• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم ۽ انجو انگريزي ترجمو ۔۔۔ حسام ميمڻ

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

دوستو! فيسبڪ تي سنڌ دوست حسام ميمڻ هڪ ونڊ ڪيو آهي، سٺو ۽ فڪري لڳو انڪري اوهان سان ونڊ ٿو ڪريان ۔۔۔

هن ونڊ تي مون جيڪا راءِ ڏني آهي سا به ونڊ ٿو ڪريان، ضروري ناهي ته منهنجي راءِ ڪامل هجي انڪري دوست به پنهنجي راءِ ڏئي هن نظم تي نظر وجهندا ۔۔۔

مقبول هاليپوٽي جا لفظ، فرمائش خادم بالاديءَ جي، ترجمو ۽ پيشڪش حسام ميمڻ جي.

ٽياڪڙي ته شاندار آهي ... لفظ به گهرا ۽ تاريخي آهن ... حوالن سان حب الوطنيءَ جو درس مليل آهي ... ترجمو به واه واه ...
پر
“وحشت” حاصل ڪري ناهيان سگهيو“؟

محترم دوستو! پنهنجي قوم جي حفاظت ڪرڻ، پنهنجي قوم کي وڌائڻ ۽ انجي خوشحالي جا بندوبست ڪرڻ ، قوم ۽ ڌرتيءَ جي سنڀال کي وحشت ناهي چئبو.

۽ جيڪڏهن قوم جي حفاظت ڪرڻ کي وحشت چونداسون ته حب الوطنيءَ کي به وحشت چوڻو پوندو ... وحشت اوگڻ آهي پر حب الوطني گڻ آهي ... انڪري اسانکي حب الوطنيءَ جي آڌار تي وطن جي دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ... ۽ انکي قرباني ۽ محبت چئبو ، وحشت نه چئبو ۽ جي اها وحشت به آهي ته انکي حاصل ڪرڻو پوندو .... ٻي صورت ۾ ڍڳو پير پيران

لک قرب
 
جواب: نثري نظم ۽ انجو انگريزي ترجمو ۔۔۔ حسام ميمڻ

مقبول هاليپوٽو جو دنيائي ادب جي ڀيٽ ۾ تمام سٺو نثري نظم
جنهن جو حسام ميمڻ پاران انگريزي ترجمي وارو سٺو ڪم۔
سنڌ سلامت تي سهڻي ونڊ ۔
 
جواب: نثري نظم ۽ انجو انگريزي ترجمو ۔۔۔ حسام ميمڻ

سائين تمام سٺو ونڊ

حسام ميمڻ جا خوبصورت خيال ۽ ترجمو به سٺي انداز ۾ ڪيل۔
 
جواب: نثري نظم ۽ انجو انگريزي ترجمو ۔۔۔ حسام ميمڻ

شاعر جا خيال ته اوچا آهن۔۔۔ پر لفظ وحشت تي مان به اٽڪيل آهيان۔۔۔۔
 
جواب: نثري نظم ۽ انجو انگريزي ترجمو ۔۔۔ حسام ميمڻ

سائين توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي۔ جنهن جي تعريف ڪريون اها گهٽ آهي۔
 
Back
Top