ياجوج ماجوج

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مڱريوفقير طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2009۔

  1. مڱريوفقير

    مڱريوفقير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Hyderabad
    ياجوج ماجوج​



    پير علي محمد راشدي



    سنڌيءَ جا ٻه ماستر هئا.جـُـبلي ڪوارٽر ۾ هڪ سنڌي اسڪول ۾ سنڌي ۽ حساب پڙهائيندا هئا. هڪ جو نالو قاسم هو، ٻئي جو نالو ياد ڪو نه اٿم. پڙهائيءَ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو هئائون، پر اسڪول کان ٻاهر پاڳلپڻي جا ڪم ڪندا رهندا هئا. ٻلين سان دوستي هون. ساري پگهار انهن کي ڇيڇڙن کارائڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. ٻلين پنهنجن محسنن کي سڃاڻي ڇڏيو هو، گهٽين ۾ گهمند اهئا ته اڳ ۾ پاڻ،پٺيان ٻليون، ميائو ميائو ڪنديون هلنديون هيون. مون کانئن پڇيو ته پنهنجي ڪمائي ٻلين تي ڇو پيا ضايع ڪريو؟ چيائون: ”ٻليون پنهنجن دوستن ۽ محسنن کي سڃاڻن ٿيون، ان لحاظ سان هو انسان ذات کان افضل ٿين ٿيون. انسان ڇيڇڙا ته ڇڏيو، پر ماس ۽ ميڄالي هضم ڪرڻ کان پوءِ به سندس محسن تي ڪو وقت پيو ته اکيون ڦيرائي ٻئي پاسي منهن ڪري ڇڏيندو.“(1)

    دنيا جهان جي هر مسئلي جي باري ۾ ماڻهن جي رهبري ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهند اهئا، ان ڪري هر طرف تارن ۽ خطن جي ڌم لايون ويٺا هوندا هئا. 1937ع ڌاري هٽلر جنگ جا سانباها ڪيا ته تار موڪليائونس ته: ”يورپ ۾ رت وهائڻ بدران هندوستان ۾ اچي انگريز سان جنگ ڪر، نه ته شڪست کائيندين.“ اها تار سينسر ٿي. سي. آءِ. ڊي ماسترن کي ڪيترا ڏينهن گهليندي وتي. آخر ۾ انگريزن فيصلو ڪيو ته: ”هي ماستر پاڳل آهن، مٿو خراب اٿن، نيت بڇڙي ڪا نه اٿن، غدار يا امن ٽوڙ ڪو نه آهن، پنهنجي پڙهائيءَ جي ڪم ۾ بي مثال آهن، تنهنڪري انهن جي چريائي ڪري خلق کي انهن جي پڙهائيءَ مان فائدي وٺڻ کان محروم رکڻ مناسب نه ٿيندو.“ ماستر ڇڪ ڇٻيڙ کان ڇٽا. الله وري ٻلين جي ٻڌي.

    هڪ پراڻي دوست، سندن باري ۾ هيٺيون قصو ٻڌايو:

    چئي: ”هڪ ڀيري هنن برطانيه جي شاهي گهراڻي سان به هٿ ڳنڍيا هئا. هڪ شهزادي(احتراماً نالو نه ٿو ڏيان) جي منڱڻي جا هاواڻا هليا ۽ اخبارن ۾ سندن فوٽا ڇپيا ته وڏي ماستر صاحب جي دل هرکڻ لڳي. هڪدم شهزاديءَ جي والد ڏانهن ارجنٽ تار موڪليائون ته: ”ڌيءُ جو سنڱ مون کي ڏي منهنجون علمي لياقتون هيءُ آهن،“ سياست ۾ اهڙي پوزيشن آهي جو گانڌي جي به منهنجي مشورن تي پيو هلي، اسان جي مٽي مائٽي ٿي وڃڻ کان پوءِ هندوستان جو مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ برطانيه ان مٿي جي سور کان ڇٽي پوندي.“ لنڊن مان تار جي رسيد اچي پهتس. محلات جي سيڪريٽري، عام دستور موجب ڇپيل ڪاغذ تي رسيد موڪلي ڏنس. رسيد جو مضمون اهو هو، جيڪو هر مراسلي جي باري ۾ استعمال ٿيندو هو، يعني ته اوهان جو مراسله مليو، ان تي غور ٿيندو. آءٌ سمجهان ٿو ته اتاهون جي ڪنهن ڪلارڪ بغير تار جي مضمون پڙهي اهو فارم ڀري موڪليو هو.

