رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سڪائين جو تون ٿو سڃي سنڌ سهڻي
وسيلو گزر جت نه ٿي شال جهيڻي
اها ارض ڪشمور کاون ڪارونجهر تائين
ڏيئي بند دريا ڇو ٿو سڪائين
اسان جو هي دريا اسان جي ندي آ
صديون ڪيئي گذريون نه ڪا هڪ صدي آ
هي ابهام معصوم مارو موچارا
فريادي توتي ٿياسڀ هي سارا
انهن جا وسائل ڇو ٿو مٽائين
ٻڌين ڪين ٻوڙا پيو ٿو نٽائين
جي توکي توانائي گهر جي گهڻي ٿي
ذريعا ته ان جا ٻيا ڪي مڻي ٿي
هي هوا جي تونائي يا شمسي ٻڌايان
وري سستو ڪوئلو جنهن مان گيس ٺاهيان
جي آ خوف توکي آبادي وڌڻ جو
سو سيڪڙو ڪرقابو پيدا ٿيڻ جو
مثالن ۾ توکي آهي چين اڳيان
ڀر ۾ آهي دوست جنهن کي ٿو ڀيٽيان
سڪي جي هي دريا ويدو سدائين
جڙو جيت گگدام ٿو ٻيلا مٽائين
وري پو ماحولياتي گدلاڻ ٿيندي
وڌندي پو گرمي قيامت ڪا ٿيندي
ائين مرڻ کان اڳ ڇو ٿو تون مارين
بيانن ۾ لاواجڏهن تون ٿو هارين
ڪندي ياد توکي به تاريخ هيڪر
لکيو ويندو تهنهجو نالو به جيڪر
هاڻي تنهنجي مرضي ڇاٿو لکائين
سنڌ سام ٿين ٿو يا ان کي ڏکائين
هلاڪو چنگيز يا ترخان چوائين
يا انسان دوست تو مانجهي سڏائين۔۔۔۔
وسيلو گزر جت نه ٿي شال جهيڻي
اها ارض ڪشمور کاون ڪارونجهر تائين
ڏيئي بند دريا ڇو ٿو سڪائين
اسان جو هي دريا اسان جي ندي آ
صديون ڪيئي گذريون نه ڪا هڪ صدي آ
هي ابهام معصوم مارو موچارا
فريادي توتي ٿياسڀ هي سارا
انهن جا وسائل ڇو ٿو مٽائين
ٻڌين ڪين ٻوڙا پيو ٿو نٽائين
جي توکي توانائي گهر جي گهڻي ٿي
ذريعا ته ان جا ٻيا ڪي مڻي ٿي
هي هوا جي تونائي يا شمسي ٻڌايان
وري سستو ڪوئلو جنهن مان گيس ٺاهيان
جي آ خوف توکي آبادي وڌڻ جو
سو سيڪڙو ڪرقابو پيدا ٿيڻ جو
مثالن ۾ توکي آهي چين اڳيان
ڀر ۾ آهي دوست جنهن کي ٿو ڀيٽيان
سڪي جي هي دريا ويدو سدائين
جڙو جيت گگدام ٿو ٻيلا مٽائين
وري پو ماحولياتي گدلاڻ ٿيندي
وڌندي پو گرمي قيامت ڪا ٿيندي
ائين مرڻ کان اڳ ڇو ٿو تون مارين
بيانن ۾ لاواجڏهن تون ٿو هارين
ڪندي ياد توکي به تاريخ هيڪر
لکيو ويندو تهنهجو نالو به جيڪر
هاڻي تنهنجي مرضي ڇاٿو لکائين
سنڌ سام ٿين ٿو يا ان کي ڏکائين
هلاڪو چنگيز يا ترخان چوائين
يا انسان دوست تو مانجهي سڏائين۔۔۔۔