سنڌي شاگرد آخر پوئتي ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2012۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌي شاگرد آخر پوئتي ڇو؟


    الطاف بالادي


    سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي ڌاڙيلن، غنڊن، ڦورن، ڀتي خورن ۽ ڪرائي جي قاتلن جي آماجگاهه بڻائي ڇڏي آهي، سنڌ جي ايندڙ نسلن کي جاهل ۽ ڄٽ رکي سنڌ جي وسيلن، تيل، ڪوئلي، گئس، نوڪرين، شهرن، زمين ۽ حق حڪمراني تي ڌارين کي قابض ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پرائمري کان وٺي اعليٰ تعليمي ادارن تائين سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ استادن جي قتلن ۽ تعليم جي تباهي جا ذميوار ڪير آهن؟ شهيد عاشق جوڻيجو، بابر سنديلو، عبدالنبي بروهي، رميز سهاڳ، پروفيسر بشير چنڙ، دين محمد دل سميت يونيورسٽين ۾ قتل ڪيل سمورن جا ڪيس گورنر ۽ يونيورسٽين جي انتظاميه تي داخل ڪيا ويا آهن. آخر ان قتلن جي پويان ڪير ذميوار آهي؟ تعليم ته قومن کي ترقي تي پهچائيندي آهي پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ماڻهن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي تعليم جي تباهي خلاف سنڌ جي ساڃاهه وندن سميت هر سنڌي ماڻهو تي فرض ٿئي ٿو ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. موجوده سرڪار هٿ وٺي سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي ڌاڙيلن، غنڊن، ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي عوام ۾ اهڙا فساد پيدا ڪري انهن مٿان وار ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن کي قتل ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ڌار مهاجر صوبي جي مهم هلائي سنڌي ماڻهن کان پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلا کسڻ جون ڪوششون جاري آهن. سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ استادن کي قتل ڪرڻ، هٿياربند ڏوهارين، ڀتا خورن ۽ غنڊا گردي ۾ سرڪار ۽ يونيورسٽين جي انتظاميه برابر جا شريڪ آهن. سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪري سنڌ جي ايندڙ نسلن کي جاهل بڻائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، هڪ سنڌي نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ته ڪندو آهي پر ان کي اڳتي هلي ڪري اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ٿي ڏني وڃي، جيڪڏهن مشڪل سان ڪٿي داخلا ملي به وڃي ٿي ته ان هنڌ تي کيس مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي سنڌي نوجوان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو. نوجوانن کي داخلائون نه ملڻ ڪري نوجوان سخت مايوسي جو شڪار آهن. سنڌ نوجوان کي پنهنجا گهر ڀاتي نه کائي به تعليم ڏيارين ٿا پر اڳتي هلي ڪري داخلا نه ملڻ سبب اهي خاموش ٿي ويهي رهن ٿا ته هاڻي ڇا ڪجي؟ نوجوان پنهنجي محنت مزدوري ڪري پڙهندو آهي ۽ سوچيندو آهي ته مان ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيندس پرپوءِ به اهو نوجوان بس پوئتي ئي رهجي ويندو آهي. سنڌي نوجوانن کي ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ داخلائون نه ڏيڻ انهن خلاف هڪ وڏي سازش آهي، پ پ جي حڪومت هوندي به سنڌي پڙهيل لکيل نوجوان ايڏا پوئتي ڇو؟ سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جو آواز بڻجي هميشه سنڌ جي تعليم جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ جا نوجوان شاگرد سرڪار ۽ ٻين ادارن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي تعليم جي بحالي لاءِ ميدان ۾ اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌي نوجوان طبقي کي ترت اڳتي آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن سنڌ يونيورسٽي سميت سمورن اعليٰ تعليمي ادارن ۽ تعليمي بورڊن جا اختيار گورنر کان کسي سنڌ اسيمبلي جي حوالي ڪيا وڃن. چيف جسٽس صاحب سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ قتل وغارت ۽ سنڌ جي تعليم جي تباهي خلاف پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ۽ انهن قاتلن خلاف سخت ڪارروائي ڪري امن امان کي برقرار رکيو وڃي. سول سوسائٽي، وڪيلن، انجنيئرن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، واپارين، اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪيان ٿو ته سنڌ جي نوجوان نسل کي تباهي کان بچائي سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پرامن تعليمي ماحول کي بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو آواز اٿارين.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاگرد آخر پوئتي ڇو؟

    سائين مگسي صاحب لک ٿورا اوهان اهم موضوع تي لکيل الطاف بالادي جو ليک ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔

    اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏي سگهي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي خيال ۾ استاد، تنظيمون ۽ شاگرد پاڻ به انهن حالتن جا ذميوار آهن۔
     
  3. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي شاگرد آخر پوئتي ڇو؟

    ادا پسند ڪرڻ لاءِ لک ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو