رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هي ڪو ان کان پڇي ٿي ويو جو گهايل
وهي خون ناحق آهي لاش ساڙيل
ڪري ڪيس ڪوئي بيوس ڪو بندو
انسان انسان کي ڏي سولي ڦندو
کائي ماس ماڻهون آدم خور انڌو
وڏو آواپاري هن جو هي ڌنڌو
اڙي پونءِ رت ۾ ڳڙي پيا جو ڳوڙها
هي سسڪيون ٿيو ساه اندر جيءَ سوڙها
هي مظلوم آهون اڇنگاريون ايڏيون
هي ڌرتي ته ٿوري آسمان جيڏيون
ڪنديون غرق توکي ڪرين ڪهر ڪيڏا
هي آهون اسانجون اڌما ته هيڏا
ڪيئه ڪين ڪو قياس روئي راه آهون
ٻڌين ڪين ٻوڙا ڌمچر هي داهون
پڪارون پڙاڏا وڏا هل هنگامان
دونهاٽجي ويو سڙيل لاش هان مان
رني اک هي آلي سڪي ويا اهي نير
نه مايوس پوءِ به اٿي پئي اڪير
وهي خون ناحق آهي لاش ساڙيل
ڪري ڪيس ڪوئي بيوس ڪو بندو
انسان انسان کي ڏي سولي ڦندو
کائي ماس ماڻهون آدم خور انڌو
وڏو آواپاري هن جو هي ڌنڌو
اڙي پونءِ رت ۾ ڳڙي پيا جو ڳوڙها
هي سسڪيون ٿيو ساه اندر جيءَ سوڙها
هي مظلوم آهون اڇنگاريون ايڏيون
هي ڌرتي ته ٿوري آسمان جيڏيون
ڪنديون غرق توکي ڪرين ڪهر ڪيڏا
هي آهون اسانجون اڌما ته هيڏا
ڪيئه ڪين ڪو قياس روئي راه آهون
ٻڌين ڪين ٻوڙا ڌمچر هي داهون
پڪارون پڙاڏا وڏا هل هنگامان
دونهاٽجي ويو سڙيل لاش هان مان
رني اک هي آلي سڪي ويا اهي نير
نه مايوس پوءِ به اٿي پئي اڪير