ساٿيو ڪُجهه وقت اڳ اسان جي پياري دوست ۽ سنڌ سلامت ايڊيٽر جي مئنجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ اها صلاح ڏني ته اسان سڀني مان هر ڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪري ته هوند ڪتابن جو ڳپل ذخيرو نيٽ تي جمع ٿي وڃي۔
انهي سلسلي ۾ مون جڏنهن جائزو ورتو ته خبر پئي ته انهي لاءِ ٻه ڳالهيون اهم آهن۔ هڪ ته ڪاپي رائيٽ جو مسلو حل ٿيئي۔ ٻيو ته اهو ڪتاب اڳي ئي نيٽ تي موجود نه هُجي۔ انهي حوالي سان فل حال ته الطاف شيخ صاحب جا ڪُجهه ڪتاب پهرين پهرين ترجيح تي آيا۔ ڇو ته سندن ڪافي ڪتاب اڃان نيٽ تي ناهن۔ ۽ سندن ڪنهن به ڪٿي به ڪهڙي صورت ۾ ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ منع ناهي۔

مون اهو ارادو ڪيو آهي ته الطاف شيخ جو ڪتاب ڪوالالمپور ڪُجهه ڪوه جو ڪپوز ڪريان۔ ضرور وقت ته لڳندو پر ارادو مظبوط آهي۔ پر مسئلو اهو آهي ته ڪتاب مون وٽ ناهي۔ اردو بازار جي ڪاٺياوڙ بوڪ کان وٺي حيدرآباد تائين سڀ بوڪ شاپ جانچيم پر نه مليو۔ اگر ڪنهن وٽ اهو ڪتاب آهي ته منهنجي مدد ڪندي ڪجهه وقت لاءِ ڏي ته فوٽو ڪاپي ڪرائي وٺان۔ يا ٻي ڪنهن طريقي سان انهي جي ڪاپي پهچائي۔ اسڪين ڪري يا فوٽو ڪاپي ڪري۔