هن ڳالهه کي ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي ته هن سال پوري سنڌ ۾ بورڊ جي امتحانن ۾ ڪاپي بلڪل نه ٿئي۔۔ اسان جا نوجوان، سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻ ان ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا۔۔ صحافت سان جڙيل دوست ميڊيا جو ڪيئن استعمال ڪري سگهن ٿا سوشل ميڊيا (فيس بوڪ وغيره) مان ڪا تحريڪ هلائي سگهجي ٿي؟ سنڌ سلامت جا ميمبر ڪا ذميواري کڻي سگهن ٿا؟ اسان جا استاد به ته سنڌي آهن، استادن جو تنظيمون به آهن، انهن جي ضمير کي ڪير جاڳائي سگهي ٿو، استاد فعال ٿين ۽ مثبت ڪردار ادا ڪن ته ڇا انهن ڪير روڪيندو؟ اهي روڪڻ وارا ڪهڙا سنڌي هوندا۔۔ ڀلا ڪير اڳتي ايندو، ڪاپي بند ٿيڻ سان نتيجا ڪمزور ايندا پر مستقبل لاء ته شاگرد سٺي طرح تياري ڪري ميدان ۾ ايندا، شايد پڙهڻ لاء به استادن کي ايلاز ڪن، شايد استادن کي به ڪو رحم اچي۔۔ توهان ڇا ٿا سوچيو؟ واڪا ڪرڻ مون وس ته ٻڌڻ ڪم به منهنجو
جواب: ڇا هي ممڪن آهي؟ واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم به اوهان ٻروچ جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ان هڪ جملي تي ئي واهه واهه ٿي وئي۔ ٻروچ سائين اوهان هڪ اهم مسئلي ڏانهن ڌيان کڪايو آهي۔ تعليم ئي آهي جيڪا اسان سنڌين کي هن جهالت واري حالتن مان ڪڍي سگهي ٿي۔ باقي هنن پيٽ پرست پارٽين، تنظيمن ۽ حڪومتن جي آسري ته ڪم لهي چڪا آهن۔ اوهان جي ڄاڻ لاء اهو ٻڌائيندو هلان ته اڳي صرف ميٽرڪ جي امتحانن کانپوء ڪاپي ڪلچر جو رواج هو پر هن دفعي خيرپور ضلعي جي مڊل اسڪول (ڇهين درجي کان اٺين درجي) جا پيپر به اڳواٽ ئي ظاهر ٿيا آهن ۽ نتيجي طور امتحان ٻيهر پيا ورتا وڃن۔ صحافي ۽ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا۔ سنڌ سلامت هن وقت ڪا تنظيم ناهي نه ئي وري ڪا باڊي آهي پر ان ۾ انٽرنيٽ ذريعي مختلف دوست مختلف ملڪن کان حصو وٺن ٿا۔ تنهنڪري سنڌ سلامت تي ان عمل لاء لکي ته سگهجي ٿو پر عملي ميدان ۾ ڪا خاص سرگرمي ڏکي آهي۔ استاد جيڪڏهن چاهين ته هي ڪاپي ڪلچر هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي سگهي ٿو پر اهو سڀ ڏکيو پيو نظر اچي۔ پر اوهان جي درد ۽ اوهان جي جذبن کي محسوس ڪرڻ سان گڏ سمجهي سگهون ٿا۔ وڌيڪ ڏسون ته دوست پنهنجا ڪهڙا رايا ٿا ڏين۔