هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2012۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

    راز ناٿن شاهي


    سنڌ جي وحدانيت خلاف جڏهن به ڪا سازش ٿي آهي ته سڀني سنڌ ڄاون جا لڱ لوهه ٿي وڃن ٿا ۽ هو پنهنجي وت ۽ پهچ مطابق سڏ سان سڏ ملائي هڪ ڀرپور پڙاڏو بڻجي سڄي ملڪ ۾ گونجي پنهنجي شعور ۽ زنده هجڻ جو ثبوت ڏين ٿا. هنن جي اکين ۾ ڀنڀٽ ٿي ٻرندڙ وطن جي محبت جو تاءُ ڏسي ڪيترائي سنڌ دشمن وري وڃي پنهنجن پنهنجن ٻرن ۾ لڪي ويهي ٿا رهن ۽ باشعور سنڌين سان اها راند سٺ سالن کان کيڏي پئي وڃي!! ڪڏهن هنن کي ملڪ جي وڏن ادارن ۾ وڏين نوڪرين ڏيڻ ۾ رنڊڪ وڌي وڃي ٿي ته ڪڏهن مختلف هيلن بهانن سان کين پنهنجي جائز وسيلن منجهان فائدا وٺڻ کان روڪيو وڃي ٿو ته وري ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ سندن سنڌ ڌرتيءَ خلاف ڪو نئون ڊرامو ڪري هنن کي چيڙايو وڃي ٿو!! جنهن جو تازو مثال ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ۾ مهاجر صوبي واري اجائي واويلا هئي، جنهن جي موٽ ۾ سنڌ جي باشعور انسانن سنڌ اسيمبليءَ جي فلور کان وٺي ملڪ جي هر اقتداري ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ سنڌ جي ورهاست واري هن نفرت انگيز مهم خلاف کليل لفظن ۾ سنڌ وطن سان پنهنجي ازلي پيار جو اظهار ڪيو ۽ اهڙي شر انگيزي ڪندڙ ڌرين کي وائکو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي مظاهرن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل باشعور سنڌ ڄاون دودن دليرن ۽ لڄادار سياڻين سنڌ دشمنن جي هنن حرڪتن خلاف هڪ تحريري ٺهراءُ پيش ڪري اهڙين ڌرين کي هڪ چتاءُ ڏئي ڇڏيو، جيڪي اصل ۾ اهڙين غلط حرڪتن جا ذميوار آهن ۽ سندن سوچ جو مرڪز سدائين سنڌ کي ڇيهو رسائڻ ئي رهيو آهي!! پر جڏهن سنڌ جي بچاءُ لاءِ لکت ۾ ٺهراءُ اڪثريت سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ هن ٺهراءُ کي وڏي جذبي ۽ جوش سان پيش ڪندڙن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪ نه رڪجندڙ ڌمڪين وارو تماشو وجود ۾ آندو ويو!! ۽ سنڌ جي هر نج سنڌيءَ کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته اهڙيون چڙ ڏياريندڙ حرڪتون ڪهڙي وڳوڙي ۽ دهشتگرد ٽولي جو دستور آهي!! پر جيڪڏهن اهڙن حرفتين کي هاڻي به وائکو نه ڪيو ويو ته پوءِ اها سنڌ پرستي نه پر سنڌ دشمني ليکي ويندي.

    سنڌ اسيمبليءَ جا اهي سڀ مانوارا ۽ مانواريون تمام وڏي ساراهه لائق آهن جو ايتري وڏي جرئت سان وڏي واڪي ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جو نينهن وارو نعرو هڻي سنڌ دشمنن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي جن وري سيل فونن تي ڊيڄارڻ وارا ايس ايم ايس موڪلڻ وارا ناٽڪ رچايا جن کي سنڌ اسيمبلي ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته هنن نفرت انگيز پيغامن موڪليندڙ سنڌ دشمنن کي پڌرو ڪري سڀني سنڌ واسين کي ٻڌايو وڃي ۽ انهن سازشي ڪردارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ ڏهاڙن ۾ ڪو به دهشتگرد ٽولو اهڙيون حرڪتون نه ڪري ۽ نه ئي سنڌ ورهائڻ جو سوچي، ليڪن ڪيترن ئي باشعور سنڌين کي اهو ڏسي ۽ ٻڌي حيراني ٿي ته سنڌ جي ڪجهه وزيرن باتدبيرن هن مهاجر صوبي تحريڪ کي ڪو خاص اشو نه سمجهيو ۽ ٻين ساٿين کي به ماٺ ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون!!

    سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل هن سنڌ پرستيءَ واري ٺهراءَ ۽ موٽ ۾ ملندڙ ڌمڪين کان ڪيترائي هفتا اڳ مون پنهنجي هڪ نوجوان صحافي دوست کي ٻڌايو هيو ته مان جنهن سنڌ دشمن، دهشتگرد، ڀتاخور ۽ زميني قبضا گير ٽولي خلاف پنهنجي ڪالم ۾ نشاندهي ڪندو آهيان ته موٽ ۾ اڻڄاتل فون نمبرن تان مون کي دڙڪا ڏنا ويندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اجايو بحث پڻ ڪيو ويندو آهي، منهنجي همدرد نوجوان صحافي دوست مون کي هٿ هلڪو رکڻ جو مشورو ڏنو هيو، پر مان ڇا ڪيان هنن سنڌ دشمن ناٽڪين جي ذهنن ۾ سنڌ خلاف ٻج ڇٽيندڙ بانيڪارن ون يونٽ جي زماني ۾ سنڌين خلاف ظلم ڪندڙن، شاگردن جو ريٽورت وهائيندڙ وڏي بيورو ڪريٽ مسرور، نواب مظفر، حافظ مبارڪ ۽ سندس ڇاڙتن خلاف سنڌ جي صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن سجاڳيءَ جو هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو ۽ هن باشعور ۽ حساس قافلي ۾ مان به پنهنجي وت آهر پنهنجيءَ ڪالم نگاري ۽ شاعريءَ سميت هڪ ننڍڙي سپاهيءَ جيان شامل هيس، جنهن جي نتيجي ۾ آخر عوامي مارشل لا جي دور ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪري مارشل لا واري فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس پيش ڪيو ويو، جنهن جو سربستو احوال هڪ ڌار مضمون جو حقدار آهي ۽ انهيءَ سموري ڀوڳنا ڀوڳڻ وارو هر حساس نج سنڌ ڄائو سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪڏهن به سک جو ساهه نٿو کڻي سگهي ۽ نه ئي خاموش ويهي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هنن جي ساهن ۾ سنڌ جي مٽيءَ واري خوشبوءَ جو هڳاءُ آهي، هنن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جي جل ٿل ڇرڪائيندڙ ڇولين جو اظهار آهي، جيڪو ويرين کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگهي ٿو ۽ موجوده وقت ۾ به سنڌ خلاف سازشون جاري آهن ۽ هنن سازشن کي معمولي نه سمجهيو وڃي ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ ويهه لک ته ڌاريا بغير سڃاڻپ ڪارڊ جي ويٺا آهن، جن کانسواءِ بهاري، برمي، بنگالي پنهنجيون ڪالونيون جوڙي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غير قانوني طور ڪاروبار ۽ نوڪريون ڪري رهيا آهن، جن کان جند ڇڏائڻ لاءِ سنڌ جي سڀني ساڃهه وندن کي گڏجي ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو ڇو جو هينئر سنڌ جي وسيلن ۽ روزگار تي ڌارين جا ٽولا قابض آهن ۽ سنڌ ڄاوا سڀ ڪجهه هجڻ باوجود روزگار ۽ سنڌ جي مالڪيءَ لاءِ دانهون ڪندا ٿا وتن!!

    سٻاجهڙيءَ سنڌ سدائين مهمانن کي عزت ڏني، پيٽ پالڻ لاءِ روزگار جا موقعا ڏنا، پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر هن مهربان سنڌ ڌرتيءَ جي ڄاون کي ايترو به نه ستايو وڃي جو هو ٽانڊي کڻڻ وارن کي بورچي خاني منجهان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن کان مدد گهرڻ لاءِ سوچن، جنهن جي لاءِ تازو آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ مقرر ڪيل وقتي سفير رچرڊ اي هو گلينڊ آڇ پڻ ڏني آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي سنڌ خالي ڪرڻ وارو مطالبو آيو ته آمريڪا وٽ ان جو مڪمل ۽ بهترين حل موجود آهي، پر سٺو اهو ٿيندو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد مهاجر صوبي وارو ناٽڪ ڪندڙ سازشين، ڌمڪين وارا نياپا موڪليندڙ سنڌ دشمنن کان هاڻي سڄي سنڌ کي واقف ڪيو وڃي ۽ هنن کي سخت کان سخت سزا ڏئي، سڄي سنڌ ۾ پکڙيل بيچينيءَ کي ختم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکيا ويا آهن ۽ مضبون نگارن، تجزيانويسن توڙي ڪالم لکندڙن موجوده عوامي سرڪار کي اها راءِ پڻ ڏني آهي ته هن سموري نئين جنم وٺندڙ سازش کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، پر ترت قدم کڻي سدائين لاءِ سنڌ دشمنن کي ماٺ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي وقت رڳو خوابن ڏسڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جو نه پر عملي اپائن وٺڻ جو آهي
     
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

    واه ادا بلڪل صحيح چئو پيا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

    ادا اهو سڀ انڪري آهي جو اسان جا وڏيرا پنهنجي عزت ۽ ڀرم لاء ڪنهن نوجوان۔ لکيل پڙهيل طبقي کي نه ته اڳتي وڌڻ ڏيندا ۽ نه ئي هنن ۾ ايتري همت آهي جو هو ويهي مقابلا ڪن۔ ڪراچي ۾ رهي هنن کي پنهنجو ڀرم رکڻ لاء هنن جون اهي گاريون ۽ بي عزتي وڏي ڪانه ٿي لڳي۔

    هاڻ پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اڳتي جو سوچيو ۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

    ادا سليمان ويچار ونڊڻ لاءِ مهرباني
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هاڻي سنڌ دشمنن کي وائکو ڪرڻ گهرجي

    اهي ۽ ان جهڙيون داهون ڪوڪون محترم سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪندو رهيو، پر ڪنهنجي مٿي تي جون چري ۔۔۔؟؟؟ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، هاڻ وارو سامراج تمام چالاڪ ۽ سنڌ کي هڪ اهڙي ڄار ۾ ڦاسائيندو پيو وڃي جو اهو ڏينهن پري ناهي جو ۔۔۔

    هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم ۔۔۔؟؟؟؟

    بس هٿ مٿي آهن، رب سموري سنڌ کي ساڃهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو