درياء دل وڪيل۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    (وڪيل برادري کان معزرت سان)

    منهنجي هڪ وڪيل دوست فخر سان پنهنجو هڪ واقعو ٻڌائيندو آهي۔۔
    هڪ دفعي ڪنهن سٺي پارٽي جو فيصلو کٽڻ تي چڱي ڀلي فيس وصول ڪرڻ تي اسان جي دوست ڏانهن شهري ويلفيئر ڪميٽي جو نمائندو آيو ۽ کيس چيائين ته ”اسان جي سروي مطابق توهان جو تعلق کاڌي پيتي گهراڻي سان آهي۔۔ ۽ توهان جي آمدني به سٺي آهي ۔۔۔ تازو توهان هڪ پارٽي کان فيس جي مد ۾ به ٺاهوڪي رقم حاصل ڪئي آهي۔۔۔ پر توهان ڪڏهن به اسان جهڙي سوشل آرگنائزيشن کي امداد نه ڏني آهي ۔۔۔ ڇا توهان هن دفعي پنهنجي آمدني مان ڪجهه رقم ڊونيشن طور اسان جي آرگنائيزيشن کي ڏيندو جيڪا شهر جي صفائي سٿرائي جو خاص پروجيڪٽ رکي ٿي۔۔۔“
    وڪيل ٿوري دير لاءِ ته گهٻرائي ويو پر پاڻ سنڀاليندي چيائين ۔۔”ڇا توهان جي سروي جي ٽيم کي اها خبر پئي هئي ته منهنجي ماء جي وفات شهر جي مهانگي اسپتال ۾ ٿي هئي جنهن جو بل به لکن ۾ آيو هو۔۔۔“
    نمائندي گهٻرائيندي جواب ڏنو ۔۔”همممممم ۔۔ نه“
    وڪيل وڌيڪ چيو۔۔۔ ”ڇا توهان کي اها خبر آهي ته منهنجو ڀاء اکين کان نابين آهي ۽ لٺ جي سهاري هلندو آهي۔۔۔ “
    آرگنائيزيشن جي نمائندي شرمائيندي ڪجهه چوڻ ئي ٿي چاهيو ته وڪيل هڪ دفعو وري چيو۔۔۔ ”يا توهان کي اها خبر پئي ته منهنجو ڀيڻيوو هڪ روڊ ايڪسڊينٽ ۾ وفات ڪري ويو ۽ پٺيان منهنجي ڀيڻ سميت 3 ٻار به ڇڏي ويو۔۔۔“
    هن دفعي نمائندو واقعي ڪافي شرمندو ٿيو ۽ چيائن۔۔۔ ”معاف ڪجو سائين مون کي واقعي ڪابه خبر نه هئي۔۔۔“
    وڪيل سندس ڳالهه ڪٽيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ۔۔ ”جڏهن مون انهن کي ئي ڪجهه نه ڏنو ته توکي ڪيئن ڏيندس۔۔۔۔“
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: درياء دل وڪيل۔۔۔

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي ڪو ڪنجوس ترين وڪيل هو
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: درياء دل وڪيل۔۔۔

    ان ۾ کلڻ جهڙي ته ڪا ڳاله ڪون آهي ۔۔۔۔۔۔۔ پوء به چئو ٿا ته کڻي کلون ٿا هههه بس وڌيڪ نٿو کلجي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: درياء دل وڪيل۔۔۔

    پڪ عرس به اندر ئي اندر ۾ مون جيئان کليو هوندو، پر منهن جي پڪائي نه ڇڏيندو ۔۔۔

    رشيد ٻوڙ ڪيئن پچائيندو آهي اها ته خبر ناهي پر ڳالهين ۾ مرچ مصالا اهڙا ٿو هڻي جو اصل ڪٽا ڪٽ

    واه واه

    الائي ڇو مونکي ته ننڍڙي لاءِ کان وڪيلن کان ڀئو ٿيندو آهي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو