نه سنوار وارَ ڪارا، متان ڪا نظر لڳيئي، نه نپاءِ نانگ نيارا، متان ڪا نظر لڳيئي. هيءَ سياهه مار وانگر جيڪي دوش تي لُڏن ٿا، اهي بند ڪر خدارا، متان ڪا نظر لڳيئي. ڪري ناز نئين طرح جا، نه ستاءِ عاشقن کي، اي حسين، حسن وارا، متان ڪا نظر لڳيئي. تون اڳيئي آهين، سڀني وصفين تمام سهڻو، نه سينگار ايڏو پيارا، متان ڪا نظر لڳيئي. نه بناءِ يار ايڏو ”مدهوش“ کي ديوانو، اکڙين جا جهل اشارا، متان ڪا نظر لڳيئي. ”مدهوش“
جواب: نه سنوار وارَ ڪارا، متان ڪا نظر لڳيئي، نه بناءِ يار ايڏو ”مدهوش“ کي ديوانو، اکڙين جا جهل اشارا، متان ڪا نظر لڳيئي. هل سائين عرس ۔۔۔۔۔۔۔ صفا عشق جي رمزن سان تار شاعري ونڊ ڪئي اٿئي۔ احمد خان مدهوش سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ، سندس خوبصورت شاعري ۽ اوهان جي ڊزائن به اصل هن غزل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔ هاڻي ته رشيد کي داد ڏيڻو ئي پوندو ۔۔۔۔
جواب: نه سنوار وارَ ڪارا، متان ڪا نظر لڳيئي، نه بناءِ يار ايڏو ”مدهوش“ کي ديوانو، اکڙين جا جهل اشارا، متان ڪا نظر لڳيئي. خوبصورت خيال دلڪش ڊيزائين