• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان ڀونءِ ڀائر

ائين پيار محبت هوائون گهلايون
سڄاساٿ ٿي اهو گيت ڳايون
هو موذي ته ويندو مري مات ٿي
وجهي ويڇا ويري ڪهين ڪات ٿي
اسان پر ڏٺو هو اسان اڄ به آهيون
اسان ڀونءِ ڀائر گڏيا رات آهيون
هي ويندي هي ويندي ٽڪر ۽ ڳڀا ٿي
هي زنجير ۾ چير ڏين پيا اڀا ٿي
اهي يڪجا ٿين پيا ڳڀرو هي ڳوٺي
اهي شهري سورهيه اهي جُنگ جوٽي
اسان جون اميندون ارمان ساڳيا
منزل آ مرڪي ڏسي ڀونءِ ڀاڳيا۔۔۔
 
Back
Top