    ”بهرحال، ماستر صاحب کي رسيد ملڻ کان پوءِ گهوٽ جي ذميدارين جو احساس ٿيڻ لڳو. گهڻائي مسئلا اٿي کڙا ٿيا: مثلاً: مذهبي مسئلو ڪيئن طئي ٿي؟ پاڻ مسلمان ۽ سهزادي عيسائي. شهزاديءَ جي مشرف به اسلام ٿيڻ جي منزل نڪاح کان اڳ ايندي يا پوءِ؟ -- نڪاح لنڊن ۾ ٿيندو يا ڪراچيءَ ۾؟ ”ڏيج ڏيوڻ“ ۽ ”ڏاج ۽ پڙي“ جا ڪهڙا دستور هوندا؟

    ”مون تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا. رازداريءَ جون ڳالهيون اڪثر مون ساڻ اچيو ڪندا هئا. هڪ ڏينهن گهر لنگهي آيا. وڏو ماستر اڳ ۾ ئي، پٺيانس سندس ڀاءُ ۽ وڏي ماستر جي ڳچيءَ ۾ گلن جو هار. کلندا مشڪندا اچي پر گهٽ ٿيا. ننڍي ڀاءُ مرڪي چيو ته: ”ادا سائينءَ کي مبارڪ ڏي. برطانيه جي فلاڻيءَ شهزادي سان سندس شادي ٿي رهي آهي.“ ائين چوندي، لنڊن مان آيل تار جي رسيد ڪڍي ڏيکاريائين.

    ”مون مشورو ڏنن ته مذهبي ڳالهين بابت شهر جي قاضي صاحب سان صلاح ڪن، پر ان کان اڳ ضروري آهي ته ڪمشنر صاحب سان وڃي ملن، ڇو ته اها لکپڙهه ضرور ڪمشنر صاحب وٽ آيل هوندي. جيڪڏهن ڪمشنر سفارش نه ڪئي ته شايد شاديءَ ۾ خلل پئجي وڃي، تنهنڪري اڳواٽ ڪمشنر سان ملي، کيس ان رشتي جي فائدن کان آگاهه ڪري، پنهنجي طرف ڀرمائن، جيئن مٿي چڱي رپورٽ موڪلي. ساڳئي وقت اها به صلاح ٿي ته جنهن صورت ۾ برطانيا جا خاندان ڪتن ۽ ٻلين جا شائق ۽ شوقين ٿين ٿا، تنهن صورت ۾ ماستر صاحب پنهنجن ٻلين جا فوٽا ڪڍرائي ڪمشنر صاحب کي وڃي ڏين، تاڪ اهي تصويرون به لکپڙهه سان شامل ٿي وڃن.

    ”سنڌ جو ڪمشنر، انهيءَ زماني ۾ گبسن صاحب هو، جيڪو پاڻ ڏاڍو چرچائي ۽ چٿرباز هو. ماستر صاحبان ٻلين جا فوٽا ڪڍرائي وڃي وٽس پهتا. ڪمشنر صاحب کي لنڊن مان آيل تار جي رسيد ڏيکاري، کيس عرض ڪيائون ته هو ان رشتي جي سفارش فرمائي. گبسن صاحب کين سڃاڻندو هو. هڪدم ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو. کين چيائين ته ”چڱو ٿيو جو اڳواٽ مون وٽ آئيو. اها لکپڙهه واقعي مون وٽ اچي ويل آهي ۽ آءٌ رپورٽ موڪلڻ کان اڳ انڪوائري پيو ڪريان. پر هڪ رڪاوٽ شايد پيدا ٿئي.

    گهوٽ جي عمر پنجاهه کان مٿي آهي ۽ ڪنوار جي ڄمار مشڪل سان ويهه سال. اهو جوڙ شايد مشڪل سان ٺهي.“

    تنهنڪري گبسن صاحب ماسترن اڳيان هڪ متبادل تجويز پيش ڪئي. چي: ”جيڪڏهن شهزاديءَ وارو ڪم، عمر جي فرق سبب، بڻجي نه سگهي ته انهيءَ ئي گهراڻي جي هڪ ٻي شهزادي اڄڪلهه مون وٽ مهمان آهي. اها تنهنجي هم عمر آهي، ٻلين جي شوقين آهي، ۽ دولت به ڪافي اٿس. جيڪڏهن اها قبول ڪريو ته ڪم ٺهه پهه ٺهي سگهي ٿو.“ ائين چوندي گبسن هڪ گوري ڏوسي ڪٿان سڏي ڏيکارين. خبر نه آهي سندس پنهنجي زال هئي يا ڪيفي گرانڊ ريسٽورانٽ جي مالڪياڻي(1) يا ڪا ٻي مهمان

    ”ماستر صاحب ان پروپوزل تي غور ڪرڻ لاءِ مهلت وٺي اچي مون وٽ پهتا. مون چين: ”تڪڙ ڪرڻ مناسب نه ٿيندي. جيڪڏهن نوجوان شهزادي ملي سگهي ته ان روڙهه کي ريڙهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ تڪڙ ڪم شيطان جو.“ ٿورن ڏينهن کان پوءِ لنڊن ۾ شهزاديءَ جي شادي ٿي وئي، ۽ ماستر صاحب جي اميدن جو سلو سـُـڪي ويو.“

