• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجو منهنجو پيار او پيارا

عرفان ملاح

سينيئر رڪن
تنهنجو منهنجو پيار او پيارا "محمد اسماعيل اداسي"

تنهنجو منهنجو پيار او پيارا، ڄڻ ڪو سکڻو خواب هو
اک کلي تان اڪيلو مان، ٻيو اک ۾ قطرو آب هو

برهه جي باغ کي باهه لڳي آ، سهڻا هٿن سان ساڙيو تو
معصوم اميدون ٿيون نه پوريون، مکڙي منجهه گلاب هو

پاڻ ئي پيار جي پهل ڪئي تو، پاڻ ئي پاڻ پڄاڻي ڪئي
زندگي ڀر جر واعدي وفا ۾، لڪل ڄڻ ته جواب هو

نازڪ جسم چهرو گلابي، دلبر تنهنجي دل پٿر
منهنجي هيڻائي تي حاڪم، تنهنجو نينهن نواب هو

تنهنجا دلبر ديد پسڻ لئه، روز "اداسي" واٽون نهاري
منهنجو اکڙيون ڏسڻ لئه آتيون، تنهنجي منهن تي نقاب هو​
 
جواب: تنهنجو منهنجو پيار او پيارا

اداسيءَ جو غزل آهي يا اندر جو آواز ۔۔۔

نازڪ جسم چهرو گلابي، دلبر تنهنجي دل پٿر
منهنجي هيڻائي تي حاڪم، تنهنجو نينهن نواب هو
اندر جي اداسيءَ جو اهڙو سهڻو اظهار جو پڙهي وات مان نڪري ٿو ۔۔۔ واه واه
 
جواب: تنهنجو منهنجو پيار او پيارا

تمام سٺي شاعري

ادا بهترين شيئرنگ آهي
 
Back
Top