• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

نثارناز

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان ۾ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ پاران عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ هزارين نارين شريڪ ٿي عورتن جي آواز سان آواز ملايو۔

رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز


گُذريل 8 مارچ 2012ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ پاران هڪ عظيم الشان عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جو مهمان خاص سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي هو، ٽنڊو محمدخان جي نارين ۽ معصوم نياڻين پاران عورتن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ واريون تقريرون ٽيبلوز وغيره پيش ڪيا ويا۔ انهي موقعي تي ڳالهائيندي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته مارچ 1911ع ۾ عورتن جو عالمي ڏيهاڙي جو خيال ڪلارا زيٽڪن پيش ڪيو، 8 مارچ عورتن جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت جي مڃتا جو ڏينهن آهي، 1911ع کان اڳ ۾ عورت کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان وٺي پنهنجي حق حلال جي روزگار ڪرڻ جو به حق ڪونه هوندو هوندو هو، اڄ جيڪو عورت پنهنجي حق وٺڻ جي معاملي ۾ سُجاڳ آهي اهو ا91ع ۾ ڪڍيل آسٽريا، جرمني ، آمريڪا ۾ لکين ماڻهن جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ٻي هنڌ ڪيتري به سُجاڳي اچي پر سنڌ جي عورت اڃا به ڪسمپرسي جي حالت ۾ آهي، ننڍي ننڍي ڳالهين تي سنڌي عورت تي ظلم جو پهاڙ ٽوڙيو وڃي ٿو، ڪڏهن کيس ڪارو ڪري ماريو وڃي ٿو ته وري ڪڏهن مرد جي ڪيل جرم جي پاداش ۾ عورت کي سڱ چٽي طور ڀريو وڃي ٿو، اهو ڪٿي جو انصاف آهي غلطي مرد ڪري ۽ ان جو ازالو عورت يا نياڻي ڀري۔ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر منگسي چيو ته ٽنڊو محمدخان جي هزارين عورتن جو هن عالمي ڏينهن ۾ شريڪ ٿيڻ انهي ڳالهه جي نويد آهي ته فضائون تبديل ٿي ويو آهن ، آزادي ۽ آجپو اسان سنڌين جو نصيب ٿيڻ وارو آهي، صرف ٿوري همت ۽ محنت جي ضرورت آهي ڊاڪٽر قادر منگسي ٽنڊو محمد خان جي نارين کي لک شاباسون ڏنيون ته هو پنهنجي حقن جي حاصلات لا ايڏي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي وڏن طوفانن جا رُخ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون۔ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته توهان ڪافي ڀيرا ڀوتارن کي ، مسلم ليگين ۽ پيپلز پارٽي وارن کي آزمايو آهي پر هڪ ڀيرو توهان قوم پرستن کي به آزمائي ڏسو، ۽ قوم پرست ڪڏهن سنڌ ما جو سودو ڪونه ڪندا، پنهنجي جان جي قرباني ڏئي به سنڌ ۽ سنڌيت جي لاڄ رکندا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳوان ڊاڪٽر احمد نوناري ٽنڊو محمد خان جي نارين کي شاباسون ڏيندي چيو ته هزارن نارين جو اڄوڪي ڏينهن تي هتي گڏ ٿيڻ انهي ڳالهه جو سنديسو آهي ته توهان مفاد پرست ٽولي کان بيزار آهيو، جيڪڏهن توهان سنڌ امڙ جي سينڌ سائي ڏسڻ ٿيون چاهيون ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پليٽ فارم تان متحد ٿي سنڌ جي ازلي دشمنن سان ويڙهه ڪريو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما نصرت چنا چيو ته ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي جي محنت کي سلام آهي جو عورتن جي هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمدخان جي ڀينرن کي سئو فيصد انهي عظيم ڏينهن ۾ شموليت جو موقعو ڏنو آهي، جنهن مان ثابت پيو ٿئي ته ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان انتهائي فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پٿر دنيا ڊرامي ۾ وڏيري جو ڪردار ادا ڪندڙ وڏيري سڪينه (نوشين شيخ) چيو ته ٽنڊو محمد خان جي ڀيڻن کي سلام آهي جو هُو پنهنجي حقن جي حاصلات لا ايڏي وڏي تعداد ۾ هتي گڏ ٿيون آهن انهي جو سهرو محترما ثمينه خاصخيلي جي سر تي آهي جو ظلم جي خلاف هن شهر جي نارين کي سُجاڳ ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي۔ آخر ۾ حيدرآباد ڊويزن ناري تحريڪ جي ثمينه سومرو چيو ته اڄ ٽنڊو محمد خان ۾ هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي ۾ شرڪت ڪري تمام گهڻي خوش ٿي آهي۔ ٽنڊو محمد خان جي ڀينرن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هاڻي تبديلي اچڻ واري آهي، عورتن جي هن عالمي ڏينهن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي مٿي ڄاڻايل ماڻهن کان علاوه معظم خاصخيلي، ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر رضا خاصخيلي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته هن سموري تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض محترما فرزانه شاهه سرانجام ڏنا۔​

هاڻ پيش آهي هن ڏهاڙي جون تصويري احوال​
430179_10150669381268216_794048215_9365192_684205971_n.jpg

عورتن جي ڏينهن جي حوالي سان بنايل پينا فليڪس جو بينر

420611_10150669863743216_794048215_9366524_1420238687_n.jpg

محترما فرزانه شاهه هن ڏينهن جي تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري هُئي

430662_10150669576923216_794048215_9365789_225350770_n.jpg

سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي سڀني آيل مهمان عورتن ۽ خاص مهمانن کي ڀليڪار چئي رهي آهي

428238_10150671338968216_794048215_9371934_2031812586_n.jpg


429668_10150671340418216_794048215_9371941_1660400387_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي عورت ڏينهن جي حوالي سان مخاطب آهي جڏهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو لوگو نروار آهي

429061_10150669869298216_794048215_9366554_1370805542_n.jpg

ٽنڊومحمد خان جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر جي ايم گُل عورت ڏينهن جي مناسبت سان تقرير ڪري رهيو آهي

423063_10150669875268216_794048215_9366591_1849745909_n.jpg


429847_10150669396703216_794048215_9365255_196567288_n.jpg

ٽنڊو محمدخان جون ٻه نياڻيون عورت ڏينهن جي حوالي سان تقريرڪري رهيون آهن

426921_10150669403653216_794048215_9365342_753064480_n.jpg


417722_10150669405233216_794048215_9365362_1725928165_n.jpg

ٽنڊومحمدخان جون معصوم نياڻيون عورت ڏينهن جي مناسبت سان آيل سڀني مهمانن لا هڪ آجياڻي وارو ٽيبلو پيش ڪري رهيون آهن​
 
جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪُجهه وڌيڪ تصويرون عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي واريون

419065_10150669391258216_794048215_9365231_105713069_n.jpg


431729_10150669391438216_794048215_9365232_1899191821_n.jpg


420801_10150669390398216_794048215_9365227_704199617_n.jpg


418447_10150669575553216_794048215_9365786_465969950_n.jpg


421752_10150669390188216_794048215_9365226_239027738_n.jpg


64145_10150669389968216_794048215_9365225_780139413_n.jpg

8 مارچ تي 2012ع تي ٽنڊو محمد خان م ملهايل عورتن جي عالمي ڏينهن واري تقريب ۾ شامل ناريون

425326_10150669397043216_794048215_9365258_281950049_n.jpg


419408_10150670300888216_794048215_9368584_1289018660_n.jpg


419009_10150670301653216_794048215_9368588_2124467417_n.jpg


424231_10150670310178216_794048215_9368596_47320485_n.jpg

سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران ملهايل عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي نياڻيون مختلف قسم جا ٽيبلوز پيش ڪري رهيون آهن​
 
جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

سائين نثار ناز سلام

اوهان ٽنڊو محمد خان ۾ اڄڪلهه ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ گهڻو مصروف نظر اچي رهيا آهيو۔ اهڙي صحتمند سرگرمين جي ضرورت به آهي۔ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ٽنڊو محمد خان ۾ هي هڪ اهم تقريب ٿي آهي۔ ناري تحريڪ جي ڀينرن کي جس هجي۔

اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪئي آهي۔
 
Back
Top