بلوچن ۽ سنڌين سان زيادتين وارو سانحو مير محمد علي ٽالپر بلوچن آمريتي رياست جي انهن ٽن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل رٿ کي ناڪام ڪري ڇڏيو آهي. هنن پنهنجو وقار برقرار رکيو آهي، مزاحمت وارو اتساهه ۽ قومي فخر بحال اٿن ۽ عزت نفس وڃايو نه اٿائون. ”آمر جا مقصد هوندا آهن: هڪ پنهنجي رعيت يا محڪومن کي ذليل ڪرڻ، کيس خبر هوندي آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي ميس ماريل هوندي آهي سو ڪنهن جي به خلاف سازش سٽي نه سگهندو آهي. ٻيو، محڪومن ۾ هڪ ٻئي تي بي اعتباري پيدا ڪرڻ، ڇو ته جيستائين ماڻهو هڪ ٻئي ۾ ويساهه رکڻ شروع نه ٿا ڪن تيستائين آمر جو تختو اونڌو ٿيڻو ناهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو آمر ظالم سٺن ماڻهن سان جنگ ڪندا رهندا آهن، کين اهو خيال هوندو آهي ته سندن اقتدار کي انهن کان خطرو آهي، نه رڳو ان ڪري ته انهن تي آمراڻي نموني حڪم هلائي نه ٿو سگهجي پر ان ڪري به جو اهي هڪ ٻئي سان وڌيڪ وفادار آهن ۽ هڪ ٻئي خلاف مخبري نه ٿا ڪن ۽ ٽيون آمر جي خواهش ٿئي ٿي سندس سڀ محڪوم ڪوبه ڪم ڪرڻ، ايڪشن کڻڻ جي قابل نه رهن، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ان ڪم ۾ هٿ نه وجهندو جيڪو هن لاءِ يا هن جي خيال موجب ناممڪن هوندو ۽ جيڪڏهن منجهن سگهه نه هوندي ته اهي ظالم (آمريت) جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا“. (ارسطو 384 کان 322 ق م) وزيراعظم، گهرو معاملن جو وزير، آرمي، سياستدان ۽ عام طور اسٽيبلشمينٽ بلوچن جي بري هالت جي ڪري ساڻن همدردي ۽ سندن حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڍونگ ڪندا رهن ٿا پر اهي بلوچن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. ارسطو آمريت جا جيڪي 3 مقصد ٻڌايا آهن، انهن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رياست بلوچن جي اغوائن، قتلن ۽ تشدد جي بي رحماڻي انڌا ڌنڌ پاليسي پئي هلائي. آمر ظالم تاريخ مان ڪڏهن به نه ٿا سکن، اهو ته عوام خلاف ظالم جيڪو تشدد روا رکن ٿا سو نيٺ کين کائي کپائي ڇڏيندو. واٽس فار بلوچ مسنگ پرسنس جي چيئرمين نصيرالله بلوچ انڪشاف ڪيو ته پهرين مارچ 2012ع تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪوئٽا جي سرياب واري گوهر آباد ايريا تي چڙهائي ڪئي، گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن کي دهشت سٽيل بڻايو. ستن ماڻهن ۽ 3 ٻارن کي اڻ ڄاتل هنڌ نيو ويو. سوگها ڪيل ماڻهو آهن مير خان پٽ گل بهار، مير جان پٽ امير خان، بلخ شير پٽ امير جان، محمد شير پٽ امير جان، لال پٽ دوران (عمر 10 سال)، گل مير پٽ دوران، هزار خان پٽ حبيب خان، مزار خان پٽ حبيب خان، جاويد پٽ حبيب خان (عمر 10 سال) ۽ حنيف پٽ حبيب خان (عمر 8 سال). هڪ ٻيو شڪار آهي مري قبيلي جو مير حبيب خان مزاراڻي، جنهن کي 26 مارچ 2011ع تي ساڳي قسم جي چڙهائي دوران قتل ڪيو ويو. هن رياست هن ڳالهه کي يقيني بڻايو ته کنڀجندڙ يا مارجندڙ بلوچ مردن جون عورتون به پاڪن جي سرزمين تي عورتن جو بين الاقوامي ڏينهن يعني 8 مارچ نهايت ٺهڪندڙ نموني ماتم ڪندي ملهائن. اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪنهن ڪٽنب جا سمورا مرد کنڀي کنيا ويا هجن. گذريل اپريل ۾ مري قبيلي جي 70 سالن واري پيرسن احمد خان شيراني جا 9 ڀاتي ناردرن باءِ پاس ڪراچي ويجهو کنڀي کنيا ويا ۽ پوءِ انهن مان گهڻن تي سخت تشدد ٿيو ۽ سندن لاش مليا. احمد خان جو لاش ساڳي سال 2 جون تي اٿل مان هٿ ڪيو ويو. جيڪڏهن سول سوسائٽي، سپريم ڪورٽ ۽ ميڊيا وارا ننڊ ۾ رهيا ته حبيب خان مري جي خاندان جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو احمد خان شيراني جي خاندان جو ٿيو. بلوچ عوام تي انهيءَ ظلم ڏانهن ڌيان اٽي ۾ لوڻ برابر ڏنو ويو آهي باقي هڪ ننڍڙي رڱيل مجسمي ميڊيا جو جنون پيدا ڪيو. هڪ چماٽ تي وڏو گوڙ ٿيو پر عدالت کان مٿانهان قتل ان طرح کنيا ويا ڄڻ ڪا وڏي ڳالهه نه ٿي. ميڊيا جي اها نهايت ناانصافيءَ واري چونڊ شڪ پيدا ڪيا آهن ۽ بلوچ عوام جي سوچ ۾ ڪاوڙ نظر اچي ٿي. هاڻي بلوچ پنهنجو آواز پري پري تائين پهچائڻ لاءِ سوشل نيٽ ورڪنگ تي دارومدار رکيو آهي ۽ ان آواز کي رياست دٻائڻ چاهي ٿي. ايئن به ناهي اهي اغوائون ئي آهن جيڪي بلوچن سان ظلم جي علامت سمجهجن. 