محترم عبدالخالق گڏاڻي صاحب جن کي سنڌ سلامت جي اوطاق تي پير ڌرڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي ۔۔۔
ضلع گهوٽڪي جي شهر خانپور مهر جا سهڻا دوست، سنڌ سلامت اوهانجي پنهنجي اوطاق آهي، اوهين به هاڻ سنڌ سلامت جا رڪن آهيو، هڪ اهڙي اوطاق جا اوطاقي مڙس ٿي ويا آهيو، جت پري پري کان ڪيترائي دوست ڪهي اچن ٿا ۽ پنهنجا پنهنجا خيال ۽ ويچار ونڊ ڪن ٿا ۔۔۔
سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ اوطاق آهي، سنڌ سلامت جو مقصد سنڌين جي علمي، لساني، تاريخي، سياسي ۽ ادبي سرمائي کي سانڍڻ آهي۔ سنڌ سلامت سنڌ جي هر ان مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ آهي جنهنجو تعلق سنڌ ۽ سنڌيت سان هجي۔
اميد ته اوهان به هن ساٿ سان ساٿ نڀائيندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن اوطاق کي شرف بخشيندا ۔۔۔