ڇا سنڌ ۾ پاڻيءَ جا فطري لنگهه بحال ٿي سگهندا؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    محمد ادريس راجپوت

    تازو سنڌ اسيمبلي سنڌ اريگيشن ايڪٽ ۾ ترميم جو قانوني بل يڪراءِ منظور ڪري ورتو، جنهن تحت فطري ڍورن، پاڻي جي قدرتي وهڪرن ۽ لنگهن تي قبضا ڪندڙن کي 10 سالن جي ٽيپ، ڏهه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي ۽ انهيءَ ڏوهه جي ضمانت نٿي سگهندي. ترميم آبپاشي کاتي جي قانون 1879ع جي سيڪشن 62 ۾ واڌارو ڪري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سڀني قدرتي ڍورن، قدرتي لنگهن ۽ قدرتي وهڪرن جي ملڪيت پاڻمرادو سنڌ سرڪار کي منتقل ٿي وئي آهي ۽ اها زمين هاڻي ڀلي ڪنهن وٽ به هجي ۽ ڪنهن به اختياري ڪنهن کي مقاطي تي ڏني هجي، ڀلي اها زمين ڪنهن عدالتي فيصلي هيٺ ڪنهن شخص کي مليل هجي، پر هاڻي اها زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت هوندي ۽ سرڪار اها زمين خالي ڪرائي سگهندي. ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته هن قانون جي لاڳو ٿيڻ جي 7 ڏينهن اندر اها زمين سرڪار خالي ڪرائيندي ۽ ان لاءِ 7 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو ويندو. ان کان پوءِ جيڪو به شخص اها زمين خالي نه ڪندو، اُن کي 10 سال ٽيپ ۽ 10 لک روپين تائين ڏنڊ جي سزا ملندي ۽ ان ڪيس ۾ ضمانت نه ٿي سگهندي.

    انهيءَ سوال جو جواب ڳولهڻ لاءِ ته ڇا ڍورن جي بحاليءَ جي پروگرام تي عمل ٿي سگهندو، يا نه؟ اچو ڏسون ته ڍورا آهن ڪهڙا، انهيءَ جي بحالي جو ڪهڙو پروگرام آهي، اهي گهڻي وقت ۾ بحالي ڪرڻا آهن ۽ انهن کي بحال ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڏکيائون آهن؟

    (1) ڍورا:

    سنڌ ۾ جيڪي ڍورن جا نالا ڳڻيا وڃن ٿا، سي آهن سوهڻي، ڊگري، ڀائي خان، هاڪڙو، پٿورو، نارو، سرفراز، پراڻ. ڪِن ڍورن جا وري ٻه ٻه ٽي ٽي نالا به آهن، پر مکيه ڍورا جن ۾ ٻيا ڍورا ڇوڙ ڪن ٿا، سي آهن نارو ڍورو، هاڪڙو ڍورو، سوهڻي يا ڀائي خان ڍورو ۽ پراڻ ڍورو. انهن جا تفصيل ڪجهه هيٺين ريت ڏجن ٿا.

    ڍورو نارو: اهو ڍورو هيٺين نارا ڪئنال جي پڇڙي کان شروع ٿئي ٿو ۽ نئون ڪوٽ شهر وٽ ڍورو پراڻ ۾ ملي ٿو. اهو ڍورو هيٺين نارا ڪئنال، کپرو ۽ مٺڙائو واري ايراضين جو برساتي پاڻي کڻي ڍورو پراڻ ۾ پهچائي سگهي ٿو.

    ڍورو هاڪڙو: اهو سامارو کان هيٺ شروع ٿئي ٿو ۽ نئون ڪوٽ وٽ ڍورو نارو سان ملي ڍورو پراڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي نبي سر ۽ مٺڙائو ڪئنال جو سامارو شهر جي ڏاکڻي پاسي وارو پاڻي ڍورو پراڻ ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهي ٿو.

    سوهڻي يا ڀائي خان ڍورو: هي ڍورو شهدادپور شهر جي اُتر ۾ علي بحر برانچ جي ساڄي پاسي کان شروع ٿئي ٿو ۽ شهدادپور شهر جي ساڄي پاسي کان لنگهي ٿو. ٻيراڻي ۽ ٽنڊو آدم کان لنگهي هي هڪ ڳوٺ داسوڙي وٽ بند ٿي وڃي ٿو، تنهن کان پوءِ هي وري ٽنڊو الهيار شهر کان هيٺ ڀائي خان جي نالي سان شروع ٿئي ٿو ۽ نصير برانچ جي ساڄي پاسي کان ٽنڊو غلام علي، راڄو خاناڻي کان ٿيندو ٽنڊي باگي تي وڃي پورو ٿو ٿئي. انهيءَ کي ٽنڊو غلام علي وٽ ايل بي او ڊي برانچ ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرائي وري اسپائنل ڊرين ۾ يا ڍورو پراڻ ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهجي ٿو. هي ڍورو مٿين حصي ۾ شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار واري ايراضين جو پاڻي کڻي سگهي ٿو ۽ هيٺين حصي ۾ ٽنڊو الهيار، چمبڙ، شيخ ڀرڪيو، گلاب لغاري، ماتلي ۽ راڄو خاناڻي تائين جو پاڻي ڪڍي سگهي ٿو.

    پُراڻ ڍورو: هي ڍورو جهلوري، ميرپورخاص وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ مير واهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو اسٽيشن، نئون ڪوٽ، پنگريو، ڪلوئي کان ٿيندو نيٺ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ميرپورخاص مين ڊرين اِن ڍوري سان گڏ هلي 297 آر ڊي تي اسپائنل ڊرين ۾ ڪري ٿي، اتان اسپائنل ڊرين ڍورو پراڻ کان پري ٿي وڃي ٿي، پر ڪيترن هنڌن تي ان کي ڪٽي ٿي. 159 آر ڊي تي ريگيوليٽر اسپائنل ڊرين ۾ ايندڙ پاڻي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هڪڙي پاسي ڪي پي او ڊي آهي ته ٻئي پاسي ڊي پي او ڊي آهي. KPOD بروقت پاڻي شاهه سمندو کوري پاسي هليو وڃي ٿو ۽ DPOD معرفت شڪور ڍنڍ ۾ هليو وڃي ٿو.

    (2) بحاليءَ وارو پروگرام:

    سيڊا ۽ آبپاشي واري کاتي سال 2011ع جي برساتن جي ٿيل نقصانن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڍورن کي جيارڻ لاءِ ٻه پروگرام ٺاهيا آهن، هڪڙو آهي يڪدم ڪرڻ وارا ڪم، جيڪي هينئر شروع ڪبا ۽ جون 2012ع معنيٰ هن سال جون تائين پورا ڪبا. ٻيا اپريل ڌاري شروع ڪبا ۽ ايندڙ سال جون تائين پورا ڪبا. پهرين لاءِ هڪ پي سي ون ڏيڍ ارب روپين جو ٺاهيو ويو آهي، جيڪو منظور به ٿي ويو آهي ۽ جنهن لاءِ ڏيڍ ارب روپيا به رليز ٿي ويا آهن. ٻيو ساڍا ٽي اربن جو آهي، جيڪو منظوري هيٺ آهي. ڍورن جي بحاليءَ جي مٿين ٻن پروگرامن ۾ جيڪي ڪم تجويز ڪيا ويا آهن، سي 3 آهن. پهريون آهي ”ڍورن جو جيارڻ“ جنهن ۾ ڍورو پراڻ، شڪور ڍنڍ تائين، سوهڻي ڍورو شهدادپور ٽنڊو الهيار تائين، ڀائي خان ڍورو ٽنڊو غلام علي تائين اچي وڃن ٿا. انهن ڍورن ۾ في الحال وچ ۾ ننڍو واهه (Curette) کوٽيو ۽ جتي ڳنڍيل ٺاهي رکي ڳنڍبو. 277 آر ڊي کان هيٺ ڍورو پراڻ ڪڏهن ايل بي او ڊي اسپائنل جي کاٻي ٿو وڃي، ڪڏهن اُن سان گڏ ۽ ڪڏهن ساڄي. انهيءَ کي کاٻي پاسي وهائڻ لاءِ ايل بي او ڊي هيٺان سائفن ٺاهيا ته جيئن اُهو زنده ٿي وري هلي، وري جتي هي اسپائنل ۾ استعمال ٿي ويو آهي، اُتي کاٻي پاسي نئون ڍورو کوٽبو. انهيءَ لاءِ جون 2012ع تائين ساڍا ڇهه ڪروڙ ۽ جون 2013ع تائين ساڍا ايڪهٺ ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. ٻيو آهي هيرل واهه، ڍورو نارو ۽ فقير محمد ۾ پاڪٽ ڊرين ٺاهڻ. انهيءَ ۾ جهڏو ۽ نئون ڪوٽ کي باءِ پاس ڏيڻ به شامل آهي. انهيءَ ڪم تي هن سال جون تائين 3 ڪروڙ ۽ جون 2013ع تائين 18 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. ٽيون آهي سرفراز ڍورو، جنهن کي ڊگري ڍورو به چون ٿا، تنهن کي جيارڻ ۽ ڊگري شهر کي باءِ پاس ڏيڻ. انهيءَ تي هن سال 70 لک ۽ ايندڙ سال ٻه ڪروڙ ست لک روپيا رکيا ويا آهن. اهي ڪم يڪدم فرحت (Relief) ڏيڻ لاءِ آهن. نه ته سڄو پروگرام جيڪو لوئيس برگر ڪنسلٽنٽ ٺاهيو آهي، جنهن کي هو تصوراتي منصوبو (Conceptional plan) چون ٿا، ڍورن جي حوالي سان هن طرح آهي.

    پراڻ ڍورو: 14.445 ارب روپيا، نبي سر نارو ڍورو: 0.518 ارب روپيا، هاڪڙو ڍورو: 2.462 ارب رپيا، سوهڻي ڍورو 2.78 ارب روپيا، ڀائي خان ڍورو: 2.115 ارب روپيا، ڊگري يا سرفراز ڍورو: 0.263 ارب روپيا، پٿورو ڍورو: 0.431 ارب روپيا، پنگريو، خيرپور گمبوه ۽ روشن آباد واريون ايراضيون: 0.481 ارب روپيا. ٽوٽل ٿئي ٿو 23.495 ارب روپيا. انهن سڀني ۾ کوٽائي جو ڪم، بندن تي مٽي وجهڻ ۽ اڏاوتون شامل آهن، جيڪڏهن پئسا ملي وڃن ته اهي ڪم 5 سالن ۾ ٿي سگهندا.

    (3) بحالي ڪرڻ ۾ ڏکيائون:

    آبپاشي ۽ پاڻي نڪاسي وارو نظام ٺهڻ کان اڳ بند به ڪو نه هئا. سنڌو درياهه ڇاڙن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ پوندو هو. برساتن واري وقت ۾ منهن جو پاڻي انهن ڇاڙن معرفت هيٺ وهي ويندو هو. آبپاشي نظام جي ترقي سان گڏ بند ٺهيا ۽ نڪاسي وارو نظام به آيو. سوسائٽي ترقي ڪئي، روڊ رستا ٺهيا، ماڻهن جو انگ وڌيو، کاڌي ۽ خوراڪ جون گهرجون وڌيون، آبادين تي دٻاءُ وڌيو، ماڻهن انهن لنگهن ۽ رستن ۾ پوکون شروع ڪيون. ڳوٺ ۽ شهر ٺهيا، مثال طور جهنڊو، نئون ڪوٽ ۽ ڊگهڙي وارا شهر انهن دريائي يا برساتي لنگهن ۾ ٺهيل آهن. وري اسان وٽ وڏيرڪو نظام آهي، جنهن ۾ انهن کي پنهنجي ايريا تي ڪنٽرول آهي ۽ سياسي نظام به انهيءَ سان سهمت ۾ آهي، تنهن ڪري عام طرح قاعدن قانونن تي عمل نٿو ٿئي. هينئر به برساتي پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪٿي ڪٿي اهي ڏکيائون آيون آهن ته ساڳي پارٽي جا چڱا مڙس پاڻي ڪڍڻ ۾ متفق نٿا هجن، نتيجي ۾ ڪيترن ايراضين ۾ پاڻي هينئر به بيٺو آهي. پوءِ جتي ڳوٺ ۽ شهر ٺهيل آهن يا زبردستي آباديون بيٺيون آهن، اتي اهي حددخليون ڪيئن ختم ٿي سگهنديون؟ ٻئي پاسي اها صورتحال آهي ته غير معمولي برساتن ڪري لاڙ ۽ وچولي وارا وڏا ماڻهو به لک مان ڪک ٿي ويا ۽ غريب جي ته حالت ئي نه پڇو. جيڪڏهن هن سال به ساڳي نموني جي برسات پئي ته ڇا سنڌ بچي سگهندي؟ ۽ ڇا حڪومت وارا ماڻهو عوام کي منهن ڏيکاري سگهندا. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي مٿي ٻڌايل بل پاس ڪرايو ويو آهي. جيڪڏهن سزا واري ڳالهه ڇڏي به ڏيون ته ڇا اخلاقي طرح انهن ڍورن کي زنده ڪرڻ جي مخالفت جائز آهي؟ ڇا اسان لکن ماڻهن کي بي گهر ٿي روڊن تي لاچاري واري حالت ۾ ڏسي سگهون ٿا، جيڪي ماني جي هڪ ويلي لاءِ سرڪار ۽ سرندي وارن ڏي نهاريندا؟ انسان وڏو خود غرض ٿئي ٿو، پنهنجي ذاتي فائدن جي ڀيٽ ۾ ٻين ماڻهن جي ڀلي ۽ فائدي کي وساري ٿو ويهي. تنهن ڪري ڪِن بااثر ماڻهن طرفان رنڊڪون اينديون، پر حڪومت جي سامهون ڪير ٿو بيهي سگهي. جيڪڏهن سياسي Will آهي ته ڪير به سامهون نٿو بيهي سگهي ۽ مان محسوس ڪيان ٿو ته حڪومت جي مرضي آهي ته اِها ڍورا ماڻهن جي مفاد لاءِ بحال ٿين. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ سال ٻن تائين ته حڪومت ڍورن جي بحالي وارو ڪم ڪري ويندي، پر جيڪڏهن هي سال يا ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ اهڙا مينهن نه پيا ته انهيءَ بل تي عمل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي Resistance ايندي ۽ ڪم نه ٿي سگهندا. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته Strike the iron while it is heat يعني لوهه کي تڏهن ڌڪ هڻو، جڏهن اُهو تتل هجي. تنهن ڪري حڪومت کي کپي ته جيترو جلد ٿي سگهي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي، ڍورن جي بحالي وارا ڪم ڪرائي ته جيئن ايندڙ برساتن ۾ عوام کي سُک ملي سگهي.



    روزانه ڪاوش 13 مارچ 2012

    ادريس راجپوت صاحب جي شروع کان اها راءِ آهي ته شڪور ڍنڍ ئي بهتر تجويز آهي پر انڊيا جي تڪرار جي ور چڙهيل آهي

    3324 اٽيچمينٽ ڏسو
    شڪور ڍنڍ Shakoor Lake​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 اپريل 2016
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ ۾ پاڻيءَ جا فطري لنگهه بحال ٿي سگهندا؟

    گذريل ٻن سالن ۾ سنڌ کي ٻوڏ قدرتي طرح گهٽ پر سسٽم جي فعال نه هُجڻ وڌيڪ ٻوڙيو آهي۔ الله رحم ڪري۔ ڪاش هي سڀ ڪم ايئن ٿين جين راجپوت صاحب تجويز ڪيا آهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ ۾ پاڻيءَ جا فطري لنگهه بحال ٿي سگهندا؟

    اهو سڀ ايڏو سولو ناهي ۔۔۔۔۔۔۔

    سائين ادريس راجپوت جون ڳالهيون اکين تي پر انهن تي عمل ڪير ۽ ڪيئن ڪرائيندو اهي سوال جواب ڳولين ٿا۔ آبپاشي کاتي جو ڪم لٿو پيو آهي۔ ان کاتي کي ڪو اهل منسٽر کپي۔ سائين مراد علي شاهه سمجهدار ماڻهو هو پر وڏيرن هن کي برداشت ڪونه ڪيو۔
     
  4. محمد امين ڀٽي

    محمد امين ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    سائين ادريس راجپوت جا پاڻيءَ ۽ ڊيمن جي حوالي سان ڪي ڪتاب شايع ٿيا آهن؟
    جيڪڏهن ٿيا آهن ته ڇا انهن جي پي ڊي ايف به موجود آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو