رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سڀ آسودا هجن جيءُ هيئن ٿو گهري
۽ نه بک بر ٿين جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪپڙا سڀ جي بدن تي پوشاڪون هجن
گهر اجهي سڀ هجن جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪين ڏٻرا ڏوٿي ڪي ٿين ڏيه ۾
سڀ سکيا ٿي رهن جيُ هيئن ٿو گهري
کيت کيڙيل هجن سبز ساوڪ سڄا
سانگي سک سان رهن جيءُ هيئن ٿو گهري
۽ چلهو سڀ ٻري ان جا انبار ٿين۔۔۔۔۔
ڪين کرار کٽن جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪون قتلام ٿي امن هت عام ٿي
نه جيل م جيءَ جلن جيءُ هيئن ٿو گهري
۽ نه بک بر ٿين جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪپڙا سڀ جي بدن تي پوشاڪون هجن
گهر اجهي سڀ هجن جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪين ڏٻرا ڏوٿي ڪي ٿين ڏيه ۾
سڀ سکيا ٿي رهن جيُ هيئن ٿو گهري
کيت کيڙيل هجن سبز ساوڪ سڄا
سانگي سک سان رهن جيءُ هيئن ٿو گهري
۽ چلهو سڀ ٻري ان جا انبار ٿين۔۔۔۔۔
ڪين کرار کٽن جيءُ هيئن ٿو گهري
ڪون قتلام ٿي امن هت عام ٿي
نه جيل م جيءَ جلن جيءُ هيئن ٿو گهري