السلام عليڪم سنڌ سلامت واسيو! هڪڙو مسئلو درپيش آهي، اُهو هي ته ٽاسڪ بار ۾ جيڪا لئنگويج بار آهي، جنهن ذريعي اسان پنهنجي لئنگويج تبديل ڪندا آهيون، اها ٽاسڪ بار مان گم ٿي چڪي آهي۔ ڪافي ڳولها باوجود ناهي ملي سگهي۔ واضح رهي ته ڪنٽرول پئنل ۾ ريجنل ائنڊ لئنگويج آپشن ۾ پڻ لئنگويج بار گم آهي۔ جن دوست کي خبر هجي ته مهرباني فرمائي آگاهه ڪن۔ وضاحت لا اسڪرين شاٽ ڏسو۔ [/CENTER][/IMG]
جواب: لئنگويج بار کي ڪيئن ان ايبل ڪجي؟ ادا مون توهان جو مسعلو پڙهيو ۽ ان تي غور ڪيو ته آخر ڪهڙي وجھ آهي جو اها بار ڊسيبل ٿي وئي آهي۔ آخر ڪار آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته توها غلطي سان Advance جي ٽيب ۾ هڪ آپشن تي چيڪ لڳايو آهي ان ڪري اهو مسعلو توهان وٽ اچي رهيو آهي۔ ان جو حل اهو آهي ته توهان Control Panel ۾ وڃو ان کان پوئي Regional and Language Options کي کوليو، ان کان پوئي Languages جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو، ان کان پوئي Details جي بٽن جي ڪلڪ ڪريو ته هڪ ٻي ونڊو کلندي ان ۾ Advanced جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو، ان ٽيب ۾ System Configuration جي هيٺيان Turn off advanced text services تي چيڪ لڳل هوندو ان کي هٽائي ۽ Apply تي ڪلڪ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر کي Restart ڪريو ۽ پو ڏسو انشاالله توهان جي ڪمپيوٽر جي لينگويج با انيبل ٿي ويندي۔
جواب: لئنگويج بار کي ڪيئن ان ايبل ڪجي؟ اميد ته ادي عبدالرحيم جي ٻڌايل حل سان اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔ جيڪڏهن اوهان ونڊوز ايڪس پي استعمال پيا ڪيو ته پوء ڪجهه حل هن لنڪ تي به موجود آهن۔
جواب: لئنگويج بار کي ڪيئن ان ايبل ڪجي؟ مهرباني دوست عبدالرحيم صاحب! واقعي غلطي سبب ايڊوانس واري آپشن تي چيڪ باڪس ڪلڪ ٿي چڪو هو۔ جنهن کي ختم ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي چڪو آهي۔هڪ ڀيرو اوهان جي ٻيهر مهرباني۔ سائين سليمان صاحب اوهان جا پڻ ٿورا، ڄاڻايل لنڪ تي پڻ ڪجهه اهڙي قسم جي ٽپ ڏنل آهي۔