    * * *

    ڪراچيءَ جو ننڍو وڏو کين سڃاڻندو هو. سڀ ڪنهن کي معلوم هو ته جڏهن به ڪو آئيني مسئلو هندوستان ۾، يا وزارتن جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو معاملو سنڌ ۾ کڙو ٿيندو هو ته ماستر صاحبان حسب دستور پنهنجي مشورن کان، تارن ۽ خطن جي وسيلي، هر واسطيدار ڌر کي مستفيد ڪندا رهندا هئا، ۽ انهن خطن، تارن ۽ لکپڙهن جي نقلن سان هميشـہ پنهنجن کيسن کي ڏٽيون وتندا هئا.

    سنڌ جي وزيرن سان ملڻ ۽ سندن رهبري ڪرڻ لاءِ هميشـہ ڪوشان رهندا هئا. آءٌ وزير ٿيس ته مون کي به پنهنجين ملاقاتين سان نوازڻ لڳا. هڪ دفعو دفتر ۾ سندن ”ملاقاتي ڪارڊ“ پٽيوالو کڻي آيو. ڇپيل ڪارڊ تي سندن تعريف هن طرح لکيل هئي.

    (پهرينءَ سٽ ۾ نالا)


    Name

    تعريف:




    ٺاهيندڙ(ميڪرس آف) پاڪستان جا


    Makers of Pakistan

    جوڙيندڙ(ميڪرس آف)


    Makers of Bundeh Ali Ministry

    بنده علي منسٽري جا




    سرپرست (پيٽرنس آف)


    Patrons of Allahbux

    الله بخش منسٽري جا


    Ministry

    دشمن هٽلر جا


    Enemies of Hitler

    هندوستان پاڪستان جي


    Architects of India -

    آزادي جا معمار


    Pakistan Freedom

    دعاگو جمشيد مهتا پريزيڊنٽ


    Well wishers of Jamshed Mehta

    ڪراچي ميونسپالٽي جا


    President Karachi Municipality

    پاڪستان جي صدارت جا اميدوار


    Candidates for Presiden




    ship of Pakistan

    سنڌ جي وزارتن جا ڪنٽرولر


    Controllers of Sind Ministries

    برطانيه جي شاهي گهراڻي جي ويجهو


    Close to Royal House of Britain

    جنن، ڀوتن جا بادشاهه


    Kings Of Ghouls & Goblins

    وغيره وغيره

    مون سندن تعريف اڳ ۾ ئي ٻڌي هئي. ڪرسيءَ تان اٿي در جي ٻاهران وڃي سندن استقبال ڪيم. اندر آڻي پاڻ سان گڏ ويهاريومانِ. حال احوال ڪيائون. اسان جي وڏي وزير، مرحوم مغفور پيرزادي صاحب تي ڏاڍو ڪاوڙيل هئا، جو هن سندن قدر ڪو نه سڃاتو هو ۽ ملاقات وقت گرمجوشي سان سندن استقبال ڪو نه ڪيو هئائين. فرمايائون:”اسان پيرزادي کي ڪڍي تو کي وڏو وزير ڪرڻ آيا آهيون.“مون چين: ”اهو ڪيئن ٿي سگهندو.“چيائون:”ڳالهه سڌي لڳي پئي آهي. جڏهن ”پير“ موجود آهي ته ”زادن“ جي ڪهڙي ضرورت رهي آهي. منطق پڙهيو اٿئي؟ اهو منطق جو مسئلو آهي.“

