سنڌو دريا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌو درياءَ تي ڊيم ناانصافي قرار، پاڻي کي
    قدرتي رستو ڏئي پاليسي جوڙي وڃي:مقرر
    حيدرآباد/ڄامشورو (ن ڪ/پ ر) سوين ماهيگيرن، هارين ۽ مالوند ماڻهن پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سڏ تي المنظر ڄامشورو پل تي پهچي دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌو درياءَ کي گلن جي ڀيٽا ڏني، پروگرام ۾ مختلف ضلعن کان آيل عورتن ڪناري تي سجايل ٻيڙين تي چڙهي پاڻي ۾ گلن جي ورکا ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڀاشا ڊيم جو منصوبو ختم ڪري سنڌ جي ڊيلٽا علائقي جي رهيل هزارين ايڪڙ زمين کي بچايو وڃي، ان موقعي تي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه هلندڙ سال کي سنڌوءَ جي آزاد وهڪري ۽ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته المنظر ڄامشوري کان اسلام آباد تائين احتجاجي ڪاروان شروع ڪيو ويندو، جيڪو ايندڙ سال 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گادي واري هنڌ پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو، هن سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ پورهيتن کي گڏيل اپيل ڪئي ته ڊيمن جي اڏاوت خلاف هن ڪاروان ۾ شامل ٿي سنڌ جي ڊيلٽائي علائقي جي ماڻهن سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪن، هن چيو ته سنڌو درياءَ کي ڊيمن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ نه صرف سنڌ واسين پر تبت کان کاروڇاڻ تائين هر ماڻهو جي ذميواري آهي، هن چيو ته 1997ع کان دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اسان سنڌ سميت پاڪستان ۾ اهو ڏهاڙو ملهائي سنڌوءَ جي مالڪي ۽ ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ آواز بلند ڪندا اچون، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 8 لک ڊيم آهن، جن مان 5 هزار وڏا ڊيم آهن، جن دريائن کي سڪائي اتان جي ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو آهي، هاڻي دنيا ڊيمن کان تنگ اچي ڊيمن کي ڊاهي رهي آهي پر اسان جا حڪمران وڌيڪ ڊيم ٺاهي سنڌ کي سڪائڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهن، اهڙين پاليسين سبب ڊيلٽا جي ٻن ضلعن ٺٽي ۽ بدين جي 2 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ زمين هيٺان سمنڊ سم ڪندو ٽنڊي محمد خان پهتو آهي، سنڌ جي دانشور جامي چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت هنن چئن سالن ۾ آئين کان 18 هين ترميم تائين ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون آهن پر واٽر پاليسي نه جوڙي سگهي آهي، جنهن سبب درياءَ ۽ پاڻين تي حقدارن جي حقن جو تعين نه ٿي سگهيو آهي، هن چيو ته حڪمرانن جڏهن ڪوٽڙي بيراج تعمير پئي ڪيو ته تڏهن سندن دعويٰ هئي ته اهي 16 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندا پر هن وقت پاڻي درياءَ ۾ نه اچڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي ۽ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي، ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته درياءَ تي پوڇڙ وارن جو ڪيس عالمي عدالت ۾ کٽيل آهي پر پوءِ به هتان جا حڪمران انهن ماڻهن جي زندگين بچائڻ لاءِ ڪوشش نٿا ڪن، ان موقعي تي سعيد بلوچ، ذوالفقار هاليپوٽو، پنهل ساريو، جبار ڀٽي، ميڊم نذير قريشي، مٺل ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان کان اڳ سوين ماڻهن سجايل ٻيڙين تي چڙهي دياءَ جي پاڻي ۾ گلن جي ورکا ڪئي، مولا بخش ملاح، نبي بخش ملاح ۽ ٻين گيت ڳائي ماڻهن کي جدوجهد لاءِ اتسايو، ان موقعي تي هنن پهرين اپريل کان 14 مارچ 2013ع تائين سڄو سال دريائن جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌو دريا

    سڀني دوستن جي همت، حوصلي ۽ هن عمل جي واکاڻ ڪجي ٿي۔

    جيتوڻيڪ پاڪستان پاڻي معاملي تي سنڌ سان ٻه اکيائي ڪندو رهيو آهي پر پوء سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ آبپاشي ماهرن سٺي جدوجهد ڪئي آهي۔ ڪاش سڀ قومپرست ، وفاق پرست ۽ سول سوسائٽي هن مسئلي تي وري گڏ ٿين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو