شهرن ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لکين ووٽ خارج ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    وحيد راڄپر


    سنڌ ۾ پهريان ته وڏي تعداد ۾ ووٽن جي داخلا ختم ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري شهرن مان سنڌين جي ووٽن جي داخلا ٻهراڙين ۾ منتقل ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌين سان هڪ تمام وڏي تاريخي زيادتي ڪئي وئي آهي جنهن جو جلد ازالو نه ڪيو ويو ته پوءِ ان جا نتيجا مستقبل ۾ تمام ڀوائتا نڪري سگهن ٿا ۽ نادرا طرفان سنڌين کي شهرن مان ٻاهر ڪڍي ٻهراڙين ۾ ڦٽو ڪرڻ تمام وڏي ڪريل حرڪت آهي جيڪو سنڌين کي پنهنجي ئي شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي،پ پ سرڪار کي گهرجي ته ان جي جاچ ڪرائين جيڪو انهن جو فرض ۾ شامل آهي.سنڌاسيمبلي ۾ گذريل هفتي جي ڪارروائي ۾ سنڌي ميمبرن نادرا جي اهڙي رويي تي ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي شديد ڪاوڙ جو مظاهرو به ڪيو ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو ته نادرا پنهنجي غلطين کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ۽ اسان کي نئين ووٽرلسٽن بابت بريفنگ ڏي ڇو ته ان پنهنجي ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن ۾ تاريخي غلطيون ڪيون آهن جنهن تي چيئرمين سنڌ اسيمبلي پنهنجي سيڪريٽريٽ کي حڪم ڏنو ته نادرا کي لکيو وڃي ته اوهان جي ووٽرلسٽن تي گهڻين ڌرين کي اعتراض آهن ان لاءِ اوهان سيڪريٽريٽ اچو ۽ پارليامينٽرين کي مطمئمن ڪريو.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر نادرا کي اهو اختيار ڪهڙي اٿارٽي ڏنو آهي ته اها ڪنهن به عام شهري جي مرضي کان بغير ان جو ووٽ ڪنهن ٻي ضلعي جي ٻهراڙين ۾ منتقل ڪري ڇڏي؟ ڇا اها قاعدن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي نه آهي؟ آخر اهو ڪم نادرا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو آهي جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به اٿارٽي کي ڪنهن جي مستقبل سان کيڏڻ جو ڪوبه حق نه آهي.ووٽ هر عام شهري جي طاقت هوندو آهي ۽ ان سان قومون پنهنجون تاريخون به مٽائي ڇڏينديون آهن،هاڻي سمورين سنڌ دوست سياسي،قومپرست،سماجي پارٽين کي گهرجي ته ان قومي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته تمام زبردست نموني سان صورتحال بهتر ٿيندي.
    آئيني ۽ قانوني ماهرن تجزين موجب اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي نادرا پاران تيار ڪيل ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن ۾ اليڪٽورل ائڪٽ 1974ع جي ڀڃڪڙي ڪندي تيار ڪري پڌريون ڪيل ووٽر لسٽن مان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ لکين سنڌين جا ووٽ سندن مرضيءَ کانسواءِ عارضي رهائش جو بنياد ڄاڻائيندي انهن جي ووٽن کي مستقل شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ غير قانوني طور رهندڙ لکين بنگالي، برمي، افغاني، ايراني، سري لنڪن، بهاري، هندستاني ۽ ٻين ملڪن ۽ صوبن سان تعلق رکندڙ لکين ماڻهن جا ووٽ به ڪراچي ۾ داخل ڪيا ويا آهن جيڪي ايندڙ اليڪشن ۾ هتي هو ووٽ ڏئي سگهندا جن بابت اسان پهريان ئي دانهون ۽ نشاندهي ڪري چڪا هئاسين پر ان جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو هو ۽ نيٺ اڄ انهن پرڏيهي ۽ ڌارين جو ووٽ هتي داخل ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ جي وحدت تي وار آهي. اليڪشن ڪميشن پاران 29 مارچ اربع ڏينهن ملڪ جي ٻين شهرن ۽ صوبن جيان ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن جي ڊسپلي سينٽرن ۾ جيڪي ووٽر لسٽون رکيون ويون آهن انهن ۾سنڌ جي مستقل رهندڙن جا ووٽ سندن مرضيءَ کانسواءِ اليڪٽورل رولز جي خلاف ورزي ڪندي سندن اباڻن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون دي اليڪٽورل ائڪٽ 1974ع ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ناهي ته اليڪشن ڪميشن يا نادرا اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1973 جي سيڪشن 7 سب سيڪشن (1) مطابق ”ڪنهن به شخص کي ان علائقي جو رهائشي تصور ڪيو ويندو،جنهن انتخابي علائقي ۾هو عام طور رهائش پذير آهي، يا ڪنهن گهر جو مالڪ يا (مسواڙي) طور رهائشي آهي ياوري ان علائقي ۾ وٽس ڪا متحرڪ يا غير متحرڪ ملڪيت آهي.“پر نادرا پاران تيار ڪيل غير حتمي ووٽر لسٽن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ ۾ درج ٿيل مستقل پتي کي بنياد بڻائي ڪراچي ، حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ رهائشي لکين ووٽرن جا نالا بناڪنهن سبب ۽ اطلاع جي سندن مستقل پتن وارن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن جيڪو سراسر غلط آهي ڇو ته اهڙو اهم فيصلو ڪرڻ کان پهريان ان ووٽر کي اهڙي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ انتظاميه جو فرض آهي، ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1973 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (2) مطابق، جيڪڏهن ڪنهن به شخص وٽ هڪ کان وڌيڪ علائقن ۾ گهر يا رهائش جو ڪو ٻيو وسيلو آهي ته اهو سندس اختيار ۽ مرضي آهي ته هو ڪنهن به هڪ علائقي ۾ ووٽ داخل ڪرائي سگهي ٿو، ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (3) تحت جيڪڏهن ڪو به شخص ڪنهن به علائقي ۾سرڪاري ملازم يا ٻيو ڪو به سرڪاري منصب رکندڙ آهي ته کيس ان علائقي جو رهواسي تصور ڪيو ويندو ۽ هو پنهنجي مقرريءَ واري هنڌ تي ووٽ داخل ڪرائيندو.پر جيڪڏهن هو اهڙي منصب يا نوڪريءَ تي نه رهيو آهي ته پوءِ هو رجسٽريشن آفيسر وٽ لکت ۾ درخواست ڏئي ٻئي علائقي ۾ ووٽ داخل ڪرائي سگهي ٿو. ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 7 جي سب سيڪشن (4) مطابق اهڙي سرڪاري ملازم يا سرڪاري منصب رکندڙ شخص جي گهرواري ۽ ٻارن کي به ان علائقي جو رهائشي تصور ڪري سندن ووٽ به مقرريءَ واري علائقي ۾ داخل ڪيو ويندو.ساڳئي قانون جو سيڪشن 11 چوي ٿو ته، ڪنهن به ووٽر جو ووٽ ووٽر جي درخواست کانسواءِ هڪ انتخابي علائقي کان ٻئي انتخابي علائقي ۾ منتقل نٿو ڪري سگهجي. ووٽر لسٽن جي تياريءَ واري قانون 1974 جي سيڪشن 18 مطابق ووٽر فهرستن ۾ داخلا ۽ درستگيءَ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. جڏهن ته هتي اهو اختيار نادرا استعمال ڪري رهي آهي.جيڪا آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي.ووٽر لسٽن جي تياريءَ جي سلسلي ۾1973 جي آئين جي سيڪشن 218 جي سب سيڪشن (3) تحت اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اها آزاد، شفاف ۽ ايمانداراڻين چونڊن لاءِ اهڙا بندوبست ڪري، آئين جي سيڪشن 219 سب سيڪشن (اي) تحت اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ ووٽر لسٽون تيار ڪري ۽ انهن تي هر سال نظر ثاني ڪري. آئين جي سيڪشن 222 جي سب سيڪشن (سي) تحت اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اُها تڪ ۾ رهائش پذير (اهل ووٽرن)تي مشتمل ووٽر لسٽ تيار ڪري.هن سيڪشن ۾ ڪٿي به عارضي ۽ مستقل رهائشيءَ جي ڳالهه ٿيل نه آهي.اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندي پنهنجو ڪم نادرا حوالي ڪيو.
    عوامي آواز کي مليل ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن موجب ملڪ ۾ 2007ع دوران ڪل 8 ڪروڙ 12 لک 13 هزار 620 ووٽ داخل ٿيل هئا جن مان هڪ ڪروڙ 14 لکن کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري 8 ڪروڙ 7 لک 24 هزار 9 ووٽن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي،انهن ۾ سنڌ جا پراڻا هڪ ڪروڙ 97 لک 52 هزار 843 جنهن 2007ع جا تصديق شده ووٽ 91 لک 54 هزار 456 آهن ۽ غير تصديق شده ووٽ هڪ ڪروڙ 5 لک 98 هزار 387 جڏهن ته 86 لک 18 هزار 587 ووٽن تي نادرا اعتراض واريو آهي ۽ نئين ووٽرلسٽن موجب سنڌ جا هاڻي هڪ ڪروڙ 77 لک 73 هزار 43 ووٽ داخل ٿيل آهن.پنجاب جا 2007ع ۾ 4 ڪروڙ 51 لک 47 هزار 994 جنهن ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 94 هزار 918 تصديق ٿيل ۽ هڪ ڪروڙ 83 لک 53 هزار 76 ووٽ غير تصديق ٿيل آهن جڏهن ته هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن موجب 4 ڪروڙ 70 54 هزار 149 ووٽ آهن،خيبرپختونخواهه جا 2007ع ۾ هڪ ڪروڙ 8 لک 4 هزار 696 ووٽ آهن جن مان 61 لک 28 هزار 905 تصديق ۽ 46 لک 75 هزار 791 غيرتصديق ٿيل ووٽ آهن جڏهن ته نئين ووٽرلسٽن ۾ ان صوبي جا هڪ ڪروڙ 16 لک 42 هزار 122،بلوچستان جا 2007 جي ووٽرلسٽن موجب 42 لک 28 هزار 970 ووٽ آهن جن مان 14 لک 58 هزار 832 تصديق ۽ 27 لک 70 هزار 144 ووٽ غيرتصديق ٿيل آهن يعني هاڻي ڪل 30 لک 4 هزار 464 ووٽ آهن،فاٽا جا 2007ع ۾ 12 لک 79 هزار 111 ووٽ داخل ٿيل هئا جن مان 4 لک 90 هزار 456 ووٽ تصديق ۽ 7 لک 88 هزار 655 غيرتصديق ٿيل آهن جڏهن ته هاڻوڪين لسٽن موجب 12 لک 50 هزار 231 ووٽ داخل ٿيل آهن جيڪي هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽون ليکيون وينديون.سنڌ جي ضلعن جي ووٽن جا هيٺيان تفصيل آهن.بدين ۾ 2007ع ۾ 5 لک 66 هزار 213 ووٽ هئا جيڪي نئين ووٽرلسٽن ۾ انهن جو تعداد 5 لک 64 هزار 700،ڪراچي ۾ پراڻا 66 لک 34 هزار 238 ۽ نوان ووٽ 68 لک 2 هزار 497،دادو ۾ 8 لک 31 هزار 479 ۽ نئين ۾ 5 لک 52 هزار 644،گهوٽڪي ۾ پهريان 5 لک 79 هزار 634 ۽ نون ۾ 5 لک 36 هزار 303،حيدرآباد ۾ پهريان 11 لک 29 هزار 49 ۽ هاڻي نوان 9 لک 22 هزار 214،جيڪب آباد ۾ پهريان 4 لک 57 هزار 501 ۽ هاڻي 3 لک 82 هزار 502،ڄامشورو ۾ پهريان 5 لک 4 هزار 351 ۽ هاڻي 3 لک 58 هزار 397،ڪشمور ۾ پهريان 3 لک 90 هزار 462 ۽ هاڻي 3 لک 9 هزار 364،خيرپور ۾ پهريان 10 لک 96 هزار 170 ۽ هاڻي 7 لک 76 هزار 283،لاڙڪاڻي ۾ پهريان 7 لک 25 هزار 489 ۽ هاڻي 5 لک 55 هزار 281، مٽياري ۾ پهريان 2 لک 75 هزار 7 ۽ هاڻي 2 لک 80 هزار 456،ميرپورخاص ۾ پهريان 6 لک 41 هزار 274 ۽ هاڻي 5 لک 58 هزار 437،نوشهروفيروز ۾ پهريان 7 لک 68 هزار 624 ۽ هاڻي 5 لک 22 هزار 94،سانگهڙ ۾ پهريان 6 لک 93 هزار 972 ۽ هاڻي 7 لک 51 هزار 755،شهدادڪوٽ ۾ پهريان 3 لک 12 هزار 391 ۽ هاڻي 4 لک 62 هزار 574،شهيد بينظيرآباد ۾ پهريان 6 لک 32 هزار 39 ۽ هاڻي 5 لک 96 هزار 763،شڪارپور ۾ پهريان 5 لک 12 هزار 755 ۽ هاڻي 4 لک 71 هزار 192، سکر ۾ پهريان 5 لک 35 هزار 551 ۽ هاڻي 5 لک 4 هزار 665،ٽنڊوالهيار ۾ پهريان 2 لک 63 هزار 479 ۽ هاڻي 2 لک 65 هزار 831،ٽنڊومحمد خان ۾ پهريان 2 لک 87 هزار 887 ۽ هاڻي 2 لک 8 هزار 100،ٿرپارڪر ۾ پهريان 4 لک 93 هزار 918 ۽ هاڻي 4 لک 50 هزار296،ٺٽي ۾ پهريان 8 لک 12 هزار 567 ۽ هاڻي 6 لک 6 هزار 971،عمرڪوٽ ۾ پهريان 6 لک 8 هزار 793 ۽ هاڻي 3 لک 23 هزار 724 ووٽ داخل ٿيل آهن.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا سنڌ جي آبادي انهن چئن سالن ۾ وڌي ئي نه آهي ۽ رهندو کٽي رهي آهي جو 10 لکن کان وٺي ووٽ گهٽايا ويا آهن ان جا ڪهڙا سبب آهن ان جي باقاعدا ڇنڊڇاڻ ڪرائي وڃي ۽ ووٽرلسٽن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ واري مدي ۾ واڌ ڪري صحيح نموني سان ڪم کي جاري رکيو وڃي.​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو