[JUSTIFY]سنڌي ٻوليءَ جو مغربي محقق ارنيسٽ ٽرمپ، 13 مارچ 1828ع تي، جرمنيءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جارج ٿامس ٽرمپ هو، جيڪو هاري هو ۽ گذر سفر لاءِ ڪڏهن ڪڏهن واڍڪو ڪم ڪندو هو. -ارنيسٽ ٽرمپ- چئن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. سندس انهيءَ شوق کي ڏسندي سندس والد کيس ڀر واري هاءِ اسڪول ۾ تعليم لاءِ موڪليو، جتي هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکيون، 17 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن امتحان پاس ڪري ورتو. ٽرمپ جي مائٽن کيس پادري بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن کي ڏکڻ جرمنيءَ جي مشهور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن نه فقط مذهبي علمن جو مطالعو ڪيو، پر مختلف ٻولين جو اڀياس پڻ جاري رکيو. ٽرمپ کي عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جرمنيءَ کان پوءِ هي لنڊن پهتو، جتي هڪ پرائيويٽ اسڪول مان يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙهڻ کان پوءِ ايسٽ -انڊيا- هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي، کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ -برطانيا- سرڪار به هن جي اهڙن ڪتابن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. 1854ع ۾ هو پهرين بمبئي پهتو، جتي اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو پادري ٿيو ۽ اتي رهائش دوران فارسي زبان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيائين، جو -ان- ۾ انگريزي ”ڪامن پرائمر بڪ“ جو ترجمو ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي بنيادي پروگرام موجب ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ جي آبهوا ابتدا ۾ هن تي خراب اثر ڪيو، جنهن ڪري ”چرچ مشن“ طرفان هن کي علاج جي خيال سان فلسطين موڪليو ويو، جتي هن عربي زبان جو اڀياس جاري رکيو. فلسطين ۾ رهندي، هن جي هڪ انگريز خاتون سان ملاقات ٿي، جنهن سان 1856ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ به ڄائو. هي صاحب 1856ع ۾ وري ڪراچيءَ آيو، جتي هن جي گهرواري بيمار ٿي پئي ۽ آخر گذاري وئي. سال کن بعد وري جرمنيءَ ويو، اتي ٻي شادي ڪري وري سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ ٿورو وقت اچي سنڌ ۾ رهيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو ته اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ۽ پاڻ هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، -ان- جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان -ان- کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا 26 سر ڏنل آهن. -ان- کان اڳ ۾ 1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جا بيت درج ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي صاحب ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌونديءَ رستي 22 ڏينهن جي لاڳيتي مسافريءَ کان پوءِ لاهور پهتو ۽ اتان وري پشاور پهتو، جتي هن پشتو ۽ ڪافري ٻولين جو مطالعو ڪيو. هن ’براهوي زبان‘ جو به سٺو مطالعو ڪيو، پشاور ۾ رهندي وري طبيعت خراب ٿي پيس ۽ وطن موٽي ”اسٽگارٽ“ شهر ۾ وڃي رهيو، جتي به مشرقي ٻولين جو مطالعو جاري رهيس. 1864ع ۾ پفلنگن شهر ۾ پادري مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيائين اتي جرمن گهرواريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيس. 1870ع ۾ برطانوي سرڪار هن کي سِکن جي مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ جي ترجمي جي آڇ ڪئي. 1872ع ۾ گرنٿ جو ترجمو مڪمل ڪيائين، جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن سان هن کي وڏي شهرت ملي. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتي هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مسلسل مطالعي ۽ لکپڙهه سبب سندس -اکيون- موڪلائي ويون، جنهن تي هن کي سخت صدمو پهتو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ذهني مريضن جي اسپتال ۾ گذريا. 5 -اپريل- 1885ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سنڌي ٻوليءَ جي -باري- ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. 19 هين صديءَ جي آخر ڌاري سندس قائم ڪيل اهي رايا اڄ به ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا وڃن ٿا. البت سندس اهو رايو ته ”سنڌي -ٻولي- نج سنسڪرتي -ٻولي- آهي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آهي“، اڄ جي لسانيات جي ماهرن جي نظر ۾ رد ٿي چڪو آهي. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جنهن ۾ هن سنڌيءَ جون ڪيتريون بناوٽون شاهه لطيف جي بيتن مان مثال ڏئي سمجهايون، ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪيترائي اهڙا اشارا ملن ٿا، جن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جدا حيثيت ۽ نرالائيءَ کي پڻ نروار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر به لکيو، ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. -ان- کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ تنقيد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ تحقيق ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين. ڊاڪٽر -ارنيسٽ ٽرمپ- جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندهه رهندو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان [/JUSTIFY]
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ : لطيف جو پارکو ۽ عظيم محقق (جنم ڏينهن تي ڀيٽا) جاکوڙي انسان هيو، بيشڪ هو اسانجي قوم مان نه هو پر ڪن ڪن ماڻهن مان اچي بوءِ بهار جي ... جن انسانن وٽ انصاف جي تارازي هوندي آهي سي انصاف ضرور ڪري ويندا آهن، سندس ڪيل ڪم اڄ به سنڌي ادب جي سونهري ورقن ۾ آهي۔ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم تي کيس سلام .
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ : لطيف جو پارکو ۽ عظيم محقق (جنم ڏينهن تي ڀيٽا) سائين نثار مهربانيون واقعي ڊاڪٽر ٽرمپ جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاء ڪيل ڪم سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙو آهي۔ اهڙن امر ماڻهن کي دنيا سدائين ياد ڪندي رهندي۔
ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط انيلا انور انگريز اسڪالر ڊاڪٽر ٽرمپ ارنيسٽ جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ترتيب ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي ئي تيار ڪيل سنڌي رسم الخط استعمال ڪئي، 1939ع ۾ ترتيب ڏنل سنڌي رسم الخط ۾ هن سرڳ ۽ اوسرڳ جو ڏيندڙ آواز هڪ ٻئي جي ڀر ۾ رکڻ بدران ڌار ڌار ڪري لکيا، انهن کي گهڻو ڪري مخرجن جي بنياد تي رکيو ويو جيئن ب،ٻ، پ،ڀ آوازن جو مخزن Point of articulation ٻئي چپ آهن تنهن ڪري انهن کي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ رکيو ويو هي ترتيب به گهڻو نه هلي سگهي ۽ 1960ع ۾ ٽيهر سنڌي بورڊ پاران ان ۾ تبديلي آندي وئي. ا،ب،ٻ،ڀ،ت،ٿ،ٽ،ٺ،ث،پ،ج،ڄ،ج هه،ڃ،چ،ڇ،ح،خ،ڊ،ڌ،ڏ،ڊ،ڍ،ذ، ر،ڙ،ز،س،ش،ص،ض،ط،ظ،ع،غ،ف،ڦ،ق، ڪ،ک،گ،ڳ،گهه،ڱ،ل،م،ن،ڻ،و،ه ه،عه،ي. سنڌي رسم الخط جي ابتدا: - خواجڪي اکرن جو سنڌي رسم الخط جي ارتقا ۽ تاريخ ۾ چڱو حصو آهي. ان جي ترقي ۽ ترويح ۾ پير صدرالدين جو گهڻو هٿ هو، پير صاحب اسماعيلي فرقي جو داعي هو. لوهاڻڪي خط ۾ پير صاحب ڪي ماترائون شامل ڪري رائج ڪيو. اهو چاليهه اکري يا خواجڪي سنڌي سڏجي ٿي. هن رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب اڄ به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسماعيلي پڙهن ٿا. انهن قديم رسم الخطن کي پنهنجو پنهنجو اثر جو دائرو هو. وقت گذرڻ سان ايترو ٿيو جو هندن ۽ مسلمانن هن سلسلي ۾ مذهبي اثرن کي وڌيڪ اهيمت ڏني ۽ هندو هندي اکرن ۾ اڙجي پيا ۽ مسلمانن عربي اکر اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ ٻئي اڻپورا هئا، تڏهن به هڪ نئون رسم الخط سامهون آيو. جنهن کي عربي سنڌو رسم الخط سڏيو ويو. ان ڪم کي مخدوم ابوالحسن ٺٽي واري وڌيڪ فعال بڻايو. هن صاحب 1700ع ۾ مقدمت الصلوات نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ نون مسلمانن جي رهنمائي ڪئي وئي. اسلامي اصول ۽ نماز پڙهڻ جا طريقا سمجهايا.سن 1854ع ڌاري ان وقت جي انگريز سرڪار سنڌي ٻولي جي الءِ هڪ رسم الخط ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن جو اڳواڻ سربانڪ هو. هن ڪاميٽي ۾ ڪجهه هندو ۽ ڪجهه مسلمان عالم هئا. ڪافي بحث مباحثن کان پوءِ هن ڪاميٽي مخدوم ابوالحسن جي الفابيٽ کي بنياد بنائي عربي رسم الخط وانگر هڪ نئين الفابيٽ ٺاهي. جنهن ۾ (52) حرف شامل آهن.سنڌي ٻولي ۾ رسم الخط جي اڀياس لاءِ مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هو ۽ ان کي پهريون ڀيرو ڊاڪٽر غلام علي الانه ڪم ڪيو.سن 1964ع ۾ سنڌي صورتخطي نالي ڪتاب شايع ڪيو . جڏهن ته سنڌ ۾ جيڪي ٻيا رسم الخط موجود هئا سي خاص ذاتن قبيلن ۽ شهرن تائين محدود هئا. جهڙوڪ ۽ شڪارپور ، ساکرو، ٺٽائي، ونگائي، رامائي، خواجڪو ۽ ميمڻڪو مشهور آهن. بشڪريه عبرت