سنڌ اسيمبلي مان نڪتل عزت جو جنازو محمد بخش ڏاهري [JUSTIFY]ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، سنڌي ميمبرن جي جهڙيءَ ريت بيوسي ڏسڻ ۾ آئي ان عمل اسان کي جلا وطنيءَ جي احساس ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ڪي زندگيءَ جا دک ڪنهن سان سلي نه سگهبا آهن، ڪي درد سيني ۾ لڪائي جيئڻو پوندو آهي. ڪڏهن ماڻهو بيوسيءَ جي بار هيٺ دٻجي ويندو آهي. ڪڏهن مطلحت آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيندو آهي. عزت، آزادي ۽ وقار وڃائي اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ذلت جهڙي زندگي جيئڻ پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏيو آهي. طاقت جي طبع آزمائي ڪندي نون دوستن کي ڏهاڪا گذري ويا آهن، پر هو پنهنجي سوچ امن پسند ڌرتيءَ سان سلهاڙي نه سگهيا آهن. مفادن ۾ جيئڻ ته سندن ماضيءَ جو محبوب مشغلو آهي، پر هاڻي هو بدترين معاشي تي لهي آيا آهن. اسان ماڻهن جي بدقسمتين جا بي شمار داستان لکي وقت جي وير اسان کي ماضيءَ طرف ڌڪيندي رهي ٿي. ڌرتي جيڪا اسان لاءِ ماءُ جيتري مقدس آهي، سا هنن دوستن لاءِ زمين جو هڪ خصيص ٽڪرو آهي. اسان جي حياتي جا انيڪ پل ان ڌرتيءَ سان سلهاڙيل آهن. جيڪا اسان جي خوابن جي ڌرتي آهي. اميدن جو وطن آهي. مرڪ خوشي سونهن پيار جي پناهه گاهه آهي، جتي اسان سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي. موڙڙي جو ماڳ دهشت گرديءَ ۾ جلي ٿو. جتان امن جو پکي ڪڏهوڪو اڏامي ويو آهي. جتي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ بارود جي بوءِ اسان جي اندر کي ساڙي ٻاري ڇڏيو آهي. لکين زندگيون داءَ تي لڳائي ڇڏيون آهن. هر ساهه غير يقيني جي باهه طرف ڌڪجي ويو آهي. اسان ان خوش فهميءَ ۾ آهيون، هي اسان جا مقدس ايوان آهن، هي ايوان اسان جي اندر جو آواز آهن. هي اسيمبليون اسان جي آواز جو ثبوت آهن، پر ايئن نه آهي هي اسيمبليون اسان جي زندهه دلي جو ثبوت ته آهن، پر اسان جي ڀاڙيائپ تي پردو رکڻ جو ذريعو بڻيل آهن. ٽيون ڏينهن اسيمبلي ايوان ۾ مون انهن ميمبرن کي به ڏاڍو بيوس ڏٺو، جيڪي پنهنجي علائقن جا بي تاج بادشاهه آهن. جتي سندن تڪ ۾ ڪکُ به سندن مرضيءَ سان چرندو آهي، ڪنهن صوبيدار ۽ ايس پي کي مجال نه آهي جو ڪنهن واردات ۾ سندن ڪو ماڻهو ٻڌي سگهي. جتي سندن بنگلن تائين ته ڪارپيٽ وارا روڊ ٺهيل آهن، پر مسڪين ماڻهو انهن علائقن ۾ ٽٽل روڊن تان ماڻهن سان سٿيل سوارين ۾ لڙڪندي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. جن علائقن ۾ ڏک پلبا آهن. دردن جي موسم هوندي آهي. جتي اڻ هوند سدائين