهن جن جا ووٽ وڏي پيماني تي تبديل ڪري ڳوٺن ڏانهن موڪليا ويا آهن۔ اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي نادرا پاران اليڪٽورل ايڪٽ 1974ع جي ڀڃڪڙي ڪندي تيار ڪيل ووٽر لسٽن مان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ لکين سنڌين جا ووٽ سندن مرضيءَ کانسواءِ عارضي پتي جو جواز ڄاڻائيندي انهن جي مستقل شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ساڳين ماڻهن گذريل ڪيترن ئي اليڪشنن ۾ ڪراچي ۾ ئي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو هو۔
اها ڪهڙي شفافيت چئبي جنهن ۾ ملڪ جي وزيراعظم جو نالو سندس اباڻي تڪ ملتان بدران ضلع لورالائي جي انتخابي علائقي ۾ داخل ٿيل هجي۔ اهڙي حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي ٺاهيل لسٽن تي ڪيترو اعتبار ڪجي ۽ شفافيت جي اميد ڪجي۔ اهڙي صرتحال ۾ هڪ وڏي نا انصافي اها به آهي جو سنڌ جا ووٽ بلوچستان ۾ منتقل ڪيا ويا آهن۔ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي جي صوبائي وزير مراد علي شاهه اهي ڪوڪون ڪيون آهن ته سندس تڪ جا ست هزار کان مٿي ووٽ بلوچستان صوبي ۾ داخل ڪيا ويا آهن۔
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ اڪثر سنڌين جا ووٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ داخل ڪرڻ بجاء سنڌ جي مختلف شهرن ۾ داخل ڪيا ويا آهن۔ سنڌ جي مستقل باشندن جا ووٽ سندن مرضيءَ کانسواءِ اليڪٽورل رولز جي خلاف ورزي ڪندي سندن اباڻن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون The Electoral Rolls Act, 1974 ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ناهي ته اليڪشن ڪميشن يا نادرا اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 سب سيڪشن (1) مطابق ”ڪنهن به شخص کي ان علائقي جو رهائشي تصور ڪيو ويندو،جنهن انتخابي علائقي ۾هو عام طور رهائش پذير آهي، يا ڪنهن گهر جو مالڪ يا (مسواڙي) طور رهائشي آهي ياوري ان علائقي ۾ وٽس ڪا متحرڪ يا غير متحرڪ ملڪيت آهي.“پر نادرا پاران تيار ڪيل غير حتمي ووٽر لسٽن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ ۾ درج ٿيل مستقل پتي کي بنياد بڻائي ڪراچي ، حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ رهائشي لکين ووٽرن جا نالا بناڪنهن سبب ۽ اطلاع جي سندن مستقل پتن وارن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (2) مطابق، جيڪڏهن ڪنهن به شخص وٽ هڪ کان وڌيڪ علائقن ۾ گهر يا رهائش جو ڪو ٻيو وسيلو آهي ته اهو سندس اختيار ۽ مرضي آهي ته هو ڪنهن به هڪ علائقي ۾ ووٽ داخل ڪرائي سگهي ٿو، ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (3) تحت جيڪڏهن ڪو به شخص ڪنهن به علائقي ۾سرڪاري ملازم يا ٻيو ڪو به سرڪاري منصب رکندڙ آهي ته کيس ان علائقي جو رهواسي تصور ڪيو ويندو ۽ هو پنهنجي مقرريءَ واري هنڌ تي ووٽ داخل ڪرائيندو.پر جيڪڏهن هو اهڙي منصب يا نوڪريءَ تي نه رهيو آهي ته پوءِ هو رجسٽريشن آفيسر وٽ لکت ۾ درخواست ڏئي ٻئي علائقي ۾ ووٽ داخل ڪرائي سگهي ٿو. ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (4) مطابق اهڙي سرڪاري ملازم يا سرڪاري منصب رکندڙ شخص جي گهرواري ۽ ٻارن کي به ان علائقي جو رهائشي تصور ڪري سندن ووٽ به مقرريءَ واري علائقي ۾ داخل ڪيو ويندو.ساڳئي قانون جو سيڪشن 11 چوي ٿو ته، ڪنهن به ووٽر جو ووٽ ووٽر جي درخواست کانسواءِ هڪ انتخابي علائقي کان ٻئي انتخابي علائقي ۾ منتقل نٿو ڪري سگهجي. ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 18 مطابق ووٽر فهرستن ۾ داخلا ۽ درستگيءَ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. جڏهن ته هتي اهو اختيار نادرا استعمال ڪري رهي آهي.جيڪا آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي.ووٽر لسٽن جي تياريءَ جي سلسلي ۾1973 جي آئين جي سيڪشن 218 جي سب سيڪشن (3) تحت اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اها آزاد، شفاف ۽ ايمانداراڻين چونڊن لاءِ اهڙا بندوبست ڪري، آئين جي سيڪشن 219 سب سيڪشن (اي) تحت اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ ووٽر لسٽون تيار ڪري ۽ انهن تي هر سال نظر ثاني ڪري. آئين جي سيڪشن 222 جي سب سيڪشن (سي) تحت اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اُها تڪ ۾ رهائش پذير (اهل ووٽرن)تي مشتمل ووٽر لسٽ تيار ڪري.هن سيڪشن ۾ ڪٿي به عارضي ۽ مستقل رهائشيءَ جي ڳالهه ٿيل نه آهي.اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندي پنهنجو ڪم نادرا حوالي ڪيو.
ڪراچي ۾ قائم ڪيل ڊسپلي سينٽرن تي جڏهن ووٽ جي تصديق لاء وياسون ته خبر پئي ته اتان سموريون لسٽون ڪراچي جي هڪ طاقتور تنظيم جي آفيسن ۾ موڪليون ويون آهن يا اهي زوري کڻائي ويا آهن۔ سنڌ حڪومت سڀ ڪجهه معلوم هجڻ باوجود خاموش آهي ۽ ان عمل تي ڪابه ڪاروائي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي۔
جڏهن مان پنهنجو ووٽ ڏسڻ لاء ڊسپلي سينٽر تي رکيل ووٽر لسٽ ۾ نالو ڳولڻ لڳس ته مٿو چڪرائجي ويو۔ جڏهن عبدالله شاهه غازي ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ سچل ڳوٺ جا نالا مختلف لسٽن ۾ بغير ڪنهن تسلسل سان ڏٺم۔ مجبور ٿي 8300 تي ميسيج ڪري پڇا ڪيم۔ ان وقت وڌيڪ حيرت ٿي جڏهن منهنجو نالو ته سچل ڳوٺ ڪراچي جي لسٽ ۾ هيو پر منهنجي گهرواري جو نالو خيرپور ضلعي جي ووٽر لسٽ ۾ هيو۔ وڌيڪ حيرت ۽ پريشاني تڏهن ٿي جڏهن منهنجي دوست جو نالو سچل ڳوٺ بجاء نوشهروفيروز ۾ ۽ سندس پٽن جا نالا حيدرآباد ضلعي جي لسٽن ۾ هيا۔
اهڙي صورتحال کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اربين روپيا لڳائڻ کانپوء به ڪيئن ڄاڻي واڻي ان عمل کي منجهايو ويو آهي جيئن ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نه سگهن۔ ان جو نقصان سنڌي قوم سان گڏ پ پ پ جي ميمبرن کي ئي ٿيندو پر افسوس جو انهن جي اڳيان هي سڀ ڪجهه بيان ڪرڻ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ جي برابر آهي۔ افسوس ته اهو به آهي جو هن عمل ۾ سنڌ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون گهڻو ڪري خاموش آهن ۽ ڪو ردعمل ڏيکارڻ ۽ ڪنهن منصوبه بندي کان ڪوهين ڏور نظر اچي رهيون آهن۔ جڏهن ته ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٻيون غير سنڌي جمائتون گهڻو منظم ۽ منصوبه بندي سان ميدان ۾ لٿل آهن۔
ڇا اهڙي انتخابي لسٽن سان ڪنهن شفاف اليڪشن جي اميد رکي سگهجي ٿي ؟ خبر ناهي ڇو هن دفعي ميڊيا به هن ڳالهه کي گهڻو سنجيده ناهي ورتو۔