فائرفوڪس 11 برائوزر ۔۔ پورٽيبل لنڪ سان گڏ۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪو وقت هو جڏهن انٽرنيٽ ايڪسپلورر ئي پنهنجو ۽ سنڌ سلامت جو پسنديده ورجن هوندو هو۔۔۔ پر جيئن جيئن ٽيڪنالاجي ۾ جدت ايندي وئي ۽ جديد جاوا، فليش، ايڇ ٽي ايم ايل5 ۽ جي ڪيوري تي مشتمل ويب سائيٽس لانچ ٿينديون ويون ۔۔ ٻين برائوزر تيزي سان تبديليون آنديون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انٽرنيٽ ايڪسپلورر پوئتي رهجي ويو۔۔۔ ايتري تائين جو هن جو ورجن 9 پڻ متاثر نه ڪري سگهيو۔۔۔ ۽ هن ئي سال ايندڙ ونڊوز 8 جي بلٽ ان انٽرنيٽ ايڪسپلورر 10 کي اچڻ کان اڳ ئي پوئتي ڌڪڻ لاءِ ٻين برائوزرس ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي۔۔۔
    گوگل ڪروم طرفان هر ڇهن مهينن کان پوءِ نئون ورجن لانچ ڪرڻ جي اعلان، فائرفاڪس کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي فائرفاڪس ورجن 4 کان 10 تائين پهچي ويو ۽ هاڻي ڪجهه ئي ڏينهن اڳ پنهنجي ورجن نمبر 11 جي فائينل کي رليز ڪري ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    فائرفاڪس جي هن نئين ورجن ۾ بوڪ مارڪ سسٽم کي سنڀالڻ پهرين کان آسان آهي ايتري تائين جو جيڪڏهن ڪو گوگل ڪروم مان سوئچ ٿيندي فائر فاڪس تي اچي ته گوگل ڪروم جا سمورا بوڪ مارڪ هسٽري سميت پڻ فائرفاڪس ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
    اهڙي طرح جيڪڏهن توهان ڪو ايڊون انسٽال ڪرڻ وقت فائر فاڪس ايڊون سينچورين تي لاگ ان رهيا آهيو ته نئين ورجن ۾ پراڻي ورجن تي انسٽال ٿيل سمورا ايڊون هن ورجن ۾ پاڻ مرادو ٿي ويندا۔۔۔ بيشڪ اهي پراڻا ايڊون ميڪ آپريٽنگ سسٽم تي انسٽال ٿيل ڇونه هجن۔۔۔

    هن ورجن جي هڪ وڌيڪ خوبي جنهن مون کي متاثر ڪيو جيڪا يقينن هر ويب ڊيولپر کي پڻ متاثر ڪندي سا آهي۔۔ نئون اسٽائيل ايڊيٽر ۽ ڪنهن به ويب پيج کي ٿري ڊي مشاهدي ۾ ڏيکاريندڙ پيج انسپيڪٽر جنهن ذريعي ڪنهن به ويب سائيٽ جي ڪهڙي به اليمينٽ جو مزي سان مشاهدو ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ رڳو ايترو ئي نه پر ان کي بس مائوس جي هڪ ڪلڪ سان محفوظ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
    سنڌ سلامت جو ٿري ڊي مشاهدو ڪرڻ لاءِ مون سنڌ سلامت کولي ان تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪيو ۽ Inspect Element چونڊي 3D بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو ته نظارو ڪجهه هن طرح نظر آيو۔۔۔

    [​IMG]

    جيڪڏهن توهان اڳ ئي فائر فاڪس استعمال ڪندڙ آهيو ته نئين ورجن تي اچڻ لاءِ Help مينو تي اچي (مينو بار فعال ڪرڻ لاءِ ڪيبورڊ تان الٽر جو بٽڻ دٻايو) About Firefox تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جو برائوزر پاڻمرادو هن نئين ورجن تي اپڊيٽ ٿي ويندو۔۔۔
    پر جيڪڏهن توهان نئون ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ ٿا چاهيو ته هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    ۽ جي هن ورجن جو پورٽيبل پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ هر وقت ساڻ رکڻ گهرو ته هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    نوٽ: نئين ورجن کي سنڌ سلامت صلاح مينو ۾ پڻ لنڪ طور لڳايو ويو آهي۔۔۔
     
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: فائرفوڪس 11 برائوزر ۔۔ پورٽيبل لنڪ سان گڏ۔۔

    ادا رشيد تمام بهترين معلوماتي ونڊ ڪرائي آهي۔ واقعي ۾ هاڻ لڳي ٿو ته فائر فاڪس گوگل ڪروم کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فائرفوڪس 11 برائوزر ۔۔ پورٽيبل لنڪ سان گڏ۔۔

    ائين به ناهي جو گوگل ڪروم وارا هٿ تي هٿ رکيو ويٺو هجي۔۔۔ انهن طرفان ايندڙ گوگل ڪروم جو 19 ورجن خاص طور ونڊوز 8 کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو پيو وڃي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو