• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهي ڍول ڍاٽي

اهي ڍول ڍاٽي ڏسي نيڻ ٺاريان
اهي سنڌ واسي ڏسي نيڻ ٺاريان
هي اڙبنگ هي ارڏا اهي سنڌي سوره
نه ٿين شل اداسي ڏسي نيڻ ٺاريان
سدان مرڪ جن جي ته مک تي ٺهي ٿي
اندر جن لئه آسي ڏسي نيڻ ٺاريان
ڏيو جڳ واڌايون اسان ڀي پيا ڪاهيون
نه جي جيءَ اڻاسي ڏسي نيڻ ٺاريان
وڌن پيا ٻڌي هو وڏا ونگ پٽڪا
کُٽي پل اماسي ڏسي نين ٺاريان
اهي ديس دلبر اهي ڀونءِ ڀائر
آهيان جن لئه پياسي ڏسي نيڻ ٺاريان
 
جواب: اهي ڍول ڍاٽي

تمام سهڻا احساس

ماروئڙن کي بهترين انداز ۾ ياد ڪرڻ ڪو اوهان کان سکي۔
 
جواب: اهي ڍول ڍاٽي

بس سائين سليمان ڀائو ڪچا ڦڪا احساس اوهان ڀائرن سان پيا ونڊيون۔۔۔توهان کي جنم ڏينهن به مبارڪ هجي شال سدائين ٻهڪندا رهو جرڪندا رهو
 
Back
Top