دوستو! اسلام عليڪم! آئون آهيان سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) جو ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ رائيٽر ” خادم حُسين خاصخيلي” عُرف (ڪي ڪي)۔ آئون شڪر گُذار آهيان پنهنجعي دوست ۽ ساٿي عبدالرزاق ميمڻ جو جنهن مونکي توهان سان مُتعارف ڪرائڻ جو موقعو ڏنو۔ توهان مُهنجا گهڻائي ڊرامان، فلمون، سيريل، گانا، سهرا وغيره ضرور سنڌي ميڊيا (سالووڊ) جي چئنلن جهڙوڪ ( ڪي ٽي اين، مهراڻ، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي، ۽ پاڪستان ٽيليويزن ۽ اڙدو ميڊيا (جيئو، هم، انڊس، اي آر وا) وغيره تي ضرو ڏٺا هوندا۔ مون ڪي ٽي اين، آواز ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي جا پهريان ڊرامان ڊائريڪٽ ڪيا۔ جهڙوڪ ويچارن سان ويڌن (مذاحيه ڪي ٽي اين تي)، وڏو ماڻهون (آواز تي)، ۽ تضاد (ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ تي) ، اڄ ڪله توهان مُهنجا سهرا مهراڻ ٽي وي تي به ضرور ڏسي رهيا هوندا۔ هن وقت مُهنجو ڌرتي ٽي وي تي آن ايئر سيريز ”ٿاڻو سياڻون“ ضرور ڏسندا هوندئو۔ ۽ ايندڙ ڪنهن سومر کان توهان مُهنجو پنج ڏهاڙو ڊرامون ”لکن جو داعُ” آواز ٽي وي تي ضرور ڏسجو ۽ پنهنجي را کان آگاه ڪجو۔ هي سسپينس ۽ ڪرائيم تي آهي۔ آواز تي هن ڊرامي جو ٽيزر هلي پيو ۽ عنقريب ان جو پرومو (ٽريلر) به آن لائين ٿيڻ وارو اهي۔ باقي تعارف وقت سان هلي اڳتي ڪرائينداسون۔ ڇا توهان جي انتظاميا ۽ ميمبرس مونکي ڀلي ڪار ڪندا؟
جواب: سنڌ سلامت سنڌي سلامت محترم سائين خادم حسين خاصخيلي صاحب؛ اسين ته اوهانجا خادم ۔۔۔ سنڌي دوست اسانجا ساٿي، اسانجا سائين ۽ منٺار آهن ۔۔۔ اوهانکي ڀليڪار نه چونداسون ته ٻيو وري ڪنهن کي ڪنداسون ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ راهن ۾ گل نه وڇائبا جو گل مهانگا ٿي ويا آهن، ۽ نه وري ڪنڊا ئي وڇائبا ۔۔۔ ها دوستن لاءِ ڀاڪر ۽ چميون کوڙ ۔۔۔ دوست اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت اوهانجي پنهنجي اوطاق آهي ۔۔۔ اوهان بي ڌڙڪ هليا ايندا ڪيو ۔۔۔ پاڻ سان گڏ چانهن پاڻيءَ جو بندوبست به ڪيون ايندا ڪريو ۽ ڪجهه هت دوستن جي گڏ ڪيل راشن پاڻيءَ مان مستفيد ٿيندا ۽ ڪجهه پنهنجي راشڻ مان اسانکي چکائيندا ۔۔۔ مطلب اوهانجا ڊراما ۽ اوهانجي اداڪاري ڏٺي ته ناهي پر جيڪڏهن ڪجهه وڊيوز هجن ته اسانکي به ونڊ ڪرائيندا ته لک قرب ۔۔۔ اوهانجهڙا دوست هن اوطاق تي پسي دل ٺار ٺار پئي ٿيندي آهي ۔۔۔ اسانجو دوست عبدالرزاق ميمڻ ته گهڻ پاسائون هيرو آهي ۔۔۔ سندس هر پاسي کان پيا مختلف جلوا نڪرندا آهن ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت سنڌي سلامت محترم ّخادم حسين خاصخيلي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙي سنڌ دوست سڄڻن جي راين، صلاحن ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔ سائين عبدالرزاق سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ سان گڏ بهترين ليک اسان سان ونڊ ڪندو رهندو آهي۔ سندس به ٿورا جو اوهان جهڙي ميڊيا جي دوستن کي سنڌ سلامت تي آڻي رهيو آهي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت