مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
وائي
تنهنجي ياد ستايو رات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
اکڙيون منهنجون تولاءَ برسيون
برسي جئين ڪائي برسات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
هڪڙي پاسي تنهنجون يادون
۽ ٻئي پاسي هي جذبات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
اندر ولهوٽا ٻاهر سڏڪا
ڀوڳيم ويٺي هيءَ سڪرات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
سڏڪيم ساري رات "مزمل"
ويندي پرھ ڦٽي پرڀات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
مزمل چانڊيو
تنهنجي ياد ستايو رات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
اکڙيون منهنجون تولاءَ برسيون
برسي جئين ڪائي برسات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
هڪڙي پاسي تنهنجون يادون
۽ ٻئي پاسي هي جذبات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
اندر ولهوٽا ٻاهر سڏڪا
ڀوڳيم ويٺي هيءَ سڪرات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
سڏڪيم ساري رات "مزمل"
ويندي پرھ ڦٽي پرڀات
ساجن سُک سان ڪون سُتاسين
مزمل چانڊيو
