ڀيڻ ناديه مگسي بلڪل ڇوڪريون به هن سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف موڪلي سگهن ٿيون۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت ۾ سنڌي ڀينرن لاٌءِ هڪ عليحده سيڪشن ”سنڌ جون سرتيون“ پڻ آهي، جتي اسان جون مان واريون سنڌي ڀينرون پنهنجا خيالَ پنهنجي نڪور صلاحيتن کي سموري سنڌ جي نياڻين ، سنڌياڻين سان ونڊ ڪري سگهن ٿيون۔ ۽ ها ادي ناديه اسان سنڌ سلامت جا سمورا ڀائر توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ جون ڀليڪارون چئون ٿا۔ ڀيڻ اسان کي خبر آهي ته اسان جون مان واريون سنڌي ڀينرون پنهنجي علم، پنهنجي ڄاڻ ۽ پنهنجي قابليت ۾ دنيا جي ڪنهن به قوم جي عورتن کان گهٽ ڪونه آهن۔ ڳالهه صرف پنهنجي قابليت کي ظاهر ڪرڻ جي آهي۔ ادي ناديه سنڌ سلامت ئي سنڌي ڀينرن جو واحد فورم آهي جنهن تان توهان بغير ڪنهن پريشانيءَ جي پنهنجي لکڻين ذريعي ، پنهنجي ڄاڻ ذريعي، پنهنجي صلاحيتن ذريعي، پوري دنيا جي سنڌين سميت جيجل سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪري سگهو ٿا۔ الله سائين توهان جو حامي ۽ ناصر۔ هڪ دفعو ٻيهر توهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت تي آيا۔ شال سدا سلامت خوش هُجين سنڌي نياڻي(آمين)
ڀيڻ ناديه فورم جوائين ڪرڻ تي ڀليڪار اميد ته وقت سر فورم تي ڦيرو ڀرينديون رهندو۔۔۔ ٿي سگهي ته ٻين سنڌياڻي کي به فورم جي رڪنيت حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو۔۔۔ فورم کي توهان جي ڀرپور لکڻين جو انتظار آهي۔۔۔۔
ناديه توهان کي خوش آمديد ٿا چئو توهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو مان آهيان سنڌ سلامت جو توهان جو ڪنگ ڪلڪ ڪجو توهان جو ڪنگ
اسين ڪويت ۾ رهندا آهيون پنهنجي فيملي سان گڏ تعليم اصل ۾ انگلش ۾ ڪئي آهي پر والدة کان سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي آهيان اها به گهر ۾ اگر سنڌي لکڻ ۾ غلطي ٿي ته غلطي معاف sindhsalamatsaathsal
ادي صحيح سنڌي ته لکو پيا۔۔۔۔ لکڻ جاري رکندو ته غلطي واري ڳالهه ئي نه هوندي۔۔۔۔ امڙ جا لک احسان جن توهان کي سنڌي سيکاري ۔۔۔۔ کين منهنجي طرفان آداب چوندا۔۔۔۔۔
ڀيڻ ڀلي ڪري آيا............ اميد ته توهان هُتان ڪويت مان اسانجي اڪيلي اوطاق تي مطلب سنڌ سلامت تي مڙئي پهننجا حال احوال اورڻ ايندا ڪريو.... اها تمام سٺي ڳالهه آهي جو توهان جي اندر ۾ سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شونق (شوق) پيدا ٿيو.... باقي انڊيا جا سنڌي ته پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي شرمندگي محسوس ڪندا آهن. هند ۾ سنڌي اسڪول به آهن پر اُتي ڪوئي پڙهڻ نه ويندو آهي، ڇو جو هتي سوچيندا آهن ته اگر اسانجو ٻار سنڌي ۾ پڙهندو ته انگريجي (انگلش) پڙهي ڪونه سگهندو بس اهوئي ڪارڻ آهي جو ماءُ به پنهنجي پٽ سان هنديءَ ۽ انگلش ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندي آهي......... پر توهان انهن مان ڪونه آهيو.................. اوهان جي لک مهرباني جو توهان سنڌ سلامت جي رڪن جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ آهيو.....
سنڌ جي سرتي کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار __________________اوها ڪويت ۾ رهو ٿا تمام سٺي ڳالهه آهي جو اوهان سنڌي سان دلچسپي پڻ رکو ٿا الله تعالي اوهان جي جيجل امڙ کي خوش رکي جن اوهان کي مادري زبان سيکاري اوهان سنڌ سلامت تي ايندا رهو انشاء الله سنڌي سکي ويندا پر سنڌي کان علاوه عربي به ايندي آهي يا نه۔؟؟ مان جيسيتائين ڪنهن سان عربي نه ڳالهايان اصل ماني ئي هضم ناهي ٿيندي اوهان به سنڌي سان اهڙو لڳاو رکو شل آباد هجو
السلام عليڪم ڀيڻ ناديه مون جي طرفان به امڙ کي پيرن تي هٿ ............... سڀ کان پهريائين ته ڀيڻ دير سان ريپلائي ڪرڻ تي معزرت سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي مان اوهانکي ڀليڪار چوان ٿو ۽ ڪوشش ڪريو ته وڌ کان وڌ پنهنجون سنڌي سهيلين کي فورم جي دعوت ڏيو bhali kareaya ادي اسان کي اوهان جي لکڻين جو بي صبري سان انتظار رهندو سنڌ سلامت فورم تي حسب روايت اوهان کي انتظاميه طرفان هي گلن جو تحفو ڏنو پيو وڃي اميد ته قبول پوندو sadayeen gud ۽ سنڌين جي قديمي روايت مطابق مهمان جو وات مٺو ڪرايو ويندو آهي مهرباني ڪري قبول ڪجو sadayeen gud sindhsalamatsaathsal
اسلام عليڪم، ادا علي علي عرف انٽرنيشنل فقير، سنڌ جي سرتي ته رهي ٿي ڪويت ۾، انهي ڪري انهي جي سنڌي لکڻ ۾ غلطي ٿي ٿئي، توهان کي وري ڇا ٿيو آهي جو مٺڙي ٻولي جو نور گار ڪري ڇڏيو اٿي۔ ڪجهه ته خيال ڪر۔ ادا فقير، اصل ناديه مگسي جون ته توهان ڊبل عيدون ڪرائي ڇڏيون آهن۔ ايتري مٺائي۔ باقي ادو ڪپڙن وارو (ادو ابوزين) ڪٿي آهي۔ انهي کي گذارش آهي ٻهه ٽي اجرڪون مهمان جي اڳيان پيش ڪري۔ او ادا ابو زين ڪٿي آهين۔ وسلام راجا عبدالوهاب (اسلام آباد۔) فقير
:d ادا ايڊيٽر يار اسان جي اڇي ڏاڙهي جو خيال ڪر يار اهڙيون ڌمڪيون ته نه ڏي باقي فقير وٽ اهڙا گر اٿئي جو لٽجڻ 'ان پوء به ايترو مال اٿس جو ماڻهن کي ڍو پيو ڪرائيندو وتي:d