رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هي احساس اهڙااسان ٿا ٻڌايون
ڌنن ڌن ڌرتي ءَ جا گن گيت ڳايون
هي مزدور هاري اسان جا هي هيرا
هنن جي ته دم سان فخر ۽ وڏايون
ڀلا باغ هن جاسدان سبز ساوڪ
اهي کيت کيڙيل لابارا ۽ لايون
هي آزاد پنڇ ويو پڃرو ٽوڙي
اڏامي اڏامي اڳي سڀ کان آهيون
پري جي ٿيون ٿا نه جي پو سگهون ٿا
سڪ آوطن جي چمي چاه چاهيون
مٽي هي موچاري خوشبو کٿوري
ٿئي ساه سرهو لڱن کي لڳايون
خدا تون پناهن ۾ رک ملڪ منهنجو
دعائون تنهنجي در سڀن کا گهرايون
دريا هي دلارو ڪنارن کان ڀرجي
وهي جو ته دل ۽ اکين کي اجاريون
ڌنن ڌن ڌرتي ءَ جا گن گيت ڳايون
هي مزدور هاري اسان جا هي هيرا
هنن جي ته دم سان فخر ۽ وڏايون
ڀلا باغ هن جاسدان سبز ساوڪ
اهي کيت کيڙيل لابارا ۽ لايون
هي آزاد پنڇ ويو پڃرو ٽوڙي
اڏامي اڏامي اڳي سڀ کان آهيون
پري جي ٿيون ٿا نه جي پو سگهون ٿا
سڪ آوطن جي چمي چاه چاهيون
مٽي هي موچاري خوشبو کٿوري
ٿئي ساه سرهو لڱن کي لڳايون
خدا تون پناهن ۾ رک ملڪ منهنجو
دعائون تنهنجي در سڀن کا گهرايون
دريا هي دلارو ڪنارن کان ڀرجي
وهي جو ته دل ۽ اکين کي اجاريون