عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن

ووٽر لسٽن ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن تي لڳل ڌاڙو
عبدالڪريم چانڊيو
چوڻي آهي ته “ جڏهن ٻورا ٿي سبيا، تڏهن اُٺ ٿي رڙيا ” ، سڄاڻ سنڌين ان وقت کان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، جڏهن گهرشماري ۽ آدمشماري جو ڪم سنڌ جي شهري علائقن ۾ هڪ لساني تنظيم جي حوالي ڪيو ويو هو. ان کي چئبو آهي “رڍن جو رکوالوبگهڙ”، سڄي سنڌ ۾ هاءِ گھوڙا مچي ويئي، ڪاميٽيون ٺهي ويون، پمفليٽ ڇپجي ويا، اخبارن ۾ مضمون اچي ويا ته ماڻهن کي هوشيار ٿيڻ گهرجي، متان سندن ڳڻپ گهٽائي وڃي يا ووٽر لسٽن ۾ گهر ۽ نالا لکجڻ کان رهجي وڃن.
ڪراچي ۾ محترم عبدالحڪيم بلوچ جي اڳواڻي ۾ ان ڪم لاءِ جيڪا ڪاميٽي جوڙي ويئي هئي ان ۾ منهنجو نالو به شامل ڪيو ويو هو، پر مون سميت سموري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته اسان سنڌين سان اهڙي ڪار ڪئي ويندي، جهڙي “ ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان” . ان سڄي عمل کي چيو ويو ڪمپيوٽر جي غلطي، جيڪا نه اچي پڪڙ ۾ ۽ نه وري ملي ڪمپيوٽر کي سزا. وحيده شاه کي هڪ معمولي غلطي جي سزا نا اهلي جي صورت ۾ ملي، پر سنڌين کان هميشه جي لاءِ سياسي اقتدار کسڻ وارن هٿن کي ڪو به وائکو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
آءٌ دعوى سان چوان ٿو ته ايندڙ اليڪشن ڪڏهن به ۽ ڪهڙي به صورت ۾ ٿئي پر سنڌ اسيمبليءَ تي قبضو هڪ لساني تنظيم جو هوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ان تنظيم جي مخالف ووٽرن کي ڪمپيوٽر وسيلي ڌانڌلي ڪري ووٽ ڏيڻ واري عمل کي روڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ صاف ۽ کُليل رستو مهيا ڪري ڏنو ويو آهي.
ان تنظيم جا مخالف ووٽر، ووٽر لسٽن ۾ نالن هجڻ جي با وجود پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري نه سگهندا ۽ پنهنجي پولنگ اسٽيشنن ۽ پولنگ بوٿن کي ڳولهڻ ۾ سمورو وقت وڃائي ڇڏيندا. نتيجو اهو نڪرندو جو ڪراچي جي اها لساني تنظيم اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ اسان هٿ مليندي رهجي وينداسين. مٿان سپريم ڪورٽ جو ڏنڊو ٿو پيو وسي ته جلد ۽ وقت تي چونڊون ٿين ته ٻئي طرف وري اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن ۾ ٿيل ان ڌانڌ ليءَ کي وقت تي سڌاري نه سگهندي ۽ مجبورن اليڪشن ڪميشن پنهنجي عزت ۽ نوڪري بچائڻ لاءِ ان غلط جڙيل ووٽر لسٽن جي آڌار تي اليڪشن ڪرائيندي ۽ نتيجي ۾ سنڌ کي ئي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا.
هڪڙي غلطي اڻڄاڻائي يا بيخبري ۾ ٿيندي آهي پر جيڪا غلطي ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ان کي غلطي نه پر سازش چئبو آهي ۽ اهڙي غلطي (سازش) ڪو هڪڙو فرد، گروه، ڪڙم قبيلو يا ڪا قوم ڪن ٻين جا جائز حق غضب ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي يا ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڪندي آهي. هاڻي اچو ! ڏسون ته ٿيو ڇا آهي؟
اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي کاتن ۾ هڪ لساني تنظيم جا نهايت هوشيار، چالاڪ ۽ سازشي ماڻهون داخل ڪيا ويا آهن. خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، بينظيرآباد ۽ سکر ضلعن جي اليڪشن ڪميشن جي ماتحت عملي ۾ شامل ان تنظيم جا ڪارڪن ڏينهن رات چونڊن کان اڳ، چونڊن دوران۽ چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي واري عمل کي جاري رکيو اچن ٿا ۽ اسان جي اميدوارن ۽ ووٽرن کي خبر ئي نه ٿي پوي.
ٻن کان ٽن سو گهرن تي مشتمل علائقي کي بلاڪ جو نالو ڏيئي ٻن ڊجيٽ جو ڪوڊ نمبر، ٻن کان 99 تائين بلاڪ ملائي هڪ سرڪل ٺاهي ٻن ڊجيٽ جو ڪوڊ نمبر، ٻن کان 99 تائين سرڪل ملائي هڪ چارج ٺاهي ان کي به ٻن ڊجيٽ جو ڪوڊ نمبر ۽ ٻن کان 99 تائين چارجن کي ملائي هڪ ضلعي جوڪوڊ نمبر ڏنو ويو آهي جيڪو ٽن ڊجيٽ تي مشتمل آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي 99 کان مٿي ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ان لساني تنظيم سان لاڳاپيل ۽ سازشي عملي پنهنجي ووٽر کي درست ڪوڊ نمبر ۽ مخالف ووٽرن جا اهي ڪوڊ نمبر غلط نموني بدلائي نادرا جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ نادرا جو عملو، اليڪشن ڪميشن ۽ پوري ملڪ جا ماڻهون پريشان ۽ حيران لڳا پيا آهن ۽ اها لساني تنظيم آرام سان ويهي تماشو ڏسي رهي آهي.
سڄي ملڪ کي ڇڏي رڳو هڪ ڪراچي شهرکي ٿا وٺون، لالو کيت ،عزيزآباد، ڪورنگي ۽ اورنگي وغيره جي ووٽرن کي درست ڪوڊ نمبر ۽ مخالف ووٽرن واري علائقن جي بلاڪن، سرڪلن، چارجن ۽ ضلعن جا ڪوڊ نمبر، ڄاڻي واڻي ۽ سازش طور تي بدلائي ڇڏيا آهن. مثال طور سچل ڳوٺ جا ووٽ منگهي پير، منگهي پير جا ابراهيم حيدري ۽ ابراهيم حيدري جا گڏاپ هليا ويا آهن بلڪل سنڌي جي ان چوڻي وانگر ته ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار. اهڙي طرح هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا ويا آهن، هڪ ته ڪراچي جي قومي ، صوبائي ۽ ڪونسلرن جون سيٽون به نه گهٽجن ۽ ٻيو ته هو آرام سان کٽي به وڃن. اهڙيءَ طرح اسان جا ووٽ ڪراچي حيدرآباد ، بينظيرآباد، سکر ۽ ميرپور خاص ۾ داخل هوندي به پنهنجي اميدوار کي ڏيئي نه سگهنداسين ۽ هٿ مليندا رهنداسين.
جڏهن اهڙو سازشي ٽولو برابري جي بنياد تي يا ٿورو گهٽ ئي سهي صوبائي سيٽون کڻي سنڌ اسيمبيليءَ ۾ پهچندو ته پوءِ لڳندو ڌُڪڙ تي اٽو ۽ اسان مظلومن جو آواز مڪارن جي شور شرابي ۾ دٻجي ويندو ۽ دنيا آڏو ظالم پنهنجو پاڻ کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم ڪري ڏيکارڻ ۾ ديرئي نه ڪندو.
هاڻي به روئڻ ۽ مٿو پٽڻ بجاء هيٺيان ڪم ترت ڪري ڪجهه بچاء ڪري سگجي ٿو:
1. صوبائي ۽ قومي اليڪشن ڪمشنر گورنمنٽ جا ماڻهون آهن، انهن جي مدد سان ماتحت ۽ سازشي عملي کي انهن جي صفن مان ٻاهر ڪڍرائجي.
2. سپريم ڪورٽ جي اڳيان حقيقتون آڻي درست ووٽر لسٽن جوڙڻ لاءَ صبر ڪرڻ لاءِ چئجي.
3. صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ سڀني پارٽن کي اعتماد ۾ وٺي چونڊن کان پهريان ووٽر لسٽن کي درست ڪرائجي.
4. ووٽر لسٽن جوڙڻ واري 1974 واري ايڪٽ ۾ ڪجه ترميمون ڪري، ڪي درست فارمولا جوڙڻ گهرجن.
5. هر ووٽر کي پنهنجي اصلي ۽ مستقل رهائش وارن پتن تي ووٽ داخل ڪرائجي.
6. ووٽر کي پنهنجي صوبي اندر ووٽ ۽ رهائشي پتو بدلائڻ جو حق هجي، پر ٻئي صوبي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حق نه هجڻ گهرجي.
7. هڪ وقت مقرر ڪري سموري ملڪ جي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ گهرجن ۽ ان کان پوءِ ڪو به نئون ڪارڊ نه ٺاهيو وڃي سواء ارڙهن سالن وارن نون ماڻهن جي.
8. هر ڄمندڙ ۽ مرندڙ جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ رکيو وڃي، مرڻ جي حالت ۾ ان جو نالو ووٽر لسٽ مان خارج ڪيو وڃي ۽ 18 سالن جو ٿيڻ تي خود به خود ان جو نالو ووٽر لسٽ ۾ داخل ڪيو وڃي.
جيتوڻيڪ مٿي بيان ڪيل ڪم ڪجهه ڏ کيا، وقت وٺندڙ ۽ محنت طلب آهن پر عمل ڪرڻ جي صورت ۾ غلط ڪمن ۽ ڏوهن کان هميشه جي لاءِ جان ڇٽي پوندي ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي کي به روڪي سگهبو. اهڙي طرح اسان پنهنجي ملڪ کي پُر امن، ڏوهن کان آزاد ۽ خوشحال ڪري سگهون ٿا پر ان لاء اهو ضروري آهي ته نيت صاف هجڻ گهرجي.