2 مارچ تي محمد حسن، فتح محمد مريءَ جا تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيا، فتح محمد جي سڃاڻپ سندس کيسي ۾ هڪ چٺيءَ مان يقيني بڻي ۽ لسٻيلي جي عبدالرحمان جو پڻ اهڙو لاش مليو، پهرئين جو منگوچر، ٻئي جو پشين ۽ ٽئين جو وندر مان. 3 مارچ تي عبدالقادر جو لاش جعفر آباد جي نوتال واري علائقي مان مليو. بلوچ ريپبلڪن پارٽي (بي آر پي) جي ميمبرن زهرو پٽ تگيا، لمبو پٽ نوهاڪ، منگل پٽ زهرو ۽ رحيم بخش جا لاش الڳ الڳ ديري بگٽيءَ جي پير ڪوهه واري علائقي مان مليا. بي آر پي جو ترجمان شير محمد بگٽي چيو ته انهن بي آر پي ميمبرن کي پهرين مارچ تي ديري بگٽي ۾ فوجي حملي دوران کنڀيو ويو هو. اهي اغوائون ۽ قتل ڏينهون ڏينهن وڌيڪ حد تائين انڌا ڌنڌ ۽ وحشياڻيون ٿينديون ويون آهن. رياست سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين کي به نه ٿي ڇڏي. گذريل سال پهرين مارچ تي دڪاندار ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ڪو آرڊينيٽر نعيم صابر جمالديني کي خضدار ۾ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته فيصل مينگل کي 10 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو. صحافي ۽ انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ صديق عيدو اپريل ۾ ماريو ويو. جاويد نصير رند، منير شاڪر، رحمت الله شاهين ۽ 5 ٻيا صحافي گذريل سال ماريا ويا. 29 فيبروريءَ تي بچاءِ بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ڪنهن حالت ۾ قطعي طور برداشت نه ڪيو وڃي. هنن وساري ڇڏيو ته ايف سي ۽ ٻيون ايل اي ايز ڪميٽين ۽ ڪميشنن کان حڪم نه ٿيون وٺن. انهن ڪميٽين ۽ ڪميشنن کي پڇي ئي ڪير ٿو!؟ حيدرآباد سنڌ ۾ تازو جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مريءَ ۽ عمر تيوڻو ايجنسين جي سادن ڪپڙن وارن هٿان خراب سلوڪ جو شڪار ٿي ڪري کنڀجي ويا. گذريل مهيني ٻن کنڀي گم ڪيل سنڌي ڪارڪنن خادم لولائي ۽ قربان جتوئي جا لاش لاڙڪاڻي جي مديجي ٽائون ۾ اڇلايا ويا. بشير آريسر، مظفر ڀٽو، افضل پنهور، ثناءُ الله عباسي، مرتضيٰ چانڊيو، محسن شاهه، احسن ملاڻو ۽ بابر جمالي سميت ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪيل آهن. ڪوبه ناهي جنهن کي سنڌي ۽ بلوچ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي پرواهه هجي. بلوچ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف پنهنجي انڌاڌنڌ تشدد سان رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ اهو ڪجهه حاصل ڪرڻ جو مقصد رکن ٿيون جنهن کي ارسطو آمر جو مقصد چيو آهي. محڪومن جي تذليل، انهن جي اندر هڪ ٻئي ۾ شڪ ۽ کين ڪنهن معنيٰ ڀرئي ڪم کان معذور ڪرڻ، جيئن اهي آمريتي حڪمراني آڏو گوڏا کوڙن، گذريل 65 سالن کان وٺي انهن مقصدن کي ذهن ۾ رکي رياست بلوچ قوم جو اتساهه ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي آهي. بلوچن هر ڀيري تازي ويساهه ۽ اتساهه سان موٽ پئي ڏني آهي. ظلم وڌندو وڃي ٿو ۽ عزم ۽ مزاحمت به وڌي ٿي. بلوچن رياست کي ان جا اهي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شڪست ڏني آهي. ڀلن ماڻهن سان جنگ ۾ رياست پنهنجا ڪجهه ڇاڙتا ضرور پيدا ڪيا آهن پر بلوچ ماڻهو عام طور هڪ ٻئي سان وفادار رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي خلاف مخبري نه ڪئي اٿائون. ٽيون ته رياستي دهشت گرديءَ جي ڪري بلوچ نڪما نه بڻيا آهن ۽ هنن ظلم کي اکوڙڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪئي آهي. هاڻي اها دهشت گردي نسل ڪشي بڻجي وئي آهي. هنن بهرحال آمريت هٿان دٻجي وڃڻ کان انڪار ڪندي ڪامياب مزاحمت ڪئي ۽ وليم رالف انج جي هن ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته ڪو ماڻهو پاڻ کي سنگينن جو تختو ته بڻائي سگهي ٿو پر پاڻ ان تي ويهي نه ٿو سگهي
جواب: بلوچن ۽ سنڌين سان زيادتين وارو سانحو پر پوء به بلوچن جي تحريڪ اهم ۽ فيصلائتي مرحلي تي پهتي آهي پر افسوس جو سنڌ ڪيس ۽ سنڌي ماڻهو اڃان ڪوهين ڏور آهن۔ ڏسون ته ڪڏهن ٿا گڏجن۔ ياد رکو جيستائين اسان جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو نه ٿو ٿئي تيستائين مونکي ڪا اميد جي راهه نظر ڪانه ٿي اچي۔