مهمان بڻيل هوندي آهي. حياتيون سڪي ساهه ڏئي سرد ٿي وينديون آهن. انهن علائقن ۾ موڙ ٻڌڻ جي موسم کان اڳ راهه ويندي موت مهمان ٿيندو آهي. انهن علائقن جا بااثر نمائندا پنهنجي ئي ايوان ۾ ڏاڍا بيوس بڻجي ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي مهاجر صوبي جا پوسٽر ڪا آسماني مخلوق چنبڙائي نه وئي هئي پر هي اهي ماڻهو هئا، جن جا ڀيانڪ منصوبا ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان اسان نابري واري ڇڏي آهي. جيڪي اسان کي ملڪ جي وفاداري جا نوان سبق پڙهائين ٿا، اسان کي غدار، ڄٽ ۽ جاهل سمجهن ٿا. هو سندن طبقي جا به سڄڻ نه آهن، جيڪو طبقو سنڌ جو ٿيڻ ته چاهي ٿو، پر سندن طاقتور اڳواڻ کين ايئن ڪرڻ نه ٿا ڏين ۽ سنڌي عوام جي خلاف نفرت جا الاٿا اوڳاڇين . صوفي مت سنڌ نفرت ڪرڻ ڪٿي سکي آهي، سنڌ ته ڌارين لاءِ آباد ٿيڻ جا در کليل رکيا آهن، پر اسان جي نون دوستن کان سڀ ڪجهه وسري ويو آهي. کين اها ڳالهه به ياد ڪانهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ئي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو هو. سنڌي ماڻهن دل کولي سندن آڌرڀاءُ ڪيو هو. اڄ اهي سنڌي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان محبت ڪندي گناهه گار ٿي پيا آهن. ڀتو وٺڻ، بليڪ ميلنگ، دهشت گردي تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ سنڌ جو شيوو نه رهيو آهي اهي سڀ شيون ته اسان جا ڌاريا دوست ٻاهران کڻي آيا آهن. اسان وٽ ته صدين ۾ ڌاڙيل به ننگن جا محافظ رهيا آهن. سنڌ ڪنهن تي ڪاهيو ڪونهي، پر سنڌ تي ڪاهون ٿيون، وڏو عرصو مغلن، ارغونن، ترخانن جي عتاب جو شڪار بڻجي ڏن ڀريندي رهي. پر نون دوستن جو تاريخ سان پري جو به تعلق ڪونهي. ٽيون ڏينهن اسيمبلي ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي ڪهڙو بيوقوف مهذب پڻو چوندو. هتي ته طاقت جو مظاهرو هو. ڏاڍ مڙسي، هيسائڻ، ڌمڪائڻ جو سلسلو هو، جو چونڊيل ميمبرن جا مائيڪ به ٽٽا ته کين ڌڪا به مليا ۽ سنڌ اسيمبليءَ هڪ نيئن روايت قائم ڪري ڇڏي. ظاهر آهي ته اهڙي ڏاڍ مڙسيءَ تي اسان وارو وزيراعليٰ ڪڇي نه سگهندو نه وري اسان جا ميمبر سگهارو آواز بڻجي سگهندا. وڌ ۾ وڌ گدڙ وارين ڀڀڪين تي گذارو ڪيو ويندو. هي واقعو نه رڳو عوام جي توهين، پر سنڌ اسيمبليءَ جي عزت پائمال ڪرڻ جو انوکو مثال آهي. هي دوست ان ڏينهن کان چڙيل آهن جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ مهاجر صوبي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنهن تي سنڌي ميمبرن کي ڌمڪين وارا ايس ايم ايس وصول ٿيا هئا. هي ان ڪاوڙ جو اظهار هو ته اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ ڇو پاس ڪيو؟ هنن جو ڌڻي ته رحمان ملڪ ويٺو آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ پنهنجا پير گهمائي ويو. پر سنڌين جو ڌڻي ڪير آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻڪا بڻجي رهجي ويا آهن. جيڪي پنهنجي وطن ۾ جيئندان گهرڻ تي مجبور آهن. هو روزگار ڪاروبار جا ڪهڙا مطالبا ڪن، مهانگائيءَ ۽ بدامنيءَ خلاف ڪهڙو آواز اٿارين جتي سندن سوئي سلامت نه هجن۽ سرڪار پنهنجون سڀ توانايون انهن رٺل دوستن کي پرچائڻ ۾ پوريون ڪري ڇڏي، جيڪي دوست ڪو جائز مطالبو ڪرڻ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ سکيا ئي نه آهن. رات الائي ڪيترا خيال تصورن ۾ ترندا رهيا. تنهنجو مک مرجهايل ڏسي اندر اجهامي ويو، تو واعدو ڪيو هو پاڻ رات دل کولي ڪچهري ڪنداسين، تون منهنجي صدين جي زندهه سنڌ آهين، پر رات تنهنجي نيڻن ۾ لڙڪ هئا. تو پاڻ ئي ٻڌايو هو، هي منهنجي بيوسي جا ڳوڙها آهن. جڏهن تنهنجي رخسار تي ڪو ڳوڙهو ڏسندو آهيان، تڏهن اندر اجهامي ويندو آهي. دل جون روشنيون گل ٿي وينديون آهن. سرمائي سانجهه جهڙا سپنا ٽٽي پوندا آهن. اندر جي آڪاش تي غمن جا غبار ڇانئجي ويندا آهن. سرءُ جي سڪل پن جيان هوائن ۾ وکري ويندو آهيان. دل جي ساحل جون سموريون ڪشتيون ٽٽي پونديون آهن. نئين واٽ لاءِ واجهائڻ لڳندو آهيان. جڏهن منهنجي دل جا سمورا چراغ اجهامي ويا، تڏهن تو پاڻ ئي ڳالهايو هو ۽ تصورن جي ڪيترين يادگيرين تان دز لهي وئي هئي. مون توسان ڳالهائڻ چاهيو هو، پرتو تاريخ جا ورق کولي ڇڏيا هئا. تو چيو هو هندستان جي سرزمين وڏي ڀاءُ دارا کي ننڍي ڀاءُ اورنگزيب هٿان اجمير وٽ نه فقط شڪست کائيندي ڏٺو هو پر ان عظيم انقلابيءَ جي سسي جيل ۾ پٽ هٿان قيد شاهجهان جي خدمت ۾ نيزن تي پيش ڪئي وئي هئي. دارا جيڪو شاهه جهان جو پيارو پٽ هو، پٽ جي سسي ڏسي لرزي ويو هو. ڌرتي ڌٻي هئي، زلزلو آيو هو. تو ٻڌايو هو، جڏهن دارا کي ليڙون ٿيل ڦاٽل ڪپڙن سان دهليءَ جي گهٽين ۾ گهليو پئي ويو، ان منظر تي دهليءَ جي ماڻهن جون اکيون اجهامي ويون هيون. اورنگزيب جا سپاهي جڏهن دارا کي گهٽين مان گهليندا پئي ويا، تڏهن ڇڙيل وارن سان جيڪا ڇوڪري دارا کي چنبڙي پئي هئي، سا دارا جي پياري ڌيءُ هئي، وقت جي جلادن سندس ئي آڏو دارا جي سسي وڍي ڇڏي هئي، اها آئون هئس، صديون گذري ويون آهن، منهنجا چَتا ڇڙيل آهن، آئون هر دور ۾ ماتم ڪندي تنهنجي لاءِ شانتي بڻجي ويئي آهيان. تون مون کي تصورن ۾ ڏسي سگهندين، خوابن ۾ ملي سگهندين، پر دنيا واري حياتي ۾ آئون توکي نظر نه اينديس، کيس وراڻيو هوم، مون حقيقت ۾ توکي ڪيترا ڀيرا ڀٽائي جي اڱڻ ۾ ڏٺو آهي. وراڻيو هئائين اهو تنهنجو وهم آهي، تون جنون ۾ ڏاڍو اڳتي نڪري ويو آهين .تو اها ڳالهه وساري ڇڏي آهي، اورنگزيب جو نسل سنڌ ۾ هر هنڌ آباد ٿي ويو آهي. دارا ڪالهه دهلي جي گهٽي ۾ رسوا ٿيو، اڄ توهين اسيمبلي ايوان ۾ خوار ٿيا آهيو، توهان تاريخ کي اڏوهي کاڌل پنا ڇو سمجهيو آهي. اڄ توکي ٻڌايان ٿي، سنڌ ۾ طالبانائيزيشن ورهاڱي کان اڳ موجود آهي، پوءِ به اوهان انهن جون ٻڌل ٻٽيون نه کوليو ڪنور جي خون مان ڌياٽيون ٻاريو ها، ته ا ڄ سنڌ ۾ اورنگزيب جي نسل جو نالو نشان به موجود نه هجي ها نه وري طالبانائيزيشن جو وجود هجي ها. هوءَ ڳالهائيندي رهي، تاريخ جي زخمن تان ڪڙيون لاهيندي رهي، کيس بيوسيءَ سان ڏسندو رهيس، سنڌي قوم جو حقيقت کان انڪار تي افسوس ڪندو رهيس، کيس وراڻيم اسان ماڻهو پنهنجي بيوسي ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون. اسان جي نصيب ۾ مقدر جي ڪاتب بي شمار بدنصيبيون بي انداز ذلتون لکي ڇڏيون آهن. اسين ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. وراڻيائين، مقدر جو ڪاتب سجاڳ قومن جو طابع هوندو آهي. اوهين ورهاڱي کان پوءِ اونهي کاهي ۾ ڪري پيا آهيون. کوهه جا ڏيڏر بڻجي ويا آهيو. سندس ڳالهيون دل ۾ چڀنديون رهيون. سڀ ڪجهه سچ ئي چيو ٿي ان. موڪلاڻي مهل چيائين سنڌ اسيمبلي واقعو تاريخ جي ڊسٽبن ۾ ختم ٿي ويندو، پر انهن ميمبرن جو ساٿ ڪير ڏيندو، جن مهاجر صوبي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرائڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي، جن کي بار بار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. جن پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي پنهنجي ئي سر تي خطرن جا بار کنيا آهن. سنڌ اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا رولنگ ڏيندي اسيمبلي ايوان ۾ چيو ته مهاجر صوبي جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪندڙ ميمبر ايس ايم ايس ۾ مليل ڌمڪين جو جواب اهو ڏين ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ پر ڊپٽي اسپيڪر ان نعري کان آشنا آهي.؟! ڇاڪاڻ ته اهو نعرو سر جو سودائي آهي ۽ اسان جا ميمبر اهڙي رسڪ کڻڻ جا عادي نه آهن نه وري مياڻيءَ جي ميدان جو پس منظر سندن سامهون آهي. هوشو ته هڪ ڪردار هو، جيڪو ڪڏهن نه مرڻو آ، پر اهڙي سُرت اسان جي ميمبرن ۾ڪٿي آهي. جيڪي مفاهمت ۾ چوکنڀا ٻڌا پيا آهن. هوءَ ويندي رهي، هوءَ مون کي الواداع نه چوندي آهي، پر پاڻهي پولار ۾ گم ٿي ويندي آهي. نگاهون کيس ڏسندي رهجي وينديون آهن. آئون سوچن جا سلسلا جوڙي کيس ياد ڪندي رهجي ويندو آهيان. اسان ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي جلا وطن آهيون. مايوسيءَ جي ڪن ۾ گهوماٽيون کائي زندهه رهڻ جي حسرت وڃائڻ اسان جو مقدر بڻجي ويئي آهي. اسان کي مذهب ۽ ملڪ جي نالي لٽيو پيو وڃي. اسان جو مال اسباب سڀ ڪجهه لٽجي فنا ٿي چڪو آهي، ٽيون ڏينهن اسيمبلي ايوان ۾ اسان جي عزت جو جنازو ڪڍيو ويو. اسين بيوسيءَ تي ڳوڙهو به ڳاڙي نه سگهياسين ۽ بدمعاشيءَ جا مرتڪب اهي ٿيا جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ تي رهن ٿا. الائي ڇو لاشعور جي سوچ مون کي بيچين ڪرڻ لڳي. ذلتون، محروميون، مايوسيون، عدم انصاف، معاشي بدحاليءَ جون بيماريون اسان کي ورهاڱي کان وٺي چهٽيون پيون آهن. پر اسان ڪو دڳ تلاش ڪرڻ بجاءِ مقدر جي ڪاتب تي ڀاڙيو آهي.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: سنڌ اسيمبلي مان نڪتل عزت جو جنازو مفاهمت يا منافق تي قائم ڪيل رشتن جو اهو ئي حشر ٿيندو آهي ۔۔۔ پنهنجيون ٽوپيون لاهي ٻين جي مٿن تي رکڻ سان عزت ملندي ناهي عزت اڇلائبي آهي ۔۔۔ دراصل سنڌي جيتريون بيوقوفيون ڪيون آهن شايد ئي ڪنهن قوم ڪيون هجن ۔،۔۔۔۔ نه پاڻ مڙس ماڻهون ٿياسون ۽ نه وري مڙسن جي ڪنڌي تي ۔۔۔۔ اهڙين قومن سان گڏياسون جيڪي فطري طور چڪلائي قومون آهن ۔۔۔ سموري دنيا ۾ پنجابي پٺاڻ چڪلا هلائيندا آهن ۔۔۔ ۽ اسان الائجي ڪهڙي ڏهيج ۾ انهن جي سنڌ حوالي ڪري هاڻ موالي جيئان رڙيون ڪريون ته آواز ڪٿان ٿو اچي ۔۔؟؟؟؟ سنڌين پاڪستان ٺاهي جيڪو ڪاري تي پير رکيو سو رکيو پر انکانپو به ته سڀني سنڌي حڪمران گونهن ٿاڦيو آهي ۔۔۔ اڄ اسان انهن کي هيرا ٿا سمجهون پر پويان ڪپڙو لاهي ڏسنداسون ته ڌپ کانسوا ڪجهه به نه ملندو ۔۔۔ لکين ماڻهون ٻاهران گهرائي انهن جا آڌرڀاوَ ڪري سڀ ڪجهه ڏنوسين پر انهن بابت ڪو فيصلو ڪيوسون؟ ته آخر اهي ايندڙ ماڻهون ڪيترا ۽ ڪيئن اسان ۾ گڏبا ۔۔۔۔؟ ۽ انهن جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟ هاڻ جڏهن هو اسانجي ڪنڌ تي چڙهي نڙي تي ننهن ڏئي ويٺا آهن ته اهائي موالين واري ڪار ته اهو آواز ڪٿان ٿو اچي ۔۔۔؟؟؟ اسانکي گڏيل فيصلو ڪري ان مرض مان جان ڇڏائي اصل چڪلائين سان منهن ڏيڻو پوندو، نه ته جيئن بلوچن چيو ته پنجاب اسانجي سڃاڻپ وڃائڻ جي درپي آهي ۔۔۔ ۽ ائين ئي هو سنڌين جي سڃائپ وڃائڻ جي سازشن جو ڄار وڇائي چڪو آهي۔ الله ۽ قوم جي ڀلي خاطر گڏ ٿيو ۽ مرض ختم ڪريو ۔۔۔ فيصلا ڪيو، ٻي صورت ۾ ۔۔۔ ڍڳو پير پيران الله ائين مَ هو جو آ مران بند ۾، جسو زنجيرن ۾، راتون ڏينهان رو، پهرين وڃان لو، پو مر پڄنم ڏينهنڙا