هڪ انوکو مقدمو۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    هڪ انوکو مقدمو

    [JUSTIFY]سعودي عرب جي شهر قصيم (Qaseem)جي شرعي عدالت پنهنجي تاريخ ۾ هڪ اهڙو مقدمي کي نبريو جنهن قسم جو مقدمو نه قصيم ۾ نه سعودي عرب ۾ ڏٺو ويو يا ٻڌو ويو۔اسان روزانا خانداني اختلاف۔قطع رحمي ۽ ڪوڙين عنادن جي ڀينٽ چڙهيل افسوس ناڪ واقعات ۽ دلن کي ڏڪائيندڙ واقعات جي تفيصل ته پڙهندا،ڏسندا ۽ ٻڌاندا رهندا آهيون۔پر صلي رحمي جي بنياد تي داخل ٿيندڙ هن مقدمي جي تفصيل پڙهو ۽ ان کي ڪسوٽي ٺاهي پنهنجي پاڻ کي يا پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ حالت ۽ واقعات کي پرکيو ته ڇا اسان به پنهنجي پيارن سان ايڏي محبت ڪيون ٿا يا نه۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]حيزان الفهدي الحربي نالي هڪ شخص بريده کان 90 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقعي هڪ ڳوٺ (اسياح) ۾ رهندو آهي۔قصيم جي شرعي عدالت ۾ جيئن ئي فيصلو هن جي خلاف ٿيو ته نه رڳو هن روئي روئي پنهنجي ڏاڙهي ڳوڙهن ۾ آلي ڪري ڇڏي پر هن جو هر ملڻ وارو به زاروقطار روئڻ لڳو۔آخر ڪهڙي ڳاله جي ڪري ايڏو زارو قطار روئڻ۔[/JUSTIFY]۔[JUSTIFY]ڇا اولاد جي به روخي؟خانداني زمين کان بي دخلي؟خيزان جي زال ان تي خلع جو ڪيس داخل ڪيو؟[/JUSTIFY][JUSTIFY]نه اهڙي ڪا به ڳاله نه ٿئي هئي[/JUSTIFY]۔[JUSTIFY]پو روئڻ ڇا لاء؟[/JUSTIFY] [JUSTIFY]هي قصو تصورتي نه پر حقيقت تي مبني آهي جنهن جي تفصيل سعودي عرب جي هڪ اخبار (الرياض) جي مين صفحي تي ڇپي،ملڪ جي ڪئي وڏين مسجدن جي ممبر تان علمائي ڪرام پنهنجي خطابن ۾ ان جو ذڪر ڪيو۔ان مقدمي جي تفصيل توهانجي لاء هيٺ ڄاڻيل آهي :-[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]حيزان پنهنجي ماء جو وڏي پٽ ۽ اڪيلو هجڻ جي ڪري سڄو وقت ماء جي خدمت ۽ نگهداشت ۾ لڳو پيو هوندو هو۔ حيزان جي والده هڪ پوڙهي ،بيمار ۽ لاچار عورت هئي،هن جي سڄي ملڪيت پتيل جي هڪ منڊي هئي جنهن جي قيمت ٽه ريال(سو رپيو) ٻه نه هئي۔سب ڪجه ٺيڪ پيو هلي۔هڪ ڏينهن حيزان جي ننڊي ڀاء جيڪو ٻئي شهر ۾ رهندو هو۔مطالبو ڪيو ته هو ماء کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ ٿو چاهي۔تاڪي هو هن سان گڏ رهي سگهي۔حيزان کي پنهنجي ڀاء جي اها ڳاله بلڪل نه وڻي ۽ هن کي سختي سان منع ڪري ڇڏيائين۔ٻنهي ڀائرن جي درميان تڪرار وڌي ويو ته انهن معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو۔پر معاملو عدالت ۾ وڃي به جيئن جو تيئن رهيو۔ٻئي ڀائر پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻ لاء ڪنهن به حالت ۾ تيار نه هئا۔ڪورٽ تاريخن تي تاريخون ڏيندي رهئي ته ٻنهي ۾ ڪو سمجهوتو ٿئي وڃي پر سڀ ڪجه بغير نتيجي جي رهيو۔
    [/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]مقدمي جي طوالت کان تنگ اچي قاضي ٻنهي کي چيو ته آئيندا تاريخ تي پنهنجي ماء کي وٺي اچن تاڪي هو آمان کان پڇي سگهي ته هو ڪهڙي پٽ سان گڏ رهڻ کي پسند ڪندي؟[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]ٻئي تاريخ تي ٻئي پٽ پنهنجي والده کي وٺي آيا۔هنن جي ماء ڇا هئي هڪ لحيف،ڪمزور ڍانچو جنهن جو وزن مشڪل سان 20 ڪلو هوندو۔هن کي هڪ ڪارٽون(کوکو) ۾ کڻي آيا۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]قاضي صاحب پوڙهي آمان کان پڇو ته هن کي خبر آهي ته هن جي خدمت،نگهداشت ۽ رکڻ لاء ٻئي پٽ دعوائي ٿا ڪن،[/JUSTIFY]۔[JUSTIFY]هو ڪهڙي پٽ وٽ رهڻ چاهيندي؟
    [/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]پوڙهي آمان جواب ڏنو هاء مون کي خبر آهي پر منهنجي لاء ڪنهن هڪ پٽ سان رهڻ جو فيصلو ڪرڻ تمام مشڪل آهي۔اگر حيزان منهنجي لاء هڪ اک وانگر آهي ته هن جو ننڍو ڀاء منهنجي لاء ٻئي اک جا برابر آهي۔
    قاضي صاحب معاملي کي ختم\ نبيرڻ لاء حيزان جي ننڍي ڀاء جي مالي سٺي حالت ۽ پوڙهي آمان جي مادي ضرورتن کي ڏسندي فيصلو ننڍي ڀاء جي حق ۾ ڏنو۔
    [/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]جي هاء،اها وجھ هئي حيزان جي زاروقطار روئڻ جي۔ڪيترا قيمتي هئا حيزان جا ڳوڙها!حسرت جا آنسو۔ته هو پنهنجي ماء جي خدمت جي سعادت کان ڇو محروم ڪيو ويو۔ايترو پوڙهو هجڻ کان پوء به ماء جي خدمت جي سعادت حاصل ڪرڻ لاء اها جدوجهد۔شايد ڳالھ حيزان جي نه آهي پر ڳالھ ته ان والدين جي آهي جنهن حيزان جي ان قسم جي پرورش ڪئي ته وڏن سان ڪيئن محبت سان پيش اچبو آهي۽ آنهن جي خدمت کي ڪيئن پنهنجو نصب العين بنائبو آهي۔
    [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سوچڻ جي ڳالھ آهي ته ڇا اسان ۽ توهان ۾ به اهڙا حيزان آهن جيڪي پنهنجي پوڙهن والدين جي خدمت ۽ نگهداست کي پنهنجو اولين فرائض مان هڪ سمجهي انهن جي تمام گهڻي خدمت ڪرڻ جي سعادت ماڻن ٿا۔انهن سڀني ماڻهن کي اسان جي طرفان ٻنهي هٿن سان سلام آهي[/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ انوکو مقدمو۔

    سبحان الله ۔۔۔۔ جواب ناهي هن حقيقي واقعي جو ۔۔۔۔ اڃان هن جهان ۾ سهڻا انسان موجود آهن، اڃان هن ڪائنات ۾ رب پنهنجا جلوه ظاهر ڪري پيو ۔۔۔۔ اهڙن ماڻهن جي سبب اڄ ڪائنات سهڻي ۽ رهڻ جي لائق آهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي پنهنجن والدين جي پيار ۽ شفقت سان سرفراز ڪري ۽ انهن جي عزت وڌائڻ ۽ خدمت ڪرڻ جا موقعا نصيب فرمائي ۔۔۔ آمين

    سهڻو مقدمو ۽ مقدمي جو اخلاقي سبق۔

    دوست غلام مصطفي، اوهانجو انداز بيان به دل کي ڌڙڪائڻ وارو آهي ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ انوکو مقدمو۔

    رب العالمين اسانکي پنهنجن والدين جي پيار ۽ شفقت سان سرفراز ڪري ۽ انهن جي عزت وڌائڻ ۽ خدمت ڪرڻ جا موقعا نصيب فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ انوکو مقدمو۔

    سبحان الله ۔۔۔۔۔
    واهه سائين تمام بهترين۔۔۔۔!
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ انوکو مقدمو۔

    واهه سائين واه جنت ماء جي قدمن هيٺان آهي جنهن ماڻهون کي اها ڳاله سمجهه اچي ويندي ته اهو ضرور روئندو مون کي ڪجه ڏينهن پهريان هڪ ايس ايم ايس آيو هو سوچيان ٿو ته سڀني دوستن سان ونڊ ڪريان

    ماء تڏنهن به روئندي آهي جڏنهن ٻآر ڪاڌو ناهي کائيندو
    ۽ ماء اڄ به روئندي آهي جڏنهن پٽ کاڌو ناهي ڏيندو
    هڪ ماء کان پنج پٽ پلجي ويندا آهين پر پنجن پٽن کان هڪ ماء ناهي پلبي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو