• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل کڄي وئي آهي هاڻي انتظار کان(مرڪ سنڌي)

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
دل کڄي وئي آهي
هاڻي انتظار کان
پر جڏهن زندگي جو مفهوم ئي
انتظار بڻجي وڃي ته
نه چاهيندي به
ان بار کي ڍوئڻو آهي
پر شايد پنهنجون راهون
الهيده هئڻ ڪري
مونکي اميدن ڀريو انتظار پسند آهي
جنهن ۾ توسان گڏجڻ،
تنهنجي پيار جي
موٽ جي هڪ
آس ته آهي

مرڪ سنڌي

vzdcw7.jpg
 
جواب: دل کڄي وئي آهي هاڻي انتظار کان(مرڪ سنڌي)

تنهنجي پيار جي
موٽ جي هڪ
آس ته آهي


تمام سهڻا خيال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها اميد، اهو آسرو شال سدائين قائم رهي۔۔۔۔

سهڻي ڊزائن
 
جواب: دل کڄي وئي آهي هاڻي انتظار کان(مرڪ سنڌي)

پيار، انتظار، راهون الڳ ۔۔۔ وڏي ڏکي ڳالهه آهي سائين ۔۔۔ اصل مان ته چوانٿو ظلم آهي پر ڪجي ته ڪجي ڇا؟ پر اوهانجو اظهار مرڪ سنڌيءَ جا لفظ ۔۔۔ اسانجي اکين تي۔

معاف ڪجو؛
اوهان هڪ لفظ لکيو آهي ۔۔۔”الهيده“ ، مهرباني ڪري ان لفظ کي درست ڪري ڇڏيندا ۔۔۔ لفظ لکيو ويندو ” علحده“ جنهن جي معني ٿيندي ڌار، الڳ وغيره۔
 
Back
Top