رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڏاڍ ڏمر هي ڪيسين رهندو
نيٺ ته آخر گذري ويندو
ايندا ڪي ڏينهن خوشين جا پو
هر هڪ ساه جت سرهو هوندو
سختيون تنهنجون سور نه رهندا
اوج اسان وٽ هڪ ڏينهن ايندو
مصنوعي سڀ حربا تنهنجا
حال حقيقت نيٺ ته ٿيندو
واءُ واچوڙي وانگر جذبا
جوش وڌي پو طوفان ٿيندو
قوس قتل تون ڪيسين ڪندين
هت روز جو ڳڀرو پيدا ٿيندو
آخر تنهنجي هار ڏسان ٿو
تنهنجو انت به آخر ايندو
هي ڳڀرو ارڏا جوان سنڌوءَ جا
جٽ جڙي سڀ توسان وڙهندو
نيٺ ته آخر گذري ويندو
ايندا ڪي ڏينهن خوشين جا پو
هر هڪ ساه جت سرهو هوندو
سختيون تنهنجون سور نه رهندا
اوج اسان وٽ هڪ ڏينهن ايندو
مصنوعي سڀ حربا تنهنجا
حال حقيقت نيٺ ته ٿيندو
واءُ واچوڙي وانگر جذبا
جوش وڌي پو طوفان ٿيندو
قوس قتل تون ڪيسين ڪندين
هت روز جو ڳڀرو پيدا ٿيندو
آخر تنهنجي هار ڏسان ٿو
تنهنجو انت به آخر ايندو
هي ڳڀرو ارڏا جوان سنڌوءَ جا
جٽ جڙي سڀ توسان وڙهندو