ڪنور رام کان رنڪل (فريال بيبي) تائين :تاريخي حقيقتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]

    ڪنور رام کان رنڪل (فريال بيبي) تائين :تاريخي حقيقتون[/CENTER]

    ميان عبدالرشيدقادري

    عوامي آواز سنڊي ميگزين ۾ آچر 4 مارچ تي "سنڌ: ڀڳت ڪنور رام کان رنڪل تائين" شايع ٿيو آهي، جنهن جو ليکڪ اسد چانڊيو هو، جنهن سان درگاه ڀرچونڊي شريف جي هزارين عقيدتمندن، مريدن سميت هر مسلمان جي دل آزاري ٿي آهي. مذڪوره مضمون ۾ ليکڪ خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي پيرن تي الزام تراشي ڪئي آهي جنهن لاءِ انهن جي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي ته "رنڪل سانحو هڪ پسند جي شادي جو معاملو هئڻ ڪري اسان ڀلا ڪري به ڇا ٿا سگهون ۽ اسان کي ڪجهه ڪرڻ به ڇو گهرجي.“ اهو دليل ايڏو وڏو سائينٽفڪ ۽ منطقي سمجهيو پيو وڃي، جو اڄ تائين سنڌ جي قوم پرست سياست جي سرواڻن کان وٺي انساني حقن جي علم بردارن تائين سڀ جو سڀ هڪ ماٺ ۾ ورتل آهي.

    ميڊيا جا اڪثر ادارا گهوٽڪي ضلعي جي طاقت بڻيلن تي ائين پردو وجهي رهيا آهن ڄڻ کين خبر ئي نه آهي ته هڪ هرڻي پنهنجي غلطي سبب بگهڙن جي ٽولي ۾ وڪوڙجي جان بچائڻ خاطر نماڻين اکين سان نهاري رهي آهي."

    ليکڪ پنهنجي ئي ڪالم ۾ پنهنجي ئي قلم ذريعي اقرار ڪيو آهي ته:

    1. رنڪل سانحو پسند جي شادي جو معاملو آهي.

    2. هرڻي پنهنجي غلطيءَ سبب بگهڙن جي ٽولي ۾وڪوڙيل آهي.

    3. تنهن ڪري ميديا وارا، سياست جا سرواڻ توڙي انساني حقن جا علمبرادر خاموش آهن، ننڊ ڦٽل آهي ته فقط رنڪل جي مائٽن ۽ اسد چانڊئي جي.

    حقيقت هيءَ آهي ته رنڪل نديم شاهه سان پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري مسلمان ٿيڻ لاءِ ڀرچونڊي شريف جي بزرگ شمن سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿي ته ان کي يڪدم ۽ تڪڙ ۾ مسلمان نه ڪيو ويو، توڙي جو بزرگ کي مسلمان ڪرڻ جو حق حاصل هو، اهو حق اسان کي ڀرچونڊي شريف جي بزرگ حافظ الملت محمد صديق رح کان وٺي عطا ٿيل آهي، جنهن جڳ مشهور عالمِ دين ۽ برصغيرِ جي مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ مولانا عبيد الله سنڌي جيڪو "سک" مذهب جو هو سندس نالو بوٽا سنگهه هو کي هن گادي جي سرواڻ پنهنجي بعيت ۾ مسلمان ڪيو.

    حقيقت هيءَ آهي ته رنڪل جي پهچڻ کانپوءِ ميان اسلم رنڪل جي پيءُ کي اطلاع ڏنو ته اوهان جي ڌيءُ مسلمان ٿيڻ لاءِ اسان وٽ پهتي آهي، توهان اچو ۽ جيڪڏهن هوءَ توهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي ته توهان ان کي وٺي وڃون، پر صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين ڪير به نه آيو ۽ بعد ۾ڏهرڪيءَ جو مکي نامون مل، رنڪل جو ڀيڻويو، ڊي ايس پي ۽ هڪ وڏو منشي آيا.

    هن درگاهه جو اصول آهي ته هتي نه ڪنهن کي زوريءَ مسلمان ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ڪيو ويندو.

    آرٽيڪل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته "درگاهه ڀرچونڊي شريف جو اهڙو ڪردار نه اڄ جو آهي ۽ نه ئي آخري آهي 2 نومبر 1939 جي هڪ بدنصيب ڏينهن رڪ اسٽيشن کي ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪرڻ جو ڪيس ڪنهن ٻئي تي نه پر ميان مٺو جي والد صاحب ميان عبدالرحيم ۽ ٻن ٻين مريدن تي داخل ٿيل آهي،“

    ليکڪ مٿين جملن جي لکڻ کان پوءِ پاڻ ئي پنهنجي قلم سان اقراري ڪندي چيو آهي ته پهرين هندو انتها پسند تنظيم راشٽريا سيوڪ سنگهه جي ڪارڪنن هٿان ڀرچونڊي جي پير خاندان جي نوجوان سان سکر ۾ بدتميزي ڪرائي ويئي. قارئين ڪرام ! صرف بدتميزي؟ سا به لکڻ واري جي قلم سان قبوليت واري؟ نه نه صرف بدتميزي نه حضرت پير عبدالرحمان جي وڏي فرزند ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان عبدالحق عرف ميان مٺي جي وڏي ڀاءُ ۽ ان وقت جي سجاده نشين پير عبدالرحيم کي باقاعده قتل ڪرڻ جي ارادي سان دغا ڪري دڪان اندر گهرائي، سکر ۾ سکر ۽ شڪارپوري غنڊن قتل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جنهن حملي پير عبدالرحيم کي ڇرين، چاڪن ۽ ڪرپانن جا زخم رسيا ۽ سائين جن جو سڄو جسم رتو رت ٿي ويو پر رب پاڪ سندن جان بچائي.

    ليکڪ جي اهڙي قبولداري ۽ هندن جي اڳرائي جي داستان محترم سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته " ڪن نا عاقب انديش سکر جي نوجوان هندن سندس وڏي فرزند ميان عبدالرحيم کي بنا سبب جي بي عزتي ڪئي، جنهن مامري تي پير صاحب جي مريدن ۾ جوش پيدا ڪيو، ديهاتي ۽ قبيلائي گروهه جي ماڻهن ۾ قديم دستور موجب رواج آهي ته ڪنهن وڏي عزت واري ماڻهو جو قتل يا بي عزتي ٿيندي آهي ته ان جو عيوضو ڏوهاري کان هرو ڀرو وٺڻو نه آهي پر قتل ٿيل يا بي عزتي ٿيل ماڻهوءَ جي شان ۽ شوڪت جي مد نظر مخالف ڌر جي ايڏي ئي عزت واري ماڻهوءَ کان بدلو وٺبو آهي، عرب، بلوچ ۽ پٺاڻ قومن جي ڪيترن ئي قبيلن ۾ اڃا اهو رواج هلندو پيو اچي. سنڌ اڃان قبيلائي دستورن کان آزاد نه ٿي آهي ۽ ڪيترائي قديم دستور هلندا پيا اچن.“ جي ايم سيد وڌيڪ لکيو آهي ته ”مريدن فيصلو ڪيو ته هندن جي ڪنهن بزرگ کان بدلو وٺجي ( جنب گذاريم جن سين ص 21 ، 22 سن 1979ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد)

    جي ايم سيد وڌيڪ لکيو آهي " مسجد منزل گاهه جي عمارت سان هندن جو ڪو واسطو نه هو پر انهيءَ عذر ۽ بهاني تي ته اها جاءِ سندن ساڌ ٻيلي جي سامهون واقع هئي ته منزل گاهه جي مسلمانن کي موٽي ملڻ جي مخالفت ڪري رهيا هئا توڙي جو ساڌ ٻيلو درياءَ جي وچ ۾ پري هو، پر اها حقيقت هئي ته هندو عوام تي پنڊتن ۽ مسلمانن تي مُلن جو اثر ويٺل هو جن جي تصور موجب سناتي هندن کان سواءِ سڀ مسلمان مليڇ هئا ۽ شريعتي مسلمانن کان سواءِ سڀ مسلمان ڪافر. تنهن ڪري هندن ۾ ان وقت ڀائي ڪنور رام ڀڳت کي عزت وارو ۽ هندن جي گروءَ جهڙو سمجهي ان کي قتل ڪرڻ جي سِٽ سِٽي." ڇاڪاڻ ته هڪ مسلمان، پير طريقت جي فرزند جي توهين دين اسلام جي بي عزتي هئي ۽ ان جو بدلو مذهبي فرض هو. اهوڪم حاجي جان محمد جلباڻي سرتي کنيو. (جنب گذاريم جن سين جن 23، 22 ).

    اسد چانڊيي وڌيڪ لکيو آهي ته :

    "ڀڳت ڪنور جي شهادت خلاف سنڌ ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر پمناڻي ايوان ۾ آواز اٿاريو ته ان کي به ڀري سکر ۾ ٽانگي تي سفر ڪندي قتل ڪيوويو. (عوامي آوازسنڊي مئگزين 4 مارچ 2012).

    ائين بيڏوهيءَ کي ڪير ماريندو؟ ظاهر آهي ته هاسارام پمناڻي به لکين مسلمانن جي پيرن تي لفظي قاتلاڻا حملا ڪيا هئا. سياڻا چوندا آهن ته لفظن جا گهاءَ تلوارن جو گهاءَ وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو آهن. هاڻي ڏسون ته پمناڻي ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جنهن کي کيس سزا جان محمد جلباڻي ڏني هئي. ان لاءِ تصديق به ڪنهن وڏي ليکڪ جي گهرجي.

    سنڌ جو ان دور جو وڏو سياستدان ۽ محقق پير علي محمد راشدي لکيو آهي ته "هڪ ڏينهن هندن طرفان مسٽر پمناڻي شاهد بڻجي آيو هو. پاڻ روهڙي جو رهاڪو هو. ڏاڍو تيز طبيعت هو. مسلمانن تي حد کان وڌ ناراض رهندو هو. پنهنجي شاهدي جي دوران پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي باري ۾ ڪجهه ناشائسته ڳالهيون به ڪري ويو هو. سندس بيان پورو ٿيو ته مون ڪورٽ کي عرض ڪيو ته مسٽر پمناڻي جو بيان اخبارن ۾ ڇپجڻ کان روڪيو وڃي، ورنه موجوده اشتعال جي حالت ۾ ممڪن آهي ته سندس جان خطري ۾ پئجي وڃي. پريس رپورٽرن کي درخواست ڪئي ته پمناڻي جو بيان اخبارن ۾ نه ڇاپين پر ان زماني جي هندو اخبار نويسن جي آڪڙ ئي اور هئي. ڪهڙي به چڱي نيت سان کين ڪنهن حرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ته هو زور ڏيئي اها حرڪت ۽ شرارت ڪندا هئا. ان خيال کان ته روڪڻ جو سبب مسلمانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ هڪ بهانو هوندو.ٻئي ڏينهن مسٽر پمناڻي جو بيان وڏين سرخين هيٺ سمورين اخبارن ۾ ڇپجي ويو ٽئين ڏينهن ڪي شاهينگ پمناڻي کي پستول هڻي غائب ٿي ويا. وڏو هنگامو ٿي ويو.( اهي ڏينهن اهي شينهن جلد ٻيون ص 300.)

    ليکڪ پمناڻي جي قتل ٿيڻ جو افسوس ته ڪري ٿو پر پمناڻي جي ڪِريل حرڪت ۽ شرارت جنهن سبب لکين مريدن جي پير طريقت جي اجائي ۽ ڄاني واڻي گِلا ڪري بدشد ڳالهائي ۽ هندو اخبار نويسن پير صاحب جي توهين جا ڪالم لکي سڀني هندو اخبارن ۾ ان ڪري شايع ڪيا ته جيئن ڀرچونڊي شريف جي پيرن جي ننڍو پڙهيو، اڻ پڙهيو سڄڻ توڙي دشمن هرڪو پمناڻي جي جرئت جي تعريف ڪري ۽ پير صاحب جي مريدن عقيدت مندن جون دليون جلن ۽ اکيو رت روئن ڇا هندن جو اهو ڏوهه گهٽ آهي؟

    پمناڻي، پيرصاحب جي سنڌ توڙي هند ۾گلا جو آواز اٿاري پنهنجي موت کي پاڻ دعوت ڏني هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڪنور رام توڙي پمناڻي جو قتل ڪندڙن مان ڪنهن کي به سزا نه آئي هئي.“

    ليکڪ وڌيڪ لکيو آهي: “ڀرچونڊي درٻار هندن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو بعد ۾ سنڌ جا لکين هندو پنهنجو وطن ڇڏي ڌاري ڌرتي تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي پيا. اها سازش اڄ به جاري آهي. انگريزن جا لاڏلا ديسي انگريز اڄ ڏينهن تائين ساڳئي درگاهه کان ساڳيو ئي ڪم ساڳئي ئي مقصد لاءِ وٺي رهيا آهن.“ (عوامي آواز سنڊي ميگزين ص 2 ڪالم 6)

    سن 1943ع واري قرارداد پير صاحب عبدالرحمان عليه رحمت جي ڪوششن سان پاس ٿئي هئي پير صاحب يارنهن آزاد ميمبرن سان ملي کين اسيمبلي حال ۾ نه اچڻ لاءِ چيو هو. محمد عثمان سومرو ۽ مير بنده علي مسلمانن منجهان ۽ ٽي هندو وزير جن مان نهالچند وزيراڻي به هو ڪل پنج ميمبر بل جي مخالفت ۾ آيا هئا اهڙي طرح جي ايم سيد صرف پاڪستان جو ٺهراءُ پڙهيو هو.باقي (1). پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرائڻ (2). منزل گاه جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪرڻ (3). جي ايم سيد جي مخالفت ۾ قاضي اڪبر جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي جنهن طبقي کي ذهني ۽ دلي تڪيلف پهتي هئي تن جا سياسي وارث اڄ به ڀرچونڊي شريف جي پيرن خلاف واويلا ڪري رهيا آهن.

    رهيو سوال هندن جي لڏ پلاڻ جو ته ان ۾ پيرانِ ڀرچونڊي جو ڪوبه ڪردار نه آهي هندن جيڪا مسلمانن سان خراب روش اختيار ڪئي هئي تنهن سبب لڏي ويا.

    ليکڪ لکيو آهي ته ”ديا ٻائي، رجني ٻائي، ڊاڪٽر راڌا، ڊاڪٽر سُلڇڻي، گل، پريانڪا ۽ نيلم لڌاڻي کي مسلمان ڪيو ويو.“ (عوامي آواز سنڊي ميگزين ص 2 تاريخ 4 مارچ 2012)

    جڏهن ڊاڪٽرياڻيون به پنهنجي هندو سماج ۾وڏي ڏاج جي لعنت سبب شاديون ڪري نه ٿيون سگهن ۽ ڊاڪٽر سُلڇڻي به ڪلمون شريف پڙهي پنهنجي ڊسپينسر سان پيار جي پرڻي لاءِ نڪري شادي ڪرڻ کان اڳ ڀرچونڊي شريف جي پيرن وٽ مسلمان ٿيڻ لاءِ اچي درخواست ڏني ته پوءِ ڀرچونڊي پيرن جو ڪهڙو ڏوهه؟

    آرٽيڪل ۾ ميان جاويد جي باري ۾ به لکيو ويو آهي ته هو هزارن جي ميڙ ۾ موجود هو،پر هو ملڪ کان ٻاهر ۽عمري تي ويل آهي. اسد لکيو آهي ته رنڪل ڀڄي شادي ڪرڻ نه پئي چاهي پر کيس اغوا ڪيو ويو آهي، ميرپورماٿيلي جي جوڊيشل ڪورٽ سڳوري تي الزام هنيو ويو آهي. جيڪڏهن رنڪل مسلمان ٿيڻ جو بيان نه ڏنو آهي ته ڇا صرف ليکڪ سچو آهي باقي ڪورٽ جا جج ڪوڙا آهن؟ جن رنڪل کي پنهنجي مڙس نديم شاهه سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي؟ رنڪل جيڪا هاڻي مسلمان آهي ۽ سندس نالو فريال شاهه آهي سا اسلامي دائري ۾ اچڻ کان پوءِ ذهني سڪون ۽ قلبي اطمينان سان رهي ٿي.

    آرٽيڪل جي جواب ۾ اهو به ضروري سمجهون ٿا ته اڄ جڏهن رنڪل مسلمان ٿي فريال ٿي وئي آهي ۽ ڏينهن رات ڪلمون پڙهي ٿي ته پوءِ اڄ انصاف ڇو خاموش آهي ۽ قانون به ڇو خاموش آهي سنڌين جي پگهر تي پنهنجو رت وهائڻ وارا قومپرست به ڇو خاموش آهن؟ اوٽ موٽ جو ڀاڙو وٺڻ بعد عورتن جي حق لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندڙ انساني حقن جا علمبردار توڙي علمبردارڙيون به خاموش آهن، ميڊيا به چپ آهي.

    ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ اصل حقيقتن تي پردو وجهي اهو چيو پيو وڃي ته ڪورٽ سڳوري ۾ رنڪل کي ميان محمد اسلم چماٽ وهائي ڪڍي هئي ۽ زوري هٿيارن جي زور تي مسلمان ڪيائين پر حقيقت اها آهي ته ميان محمد اسلم رنڪل ٻائي جي پيءُ کي اطلاع ڏنو ته رنڪل ٻائي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ درگاهه تي پهتي آهي اوهان اچي ساڻس ملاقات ڪري سگهو ٿا ته جيڪڏهن هوءَ مسلمان ٿيڻ نه ٿي چاهي ۽ اوهان سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي ته بيشڪ وٺي وڃو.

    مٿي ڄاڻايل عنصر رنڪل عرف فريال کي پيرن ۽ مسلمانن جي کنيل قدمن کي صحيح ۽ سچو سمجهن ٿا ته تڏهن سندن خيالن ۾آهي ته اهو ڪم چپ ۾ ٿيو آهي حالانڪ اسان رنڪل عرف فريال جي مسلمان ٿيڻ جي خوشخبري عوام الناس هڪ دم ٻڌائي هئي جن کي هو خاموش چوي ٿو مٿي تن جي لاءِ لکيو اٿائين ته رنڪل چپ نه رهي ۽ هن جج صاحب جي سامهون 164 عدالتي ڪمري ۾ بيان بند ڪرائيندي شريعت محمدي کي قبول ڪيو ۽ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم تي ڪلمون پڙهيو. اسان اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهون ٿا درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف حافظ الملت محمد صديق کان وٺي جيڪي مريد ڪيا آهي انهن ۾حضرت تاج محمود امروٽي، عبيدالله سنڌي، حضرت غلام محمد دينپوري ۽ حضرت احمد سائين خانڳڙهي شامل آهن.


    عوامي آواز ميگزين جي ٿورن سان
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪنور رام کان رنڪل (فريال بيبي) تائين :تاريخي حقيقتون

    ادا افتخار صاحب توهان جي مهرباني جو توهان ڪجهه حقيقتن کي واضع ڪرڻ لاء هي مضمون ونڊ ڪيو ۽ حقيقتن کان ڪجهه واقف ٿياسين، ورنه اسان جي ڪجهه دوستن ته هن ڪيس کي هڪ عجيب رنگ ڏئي ڪري تمام گهڻو اڀاريو آهي، دعا آهي ته رب پاڪ انهن دوستن کي به سمجهه ۽ عقل عطاء ڪري ۽ صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوڻ جهڙا بڻجن آمين۔۔۔۔نئين ڳالهه رهي ناهي. رنڪل ڪماري ڪيس تي جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن رنگ ڏنو پيو وڃي اصل ڪهاڻي ڇا آهي؟ ڪنهن ان ڏانهن ڌيان ئي ناهي ڏنو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا جوڙي حادثا پيدا ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام مان هڪ کي ڪڍي ٻئي کي شامل ڪري سگهجي. رنڪل ڪماري ۽ چڪ واقعي کي وسارڻ نه گهرجي ته اهي ڪيئن ۽ ڇو ٿي رهيا آهن؟ ان کان پهرين به اصل سنڌين اغواه ۽ قتل ڪرڻ جهڙا سڀئي واقعا ٿيندا پيا اچن، جنهن ۾ مقصد لڪل آ ته هتان جي سنڌين کي سنڌ مان ڪڍي ٻين ڌارين کي آباد ڪجي ۽ اهيا چال اسان جي دشمنن جي آهي، اهي ئي انهن ڳالهين کي غلط رنگ پيا ڏين . سو منهنجا هم زبان ساٿيو ڪجهه خيال ڪريو، اسان اڳي ئي پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي هوندي نڌڻڪا ٿيندا پيا وڃون، ۽ هت هرڪو پنهنجو دڪان کوليندو پيو وڃي، ۽ اڄ سنڌ ۾ قوم پرستن جي نالن سان 13 سوُ سنڌين جون پارٽيون آهن جڏهن ته متحده جي هڪ پارٽي آهي اگر ان جي مقابلي ۾ ڪا پارٽي آهي حقيقي ته انهن ان کي به في الحال چيپاٽي ڇڏيو آهي اهو ان لاء ته اسان جي طاقت برقرار رهي ۽ طاقت ورهائجي نه۔۔۔ ، ڇا؟ دشمن کي اهيا خبر نه آهي ته هي ( سنڌي ) پاڻ ۾ ئي متحد نه آهن سو هي ڇا ڪندا، اچ اسان جي سنڌ جي اسيمبلي ۾ سنڌ جي ماڻهن تي حمله ڪيا پيا وڃن صرف انهن ڳالهين جي ڪري ته اسان پاڻ ۾ متحد نه آهيون،





     

هن صفحي کي مشهور ڪريو