نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ نمستي۔ گُذريل سال 15 ڊسمبر 2011 ع تي ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلا بلو چستان محترم نوراحمد سمون سنڌ جي عظيم عشقيه داستان جي عظيم ڪردارن سسئي پُنهون جي آستاني تي تقريبن 50 سالن کان پوءِ هڪڙي مچ ڪچهري ڪرائي ان کان پهرين انهي آستاني تي 1960 يا 1961 ۾ سنڌ مان آيل ڊپٽي ڪمشنر محترم محمد اسماعيل ميمڻ سسئي پُنهون جي آستاني تي هڪڙي مچ ڪچهري ڪرائي هُئي ۽ سموري سنڌ ۽ بلوچستان مان لطيف سائين جي پارکوئن کي هن آستاني تي گهرايو هو، (محترم محمد اسماعيل ميمڻ جي باري ۾ توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته پاڻ سنڌ جي نامياري ادبي شخصيت خيرپور يونيورسٽي جي سابق وائس چانسلر محترم حميد سنڌي جا والد بزرگوار هُئا) تقريبن پنجاهه سالن کان پوءِ محترم نوراحمد سمون صاحب ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان اها ساڳوڻي روايت دهرائي سموري سنڌ ۽ بلوچستان مان لطيف سائين جا پارکو ۽ سگهڙ گهرائي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري محترم قاضي شاهد پرويز کي مهمان خاص جي حيثيت سان سسئي پنهون جي آستاني تي گهرائي هڪڙي زبردست مچ ڪچهري اعلا پيماني تي منعقد ڪرائي سانئڻ سسئي ۽ سائين پنهون کي ڀيٽا ڏني ۽ مچ ڪچهري واريءَ سنڌ ۽ بلوچستان جي روايتن کي وري دوام بخشيو دوستن کي سُڌ هُجي ته ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان ادا نوراحمد سمون منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي هينئر جڏهن آئون ڪجهه عرصو پهرين لسٻيلا بلوچستان ويو هُئس ته ادا نوراحمد سمون مونکي هن مچ ڪچهريءَ جو 2 ٻن ڪلاڪن جو وڊيو ڏيکاريو، ۽ جڏهن مون هي وڊيو ڏٺو ته دل چاهيو ته هي تاريخي وڊيو سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي ڏيکاري مشاهدو ڪرائجي. سو ڀاءُ نوراحمد سمون کي گُذارش ڪيم ته ادا هن وڊيو کي جيڪڏهن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي ڊونيٽ ڪيو وڃي ته ساري دنيا جا سنڌي دوست هن مچ ڪچهريءَ مان آنند حاصل ڪري سگهن ٿا، ۽ سسئي پنهون جي مزار مُبارڪ جو ديدار پڻ ڪري سگهن ٿا، ڀاءُ نوراحمد سمون منهنجي هن جذبي جو قدر ڪندي انهي وڊيو جي ڪاپي مونکي ڪرائي ڏني دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته وڊيو ايڊيٽنگ کان اپ لوڊنگ تائين هڪڙو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي هن 16 منٽ جي وڊيو جي اپ لوڊ ڪرڻ کي تقريبن ست ڪلاڪ لڳا آهن اڄ برور اڱارو 20 مارچ 2012 رات جو 12 وڳي کان سسئي پنهون جي آستاني تي ڪيل مچ ڪچهري جي پهرين حصي جي مڪمل اپ لوڊنگ اڄ صُبح جو ستين وڳي ڪمپليٽ ٿي آهي. مچ ڪچهري جي پهرين حصي ۾ سسئي پنهون جي مزار مُبارڪ جي ديدار، انهي مزار مُبارڪ جي خليفي سائين عبدالرحمان ٻُرو جون سانئڻ سسئي جي باري ۾ تاريخي ڳالهيون ڪيل آهن جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ادا نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان ۽ ضلع لسٻيلا بلوچستان جا ڪافي انتظامي عملدار ۽ضلع لسٻيلا بلوچستان جون ڪافي معزز شخصيتون پڻ نمايان آهن . دعا ڪريو ته هن تاريخي وڊيو جا ٻيا حصا به ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ اپ لوڊ ڪري سنڌ جي لاکيڻي لطيف جي عظيم سورمي سانئڻ سسئي جي جدوجهد کي توهان سان ونڊ ڪري تاريخي طور پنهنجو فرض ادا ڪري سگهان. توهان جو دعاڳو








لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمي سسئي ۽ سندس ور پنهون جي ابدي آرام گاهه جا اندروني ۽ بيروني منظر جيڪي پندرهان ڏينهن پهرين انهي عظيم آستاني جي زيارت ڪرڻ ويلي مون خود سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيا هُئا۔


لاکيڻي لطيف جي عظيم سورمي سانئڻ سسئي ۽ سندس ور پُنهون جي ابدي آرام گاهه جي حاضري ڀرڻ کانپوءِ سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز تمام گهڻو خوش آهي ، هن عظيم آستاني جي حاضري ڀرڻ جي خواهش الله سائين جي فضل ۽ ڪرم سان بروز سومر بتاريخ 27 فيبروري 2012 تي پوري ٿي ضلع لسٻيلا جي شهر وندر جي سنگهر علائقي ۾ سسي پُنهون جي مزار نمايان آهي(رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز)