سنگت منهنجو فيسبوڪ پروفائيل ڪنهن ٻئي دوست جي پروفائيل تي ويم ته غلطي سان ڪلڪ ٿي وڃڻ سبب ٽائيم لائين تي تبديل ٿي ويو آھي جيڪڏهن اوهان کي سُڌ آھي ته مهرباني ڪري ٻڌايو ٽائيم لائين ڪيئن ختم ڪريان ۽ پنهنجي ساڳئي پروفائيل تي ڪيئن بيڪ ٿيان مهرباني ڪريو پليز _!!!
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! ادا سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي وڃو ۔ اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! يعني ته ٽائيم لائين مان ڪافي دوست بيزار آهن ۔ بهرحال سائين محمد سليمان جن جي لنڪ تي وڃي اسان جي محترم سائين عبدالرشيد جن ٻڌايل علاج تي عمل ڪندا ته توهان جي فيس بوڪ جي صحت پهرئين وانگر بحال ٿي ويندي۔
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! اڪثر دوست نتيجو نه ٻڌائيندا آهن۔ دوستن کي اها گزارش آهي ته جڏهن توهان ڪو مسعلو سنڌسلامت جي پليٽفارم تي آڻيندا آهيو ته مهرباني ڪري ان جو نتيجو ڇا نڪتو اهو به ٻڌائيندا ڪريو ته توهان جو مسعلو حل ٿي ويو يا اڃان مدد جي ضرورت آهي۔
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! ادا سائين رشيد سمون جي ڏنل طريقي کي آزمائي چُڪو آھيان پر مسعلو حل نه ٿيو آھيئ۔۔۔۔
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! ادا اوهان ڪهڙو برائوزر پيا استعمال ڪيو۔ مهرباني ڪري ان برائوزر کي اپڊيٽ ڪري نئون ورجن انسٽال ڪيو ۽ پوء ادا رشيد واري نسخي کي آزمايو
جواب: سنگت مهرباني ڪري مسعلو حل ڪريو۔۔!!!! ادا عرفان جيڪڏهن توهان پنهنجي فيسبڪ فروفائل جي Snapshot فوٽو ۽ ڪهڙو انٽرنيٽ برائزر استعمال ڪري رهيا آهيو ان جي ڄاڻ ڏيندا ته مسعلي کي وڌيڪ غور سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي۔