    مون کي به چرچو لڳو، مون چين: ”اسيمبليءَ مان پيرزادي صاحب کي بي دخل ڪيو ته ڳالهه ٺهي.“ چيائون: ”تيار آهيون.“ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو هو، مون کي چيائون ته: ”اسان پاڻ وڃي ٿا اسيمبليءَ اندر پيرزادي صاحب جي ڪرسيءَ تي قبضو ڪريون.“ ائين چئي منهنجي آفيس مان اٿي اسيمبلي هال ۾، ميمبرن جي اچ وڃ جي دوران، ڪنهن طرح گهڙي وڃي وزيراعليٰ واريءَ بينچ کي والاري ويهي رهيا. اسان اسيمبليءَ ۾ داخل ٿياسين، وزيراعليٰ پيرزادي صاحب اڳ ۾ ۽ آءٌ سندس ڪڍ(اسان ٻئي هڪ بينچ تي ويهندا هئاسين). پيرزادو صاحب شگفته طبيعت جو انسان هو. هنن ماسترن کي پنهنجي بينچ تي ويٺل ڏسي کلي ويٺو مون کي چيائين:”هي ڇا آهي؟“ مون وراڻي ڏنس ته: ”هنن جو ڪليم آهي ته هي”ميڪرس آف پاڪستان يعني پاڪستان جا ٺاهيندڙ“ آهن. هي جو چاهين سو ڪري سگهن ٿا. اڳي پوءِ اهي ئي اچڻا آهن. هنن کي سياسي مستقبل آهي، اوهان ۽ اسان کي ڪونه، آه! چڱو ٿيو جو اڳ ۾ ئي اچي پنهنجون جايون ورتيون اٿن، ۽ ان ڪري اوهان ۽ اسان جي مٿي جو سور لٿو.“ اڳتي وڌي پيرزادي صاحب هنن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي،پر هنن قبضي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. چي:”اسان پاڪستان جا ٺاهيندڙ آهيون، تو کي اسان اڄ ڊسمس ڪري سنڌ جي وزارت اعليٰ جو پاڻ قبضو ورتو آهي.“ اسيمبليءَ جي گهنٽي وڄڻ شروع ٿي. جڏهن پيرزادي صاحب جي اها آڇ به قبول نه ڪيائون ته شام جو سندس آفيس ۾ گڏجي ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ پاڻ ۾ گفتگو ڪجي ته پيرزادي صاحب اسيمبليءَ جي عملي کي حڪم ڪيو ته کين گهلي ٻاهر ڪڍن. پٽيوالا ۽ پوليس وارا آيا ته انهن سان وڙهي پيا. آخر زوريءَ ڇڪي ڪڍيائونِ. ويندي ويندي پيرزادي صاحب جي حق ۾ ڪجهه ڏکيا جملا استعمال ڪندا ويا ۽ هيءُ دڙڪو به ڏنائونس ته: ”اسان هاڻي ٿا وڃي برطانيه جي راڻيءَ(1) کي تار ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ جي ان بي ڍنگائي ۽ غير آئيني روش جي رپورٽ موڪليون.“

    وزارت جو ڪم ٿڪائيندڙ هوندو هو. ان هلندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مذاقيه واقعا ٿڪاوٽ کي گهٽائيندا رهندا هئا. سارو وقت ڪامورن جي ڪٿائن ٻڌندي ماڻهوءَ جو حال برو ٿي ويندو هو.

    ماسترن تي ”ياجوج ماجوج“ جو نالو ڪڏهن پيو، تنهن جي باري ۾ صرف ايتري خبر پئجي سگهي ته ماسترن صاحبن جو اٿڻ ويهڻ گهڻو ڪري گاڏي کاتي واري پاڙي ۾ ٿيندو هو. جيڪڏهن ڪا ٻلي بيمار ٿي پوندي هئي يا ٽريفڪ جي ڪنهن حادثي ۾ زخمي، ته ماستر بيمار ٻليءَ کي گاڏي کاتي جي مسجد ۾ پوري ٻاهران دروازي کي ڪنڍو ڏئي هليا ويندا هئا. مسجد جو امام صاحب گهڻو وقت گهر ۾ رهندو هو ۽ فقط نماز جي وقت ئي مسجد ۾ تشريف فرما ٿيندو هو، تنهنڪري هنن مسجد کي محفوظ ۽ سانتيڪي جاءِ سمجهي ات ٻلين کي ٽڪائڻ جو بندوبست ڪيو هو. امام صاحب کان پڇيو ويو ته مسجد ۾ بيمار ٻليون ڇو ٿا رکو؟ پاڻ فرمايائون: اهي ٻليون ياجوج ماجوج مسجد ۾ ڇڏيو وڃن ٿا. ان ڏينهن کان پوءِ ماسترن تي ”ياجوج ماجوج“ جو نالو پئجي ويو. والله اعلم بالصواب.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهترين ڪهاڻي آهي ۔۔۔
    يقينن باقي دوستن کي به وڻندي ۔۔۔۔ جڏهن هو ٿورو وقت ڪڍي پڙهن ۔۔۔
    توهان جي اهڙين خوبصورت لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    فقير صاحب ڪهاڻي ته زبردست آهي مگر هڪڙي گذارش ته ايتري وڏي ڪهاڻي کي مۡختلف ٽڪڙڻ (ايپيسوڊس) ۾ پيش ڪندا ڪريو۔۔۔۔
    يعني هن ٿريڊ جي پهرين پوسٽ ۾ پهريون حصو، ٻئيڻ پوسٽ ۾ ٻيو حصو، ايئن ٽي يا چار حصا ڪري پوسٽ ڪندا ڪريو۔۔۔
    ته پڙهڻ ۾ سولائي ٿيندي۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    فقير صاحب توهان جي ڪهاڻي زبردست آهي پڙهي ڪري ڏاڍو مزو اچي ويو

    توهان جي اهڙي ڪهاڻي جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو