• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رات کي چئي ڇڏيو (محمد اسماعيل اداسي)

عرفان ملاح

سينيئر رڪن
"رات کي چئي ڇڏيو" جيڪا شاعري "محمد اسماعيل اداسي (ملاح) جن جي لکيل آهي، هي شاعري مون ڪتاب "ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا" مان ڪڍي توهان دوستن آڏو پيش ڪريان ٿو۔اميد توهان دوستن کي پسند ايندي ۔مهربانيون ۔۔۔۔،

رات کي چئي ڇڏيو، سج اڀري پيو
پيار جي پوک جو، کيت نسري پيو

واهوندو آ وريو، چنڊ آهي چڙهيو
سانوري سان سکي، نينهن نبري پيو

پنڌ هو جو پري، پاڻ گهٽبو وڃي
جو نه ملندو هيو، پاڻ سنڀري پيو

مند ۾ ڪو مزو، ناهي ساجن سوا
هيل سانوڻ سٺو، ڪيڏو گذري پيو

مهڪ اهڙي گهلي، ڄڻ کٿوري کلي
ڄڻ گهٽي مان "اداسي" پرين گذري پيو
 
جواب: رات کي چئي ڇڏيو (محمد اسماعيل اداسي)

رات کي چئي ڇڏيو، سج اڀري پيو
پيار جي پوک جو، کيت نسري پيو


سائين عرفان ملاح جون مهربانيون جنهن محمد اسماعيل اداسي (ملاح) جي شاعريء مان چونڊ شاعري پيش ڪئي آهي۔

جڏهن محبوب گڏ هجي ته پوء اهو ساوڻ يادگار ئي گذرندو آهي۔
 
Back
Top