• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ننڊري نينگر سارو ڏينهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ ننڍڙي نينگر سارو ڏينهن،
هن شهر جي رستن روڊن تي،
ڪمزور وجود کي ساڻ ڪري،
هر ايندڙ ۽ ويندڙ اڳيان،
آ پئسن ڪارڻ هٿ ٽنگيو،
پر ڪجهه نه کيس مليو آهي

ان نينگر آخر رلندي پنندي،
هن شهر جي هڪ چوواٽي تي،
هڪ گند جي ڍير منجهان چونڊي،
هڪ پاروٿي ماني ڳولي،
۽ خاموشيءَ سان ٻه گرهه هڻي،
اڄ پنهنجي پيٽ پليو آهي،

 
جواب: هڪ ننڊري نينگر سارو ڏينهن

هونءَ ته اهڙا واقعا هر ماڻهونءَ جي اکين آڏو ٿيندا آهن پر حساس ماڻهون ان عام واقعي کي به خاص ڪري ڇڏيندا آهن ۔۔ ۽ عام ماڻهون جيڪو پنهنجن ڏکن ۽ تڪيلفن ۾ ورتل هوندو آهي انکي به روئاري وجهندا آهن ۔۔۔

اهڙا حساس ماڻهون شاعر، اديب، مصور ۽ فنڪار هوندا آهن، جيڪي سماجي ۾ موجود بدصورتيءَ کي چٽييندا آهن ۔۔۔

پر لڳي ٿو اڄڪلهه اوهان جلديءَ ۾ هوندا آهيان ۔۔۔ مٺڙا مست، جو پنهنجي ڪلام ۽ پيغام کي رنگ ناهيو ڏيندا ۔۔۔ خئير رنگن سان اسانجو ڇا ۔۔۔ اوهانجو پيغام ئي لک لهي۔

ڀلي ڪري آيا ۔۔۔۔ جي آيا
سهڻن جو سلامي ٿيان
 
جواب: هڪ ننڊري نينگر سارو ڏينهن

ادا مست،هڪ ننڍرِ ٻار جي ڏکويل زندگي جي احساسن تي مشتمل اوهان جي شاعري اسان جي دل تي تمام گهڻو اثر ڪيو آهي۔شاباس آهي اوهان کي جو هن قسم جي نازڪ موضوعن تي شاعري ڪري اسان سڀني جو ڌيان ان ڳاله ڏئي ڇڪايو ٿا ته گلن جهڙن نازڪ ٻار جنهن جي هٿ ۾ پڙهڻ لاء ڪتاب هجن۔حالتن جي بي رحمي جي ڪري انهن جي هٿن ۾ پنڻ جو ڪستو آهي۔۽ انهن ٻارن کي پڙهڻ جي طرف راغب ڪرڻ لاء اسان کي انهن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ گهرجي۔توهان جا لک لائق۔
 
جواب: هڪ ننڊري نينگر سارو ڏينهن

اهڙا ڪلور ڏسندي الائي ڇو پنهنجي پاڻ کان به نفرت ٿيندي اٿم ته مان ڪهڙي سماج جو حصو آهيان؟ جتي چاهيندي به زبان کي تالا لڳائي ۽ اکيون بند ڪري مفاهمت ڪرڻي ٿي پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔

اسد سائين اوهان جي اندر جي احساسن ۽ جذبن جو قدر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هي سماج هاڻي قدر وڃائيندو ٿو رهي ۽ سچائي ويندي رهي آهي۔ احساس ۽ همدريون ختم ٿي رهيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به نا اميد ناهيون هڪ ڏينهن اميد جا ڪرڻا ضرور ڪر کڻي اٿندا ۽ سنڌ کي سنواريندا۔
 
Back
Top