آيت ” منامکم بالليل والنهار“ جي سلسلي ۾ اصول ڪافي جي اندر هڪ ٻيو اهم نڪتو هي آهي تـ احلام،رويا ۽ خواب انسان جي اندر ابتدائي خلقت کان نـ هيا، ايتري تائين جو هڪ پيغبر جڏهن پنهنجي امت تي مقرر ٿيو تـ ان برزخ، قبر جي باري ۾ سوال و جواب ۽ عذاب ۽ تڪليفن جي باري ۾ کين ڄاڻ ڏني. پر انهن ماڻهن ان کي قبول نـ ڪيو، اهي چوندا هيا تـ مردي کان ڪهڙو سوال و جواب ٿيندو. هو تـ خاڪ ٿي فنا ٿي وڃي ٿو، ان ڪري الله تعالى ان سڄي قوم کي خواب ڏسڻ جي صلاحيت عطا ڪئي. هر ماڻهونءَ هڪ مختلف ۽ هڪ نئين قسم جو مخصوص خواب ڏٺو. جڏهن هڪٻئي سان ملندا هيا تـ هڪٻئي کا ٻڌائيندا هيا تـ ڪالهـ رات مون خواب ۾ هي شيون ڏٺيون پر جڏهن ننڊ مان بيدار ٿيس تـ ڪابـ شيءَ نـ هئي. جڏهن انهن پنهنجي پيغمبر کي خوابن جي باري ۾ ٻڌايو تـ ان فرمايو تـ الله تعالى اوهان کي سمجهائڻ چاهي ٿو تـ ماڻهون موت کان پوءِثواب جي حالت ۾ رهي سگهي ٿو. ليڪن ان جو هي جسم مٽي جي هيٺان هڪ ڊگهي ننڊ ۾ هوندو ۽ الله تعالى کان پنهنجي گناهن جي معافي لاءِ فرياد ڪندو رهندو. ”معانى الاخبار“ ۾ آهي تـ حضرت محمّد صلى الله عليه وآلهٖ جن فرمايو تـ مان بعثت کان پهريائين پنهنجي چاچي ابو طالب جون ٻڪريون چاريندو هيس. مان ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو هيس تـ اهي ڇرڪجي ڪجهـ گهڙين لاءِ چرڻ ڇڏي ڏينديون هيون. جڏهن ان جي باري م مون جبرائيل امين کان پچيو ، ان ٻڌايو تـ جنهن وقت عالم برزخ ۾ ڪنهن ميت جي دانهن ۽ فريادن جو آواز بلند ٿيندو آهي تـ ان کي جنات ۽ انسان کان سواءِ سڀ ٻڌاندا آهن. هي جانور مردن جون دانهون ٻڌڻ ڪري خوف کائيندا آهن. الله تعالى پنهنجي حڪمت سان انهن مردن جي آواز کي زندهـ کان پوشيده رهيو آهي تـ انهن جي آرم ۾ خلل نـ پوي.
جواب: خواب برزخي ثواب و عذاب جو نمونو آهي جزاڪ الله ۔۔۔۔۔۔ سائين تمام سٺي ڄاڻ ڏيڻ لاء مهربانيون۔ اميد ته سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهندا