• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪالهه سنڌ جو درد رکندڙ سائين آغا مشتاق پاران حميد شهيد جو نظم فيسبوڪ تي ونڊ ڪيو ويو۔ هن نظم سان گڏ هڪ سوال پڻ ٿيل هو۔

سنڌ ڌرتي جو دل ۾ درد رکندڙ سڀني باشعور سنڌين کان هڪ ڪربناڪ سوال.....؟؟؟؟

گهڻن دوستن پنهنجا رايا ڏنا۔ سوچيم ته سنڌ سلامت جي دوستن سان به هي نظم ونڊ ڪيان۔

j77zns.jpg



*نظم*
ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟
شاعر: حميد شهيد

هيءُ نه موهن جو دڙو آھ
۽ نه ڀنڀور جو ڀڙو آھ
اي پڇڻ وارا او پرڏيهي پرين
هي ته منهنجي گهر جو آهي پنجرو
هن قديمي ڳوٺ ۾ هو منهنجو گهر
منهنجي ابن ڏاڏن جو گهر
تن جي ابن ڏاڏن جو گهر
چار ڀتيون، هڪڙي ڇت ۽ اڱڻ
نازبو جا چار ٻوٽا، نم جو وڻ
زلزلو آيو نه ڪو طوفان هو
کن ۾ منهنجو گهر سڄو شمشان هو
ڪير هي شيطان هو؟
ها...ڪير هي شيطان هو؟
ٻاهران آيل هي ڌاريان بي وطن
هم وطن جن کي ڪيم
جن تي تن من پنهنجو ڌن گهوري ڇڏيم
هڪ خواب جي تعبير لاء
هن ديس جي تعمير لاء
جن کي مون جيءَ ۾ جايون ڏنيون
دل جي ڌرتي ۽ ٻنيون سايون ڏنيون
پر، عرب و اُٺ اڄ تنبوءَ اندر
۽ عرب خود دربدر
پنهنجا گلشن ۽ پلازائون جڏهن ٺاهي ويا
اڄ هُو منهنجو ڳوٺ ۽ گهر گهاٽ ئي ڊاهي ويا
۽ چون ٿا شهر مان نڪري وڃو
ڪيڏانهن وڃون ۽ پنهنجي ڪهڙي گهر وڃون؟
ڇا اسين سڀ ٿر وڃون....؟؟
 
جواب: ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

ابا جيڪڏهن برداشت ڪري سگهو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙها نه ٿيو ته سچ چوان؟

پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌين جو ڪردار هيو يا نه؟ سائين جي ايم سيد تحريڪ پاڪستان جو اڳواڻ هيو يا نه؟ سنڌ مان سنڌين کي هند ڏانهن موڪلڻ ۾ سنڌي خاموش هئا يا نه؟ اڄ هر سنڌي مذهبي طور بيعمل هجڻ باوجود پنهنجي اندر مُلو پالي رهيو آهي يا نه؟ مُلو سنڌيت جي ڳالهه زبان سان ته ڪري سگهي ٿو پر دل سان ڪري سگهي ٿو يا نه؟

معاف ڪجو هي موضوع سالن کان هلندو پيو اچي، هن مسئلي تي هزارين ڪانفرنسون، جلسا، بحث مباحثا ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا به رهندا۔۔ پر جنهن قوم جو ڪو اڳواڻ ئي ڪونهي ان قوم سان صرف همدردي ڪري سگهجي ٿي، بچائڻ سولو ڪم ڪونهي۔۔ هر ڪنهن ڪامريڊ ۾ اڳواڻ ٿيڻ جو ايترو ته ڀُوت سوار آهي جو علم سان دِل لڳي ئي نه۔ سنڌ جي ڪاليجن ۾ ڪاپي جي ڌُم ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ گولين جو راڄ۔۔۔۔ جاهل ماڻهو اڳواڻ ٿي به ڪيئن سگهي ٿو۔۔

پنهنجو منهن پنهنجو موچڙو۔۔ مرضي آهي توهان جي، چاهيو ته ويهي ماضي جا راڳ آلاپيو، پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ تي دل وندرايو يا پاڻ کي دوکو ڏيو۔۔ پنهنجي ٽوپي ۽ پٽڪي تي جهمريون پايو، جنهن کي چاهيو پنهنجو دشمن ڪوٺيو، دشمنن کي پِٽون پاراتا ڏيو، برايون ڪري ڪري ٿڪجو يا ٿڪجو۔۔ توهان جي مرضي آهي۔۔ لڳا پيا هجو۔۔۔

اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون۔۔
هاڻي بر يا ٿر نصيب ٿئي يا نه ٿئي۔۔گهر بچائي سگهو ته بچايو، نه ته ڌاريا ڌاريا جي واويلا اسان جي حفاظت لاء ڪم ڪو نه ايندي۔۔پنهنجي اصلاح جي ضرورت آهي۔۔ غلط کي غلط چوڻ جي ضرورت آهي۔۔
 
جواب: ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

يار ٻروچ صفا ڪو درويش آهين، پهريون جملو پڙهي، ته ڪن ڳاڙها ٿيا ته الائجي پروچ ڇا چوڻ وارو آهي، پر هيٺ پڙهي ڪن ئي ٿڌا ٿي ويا جو سچ ٻڌي تپڻ بجاءِ ٿڌو ٿيڻ گهرجي نه ڪي گرم ۔۔۔ ڳالهيون ته ٻروچ جون به لک لهن ۽ نظم به پنهنجي جاءِ تي حميد شهيد اندر جي آهه مان لکيو آهي، الله کيس غازي ڪري۔۔۔ آمين

ڳالهيون ته گهڻي ئي ڪري سگهجن ٿيون پر اسان سڀني سنڌ واسين کي عقل ۽ فهم سان ان معاملي تي غور ويچار ڪري اڳتي وڌڻو پوندو، نه ته ساڳيون ڳالهيون ساڳيا ڏک ۔۔۔ جيئن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه۔

مون فيسبڪ تي ان ساڳئي ليک تي ڪجهه هن طرح سان ڳالهايو هو۔
”پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ کانپوءِ، سور ته ضرور ٿيندو ... پر هاڻ ان زخم تي روئڻ جي بجاءِ علاج ڳولهڻو پوندو ... همٿ ۽ حڪمت سان ان مرض مان جان ڇڏائڻي پوندي ...
پيرائتو ۽ اشارن، ڪناين سان سمجهايل مرض آهي ... تشخيص ته ٿي وئي ، پر علاج اڃان ڪنهن ڪون ٻڌايو آهي ... آهي ڪو حڪيم جو ان مرض جو علاج به ٻڌائي ....“

آغا مشتاق جواب ڏنو هو؛
علاج صرف هڪ ئي ته پاڻ ۾ متحد ٿي وڃون.....جيڪو شايد اسان جي مقدر ۾ ڪونهي.....هر ليڊر هر اڳواڻ پنهنجي ديڳڙي چاڙهي ويٺو آهي...هاڻ جڏهن اها گرم ٿئي.....!!!

مون جواب ڏنو هو؛
اهو علاج ته ٿيو غلاميءَ واري مرض جو

پر هي جيڪي ٻاهران آيل يا گهرايل آهن ۽ هاڻ سنڌ ۾ سڀ حق حاصل ڪري ويا آهن، ان مرض جو علاج ڪهڙو آهي ؟؟؟
ان مرض جو علاج ڳولهڻ في الفور ضروري آهي ...

بيشڪ اتحاد سڀني مرضن جو علاج آهي ... ۽ اسان سڀني کي ان اتحاد ذريعي اهو طع ڪرڻ گهرجي ته ٻاهران کان گهرايل انهن ماڻهن سان سموري قوم کي ڪهڙو رويو رکڻ گهرجي ته جيئن اڳيان وارا ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ سوچين ته سندن غلط فيصلي سبب کين ڪهڙو نقصان ٿيندو ...

1. اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ۽ ڪنهن حد تائين ٿي به وئي آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به سنڌيءَ کي منظور ناهي. ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو مطلب خون جو درياهه.
2. ٻاهران آيل سڀ ماڻهون في الفور پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪن.
3. ڪراچيءَ سميت سنڌ جا سڀ شهر سنڌين جي ملڪيت آهن ۽ انهن ۾ موجود سڀ آسانيون ۽ ملڪيتون صرف گڏيل سنڌين لاءِ آهن.
4.جيڪو پاڻ کي سنڌي سڏائيندو سو حق جتائيندو ۽ جيڪي ماڻهون پاڻ کي سنڌي نٿا سمجهن، پاڻ کي مهاجر، پنجابي يا ڪهڙي به قوم سان جوڙن ٿا سي سنڌ تي حق جتائڻ جي تمنا به نه ڪن.

مقصد ته موجوده سنڌ جي حالتن اندر سنڌين کي هڪ گڏيل فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان سڀني لاءِ راه هموار ٿئي
...
 
جواب: ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

ٻروچ سائين ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔

يار ٻروچ سان اسان جي ناراضگي ڪيئن ٿيندي۔ اسان ته چوندا آهيون ته ٻروچ اچي ۽ لکي ۔۔۔۔۔۔ خوشي آهي جو اوهان سڀ ڪجهه سچو ۽ کرو لکندا آهيو۔ اوهان جون ڳالهيون اکين تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪڙي حوت ڪاڻ ٻانهي ذات ٻروچ جي ۔۔۔۔۔۔

ٻروچ سائين هي ماڻهن جي اندر جا احساس آهن۔ اسان کان ايتريون ته غلطيون ٿيون آهن جو تاريخ شايد ئي معاف ڪري۔ پر ان جو اهو مقصد ناهي ته هٿ هٿ تي رکي ويهون رهون۔ ها اسان جي تعليمي نظام کي تباهه ڪرڻ ۾ به اسان جا هٿ آهن پر انهن هٿن پويان طاقتون به ضرور رهيون آهن جن اسان جي هٿن کي استعمال ڪيو آهي۔

اميد ته اوهان پاران هڪ تفصيلي ليک پڙهڻ لاء ملندو۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

اڄ هر سنڌي مذهبي طور بيعمل هجڻ باوجود پنهنجي اندر مُلو پالي رهيو آهي يا نه؟ مُلو سنڌيت جي ڳالهه زبان سان ته ڪري سگهي ٿو پر دل سان ڪري سگهي ٿو يا نه؟

ادا سليمان وساڻ ڪيڏي به ڪوشش ڪريو پر الاءِ ڇو اوهان جي ٽنڊي الهيار موضوع تي به مريم جو منهن اوڏانهن ئي وڃيو نڪري جيڪو اوهان نه ٿا چاهيو۔ الاءِ ڇو اوهان هر بحث ۾ مذهبن جي ائٽم کي وجهڻ کان ڀڄو پر دوست وري به اُهو ئي ٿا ڪن۔:no:

بهرحال انهي ڳالهه کي هڪڙي پاسي ئي رکندي اهو مڃبو ته مائٽ (ٻروچ) تمام بهترين جواب ڏنو آهي۔ ۽ نثار صاحب جي ڳالهه ۽ حوالا به درست آهن سندن ئي تسلسل ۾ پنهنجي پاران به ڪُجهه لکڻ چاهيندس۔

سڀ کان پهرين ته اسان جي سهڻي سنڌ جو ڪو به حصو نه ته اسان لاءِ اوپرو آهي نه خراب جو اوڏانهن نه وڃجي۔ يا اوڏانهن وڃڻ ۾ منفي تاثر جي تشبيه ڏجي۔ ٿي سگهي ٿو دوست اعتبار نه ڪن پر منهنجي پراڻي خواهش آهي ته ٿر ۾ پوسٽنگ ٿيئي ۽ اتي رهڻ جو ايڊوينچر انجواءِ ڪجي۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڇا اسان ڪڏنهن اهو سوچيو آهي ته اسان جي ٻن ڀتين چار نازبو جي گلن ۽ نم جي وڻن کي اجاڙي جيڪو هنڌ ايترو سهڻو ٿيو آهي جو اسان کي هُتان نڪري وڃڻ جو چيو ٿو وڃي ۽ اسان کي نڪرڻ جو تصور ئي خراب ٿو لڳي۔ اهو هنڌ ايترو ڀلو اسان پهرين به ڪري رکيو هو يا هاڻي ٿيو آهي؟

ڇا اها هڪ ڪڙي حقيقيت ناهي ته اهي علائقا جن ۾ اسان جا ڏتڙيل مهمان اچي رهيا اهي ڏسندي ڏسندي ڀلا ٿيندا ويا۔ ڪاروبار جا ذريعا وڌيا۔ اندسٽري لڳي۔ اهو ته ڇڏيو پر انهن ئي شهرن ۾ اسان ڏسون ٿا ته سنڌين ۽ ڌارين جي آبادي وارن علائقن ۾ فرق صاف نظر اچي ٿو۔

سبب۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔؟

صرف هڪڙو ئي ته هو سمجهن ٿا ته کين پنهنجي آبادي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ڪرپشن ڪري وڌ کان وڌ پنهنجن علائقن کي سيڪيوئر ڪرڻ ۾ پورا آهن۔ ۽ اسان اسان جا ليڊر؟

اسان هاءِ گهوڙا سنڌ لُٽجي وئي جهڙا ميسيج فارورڊ ڪرڻ ۾ پورا ۽ ليڊر ڪرسي جي پويان۔

حل۔ ۔ ۔ ۔ ۔؟ صرف هڪ ته تعليم جي سسٽم جي ڀلائي لاءِ فوري قدم کڻجن ته اسان جي نسل ۾ شعور اچي ته هو ڳوٺ جي ڀوتار سان ڳالهائي سگهن ته آخر اسان تنهجي چوڻ تي انهي روايتي ليڊر کي ڇو ڪامياب ڪريون جيڪو اسان وٽ پراڻي فوتگين جي تعزيت صرف اليڪشن جي ٽائيم ڪرڻ ٿو اچي۔ ۽ تنهجي پُٽ کي ئي ڪا سڻڀي نوڪري ٿو ڏي!

پر انهي لاءِ هر ڪنهن کي همت ڪرڻي پوندي۔ بارن کي تعليم ڏياريو۔ ۽ تعليم صرف 16 ساله پڙهائي کان پوءِ گريجوئيٽ بي روزگار پئدا ڪرڻ جو ئي نال نه هجڻ کپي پر هر نوجوان جي ڪنهن خاص قابليت کي پرکي انهي کي انهي جي اضافي مهارت وٺڻ لاءِ قدم کڻجي۔ نه ته اسان وٽ رهڻ لاءِ ٿر به نه بچندو۔ ڇو ته هُنن جي نظر گهڻو پري ۽ اڳتي تائين آهي۔
 
جواب: ڇا اسين سڀ ٿر وڃون......؟؟

سائين نثار اوهان جون سڀ ڳالهيون سچ آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به ڪو حل ته ڳلجي يا ماٺ ڪري ويهجي۔ مون به ات جواب ڪجهه هيئن ڏنو هو۔


۽ چون ٿا شهر مان نڪري وڃو
ڪيڏانهن وڃون ۽ پنهنجي ڪهڙي گهر وڃون؟
ڇا اسين سڀ ٿر وڃن....؟؟

آغا سائين چوندا آهن ته هٿ جي وڍيي جو نه ويڄ نه طبيب، اسان سان به اهوئي حشر ٿيو آهي ۽ اسان اڃآن ويٺا سوچيون ؟

بابل سائين هاڻي ڳالهه گهڻو اڳتي وڃي چڪي آهي، اسان جا پير، مير، وڏيرا، قومپرست، وفاق پرست سڀ ڪجهه ڪونه ٿا ڪري سگهن .... عوام کي ئي سوچڻو آهي پر ان لاء به ڪنهن رهنما جي ضرورت آهي
 
Back
Top