ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
اڄ جي هن جديد دور ۾ خوبصورت نظر اچڻ جي خواهش هر نوجوان کي آهي جنهن لاءِ هو جيترا طريقاُ ٿي سگهن ٿا استعمال ڪري ٿو. هن دور ۾ خوبصورت انسان ان کي ئي مڃيو وڃي ٿو، جنهن جو وزن گهڻو نه هجي يعني سنهي ماڻهوکي ئي خوبصورتي جي دائري ۾ رکيو وڃي ٿو.( ٿلهي ماڻهون لاءِ ٿلهو هجڻ صرف ظاهري عيب ناهي بلڪ ٿلهو هجڻ سبب انسان جو اندروني نظام پڻ متاثر ٿيندو آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته موٽاپو نه رڳو دل جي بيمارين بلڪ ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو.ماهرن موجب موٽاپو جگر جي ڪينسر جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. ڇاڪاڻ ته موٽاپي سبب ڪينسر جا جراثيم پيدا ٿيندا آهن. طبي ماهرن موجب ٿلهي ماڻهن ۾ جگر جي ڪينسر جو خدشو عام ماڻهن کان وڌيڪ هوندو آهي ۽ دنيا ۾ ڪيترا ئي ماڻهو جگر جي ڪينسر سان مري ويندا آهن. ) موٽاپي ۽ سنهي ٿيڻ کي اسان واضع physically ڏسي سگهون ٿا، ياد رهي ته پنهنجو وزن گهٽائڻ لاء اسان کي ورزش جي ضرورت پوندي آهي، ۽ هر شخص پاڻ کي خوبصورت ٺاهڻ لاء پنهنجي وت سارو ورزش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي تاڪه هو خوبصورت سان گڏ صحت مند ۽ تندرست به به رهي سگهي، سنڌ سلامت جا دوستو هت مان هڪ سائيٽ ونڊ ڪريان ٿو جنهن ۾ ٿلهائڻ ختم ڪريڻ ۽ تندرست رهڻ لاء ڪجهه ڏس ڏنا ويا آهن جيڪي وڊيوز جي صورت ۾ موجود آهن، اچو ته پوء اهي ڏسون ۔۔۔نوٽ۔۔۔ ورزش جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ۽ وڊيوز ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔ ۔