ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ پوليس جي ڪاڪردگي تي ڇا لکجي ؟؟؟ شرم کان ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي۔ دادو مورو پل لڳ جهلو پوليس کي ڪو صدارتي اوارڊ ڏيڻ گهرجي جنهن سنڌ جي مشهور ڳائڻي ديبا سحر تي تشدد ڪري ڄڻ ته ڪو ڌاڙيل پڪڙيو هجي۔ ڪاوش جي رپورٽ ڪجهه هن ريت آهي:[/JUSTIFY]


    مشهور فنڪاره ديبا سحر سندس مڙس ۽ سازندن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد

    [JUSTIFY]دادو(رپورٽ:نظام شيخ) جهلو پوليس جو فنڪاره ديبا سحر، سندس مڙس ۽ سازندن تي وحشياڻو تشدد، فائرنگ،5 ڄڻا زخمي، خبر موجب سنڌ جي ناليواري فنڪاره ديبا سحر، سندس مڙس صابر کوسو ۽ پنهنجي سازندن سميت 2 گاڏين ۾ سوار ٿي ڪي اين شاهه ۾ راڳ جي محفل بعد واپس پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو آدم وڃي رهي هئي ته آڌي رات دادو مورو پل وٽ جهلو پوليس تلاشي بهاني سندن گاڏين کي روڪيو، پڇا ڳاڇا دوران منهن ماري بعد جهلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او افتخار جمالي سميت 10 اهلڪارن ديبا سحر، سندس مڙس صابر کوسو ۽ سندن سازندن تي وحشياڻو تشدد ڪري فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن ۾ صابر کوسو رتورت ٿي ويو آهي، عزيز يار محمد کوسو کي ٻانهن ۾ گولي لڳي آهي، جڏهن ته يعقوب، اعجاز ۽ اياز پڻ زخمي ٿيا، کين رات ساڍي 3 وڳي کان صبح تائين حراست ۾ رکيو ويو،

    صبح جو آزادي ملڻ بعد ديبا سحر جڏهن ميڊيا آڏو آحتجاج ڪرڻ پهتي ته سندس پير اگهاڙا ۽ مٿي تي رئو نه هئو، وار وکريل هئا ۽ هوءَ روئي رهي هئي، ديبا سحر ۽ سندس مڙس ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته هو ڪي اين شاهه کان پروگرام ڪرڻ بعد واپس وڃي رهيا هئا ته جهلو جي ايس ايڇ او کين تلاشي بهاني بيگناهه روڪيو، 80 هزار روڪ، موبائيل فونو ۽ ٻِيو سامان ڦر لٽ ڪيو، سبب معلوم ڪرڻ تي پوليس مڇرجي ديبا کي کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي پوليس کين وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ پوليس جي روپ ۾ ڌاڙيلن وانگر حملو ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس تذليل ڪئي آهي، فنڪار جيڪي لکين ماڻهن کي خوشيون وکيرن ٿا انهن سان اهڙو ظلم پوليس ڪري جيڪا عوام جي تحفظ جي دعويدار آهي، ايس ايڇ او هڪ ايم اين اي جو ويجهو آهي ان ڪري ڪارروائي کان آجو آهي، اسان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ايس ايڇ او افتخار جمالي ۽ سندس ساٿاري 10 اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين نوڪرين مان رورٽ ڪري جيل اماڻيو وڃي، ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي نه ته هو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندا، هوڏانهن ديبا سحر ۽ سندس مڙس تي تشدد بابت ڪي ٽي اين نيوز تي ڦوٽيج نشر ٿيڻ بعد صوبائي وزير سسئي پليجو، سينيئر وزير پير مظهر، ڪلچر جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي، ڊي آءِ جي سڪندر علي منگي، مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ فقير منٺار، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ زاهد قائمخاني، پ پ (ش ڀ) جي اڳواڻ عبدالمجيد سيال، روشن علي شاهه، پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو ۽ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي رابطو ڪري معلومات ورتي ۽ واقعي جي شديد مذمت ڪندي کين مدد جو يقين ڏياريو، ڪوثر ماروي، مختيارڪار دادو نعيم احمد وسطڙو، ضلعي ٽرانزيشن آفيسر امداد حسين ڏاوڇ، ڊي ايس پي فدا حسين لغاري، وڏي تعداد ۾ فنڪار ۽ ديبا سحر جا پرستار کيس وٽ معلومات وٺڻ لاءِ عدالت پهتا ته ديبا سحر ۽ صابر کوسو ساڻن ملندي زارو قطار روئندا رهيا، هنن چيو ته ساڻن انصاف نه ٿيو ته هو احتجاج ڳائڻ جي فن کي هميشه لاءِ الوداع چوندا، جنهن دوران سڄو ماحول ڏکارو ٿي ويو، هوڏانهن ديبا سحر ۽ سندس مڙس صابر کوسو ايس ايڇ او ۽ عملي کي معطل ڪرڻ واري ڪارروائي تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو انصاف لاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ پهچي ويا، هنن وڪيل ڪاشف علي معرفت لکت ۾ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ته پوليس ساڻن انصاف نه ٿي ڪري، ايس ايڇ او افتخار جمالي ۽ سندس ساٿي اهلڪارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪري کين بيگناهه ناحق بند رکيو، پئسا ڦرلٽ ڪيا ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو آهي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، سيشن جج دادو معاملي جي جاچ جا حڪم ڏيندي زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪندي سول سرجن کان اڄ ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت نوٽيس جاري ڪندي ايس ايڇ او جهلو افتخار جمالي کي پڻ اڄ رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.
    [/JUSTIFY]
     
  2. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    ادا تمام ڏک جي خبر آهي ته هڪ فنڪار جنهن کي هر هڪ ٻار ٻچو سڃاڻي ٿو پو به هڪ گهٽيا ايس ايڇ او جنهن هيڏي تزليل ڪئي آهي ان فنڪار سان ۽ انهن اهلڪارن کي موچڙا هڻٍجن ۽ سزا به اهڙي هجي جو هو سڄي زندگي جيئه نه سگهن هن جهان ۾ منهن ڏيکاري نه سگهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    اسان سنڌ سلامت جي پليٽفارم تان هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهو مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي اهڙي ته سزا ڏني وڃي جيڪا مثالي هجي۔ فنڪار امن جا سفير ٿيندا آهن، فنڪار ته پنهنجي اندر ۾ درد لڪائي اسان کي خوشيون ڏيندا آهن ۽ اسان جي اهڙن فنڪارن سان ايڏي وڏي زيادتي ۽ نا انصافي ؟؟
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    خئير سنڌ پوليس يا سنڌ جي قانون جي حيثيت ڇا آهي؟ اها ته اسانکي به خبر آهي ۔۔۔

    اسانجي پوليس لاءِ اهو مشهور آهي ته هو هاٿيءَ کي ڪڪڙ ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ ڪڪڙ کي هاٿي ۔۔۔ انهن جا ظلم ته الله جي ڪاغذ ۾ آهن ۔۔۔ نه قانون نه قانون جي پاسداري ۔۔۔ جهنگ جو قانون وڌيڪ بهتر هوندو آهي ۔۔۔

    پر ڇا هيءَ اها ئي ڳائڻي ته ناهي جنهن جي هڪ وڊيو ڪجه ڏينهن آئي هئي جنهن ۾ خيرپور ۾ ڪجهه عورتون هڪ سنڌي ڳائڻيءَ کي، پلاٽ جي قبضي تي مار ڏئي رهيو هيون ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟

    مونکي ڪجهه ائين ياد ٿو اچي ۔۔۔ وڌيڪ ڪو دوست درستگي ڪري؟
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين هئي اها ڳائڻي نه آهي جنهن کي خيرپور شهر ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سرعام گهٽي ۾ مار ڏني هئن۔ان جو نالو ممتاز ڪنول هئو۔جڏهن ته هن جو نالو ديبا سحر آهي۔
    ادا سائين اسان کي پختو يقين آهي ته جيڪڏهن پوليس پنهنجو رويو صحيحي ڪري ايمانداري سان ڪم ڪري ته 60 فيصد ڏوه گهٽجي ويندو۔معذرت سان ٿو چوڻو پوئي ته اسان جي پوليس ۾ جيڪو به ماڻهون ايندو آهي،اهو پبلڪ جي خدمت جوشعور کڻي نه پر پبلڪ کي ڪيئن تنگ ڪري پيسئا ڪمائڻ جو اردو کڻي ايندو آهي۔جڏهن توهانجا ۽ اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي۔چيف مينسٽر کان پنهنجي علائقي جي فائدي لاء ڪا اسيڪم وٺڻ جي بجاء ٿاڻي تي پوليس آفيسر پنهنجي مرضي جو مقرر ڪرڻ تي پنهنجو سڄو زور صرف ڪندا ته اهو پوليس وارو ماڻهن جي ڇا خدمت ڪندو۔ان جو اندازو توهان لڳائي سگهو ٿا۔جيستائيين اسان مان رشوت ۽ سفارش جو ن عادتون نه ٿيون نڪرن ۽ ميرٽيس تي آپائٽمينٽ نه ٿئي ٿئ۔اسان کي جهلو پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جهڙن پوليس آفيسرن سان واسطو پوندو جن جو دين ۽ ايمان صرف پيسئا ڪمائڻ آهي۔الله پاڪ ۾ اميد آهي ته دادو جو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج انهن پوليس وارن جي خلاف قانون جي اندر ڪو سخت قدم کڻندو۔تاڪي آئيندا پوليس ان قسم جي حرڪت ڪندي سوء دفعا سوچيندي۔
     
  6. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    مان سنڌ جي ڳائيڻي محترمه ديبا سحر تي ٿيندڻ پوليس تشدد جي سخت الفاظن ۾ مذمت ڪريان ٿو
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    لعنت آهي اهڙي پوليس اهلڪارن تي، جيڪي نياڻين تي تشدد ڪن ٿا، صابر کوسو کي به اها ڳالهه سوچي رات جو نه نڪرڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ ۾ هاڻي انڌير نگري، چرٻٽ راجا واري ڪار آهي، پوليس توڙي ڌاڙيل هڪ ئي آهن ۽ وڏيرن جي سرپرستي هيٺ ڪم پيا ڪن، انهن حرام کائيندڙن لاءِ وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي۔۔۔ شڪر آهي سندس عزت محفوظ رهي نه ته اهڙا الائي جي ڪيترا واقعا آهن جن ۾ سنڌين جي نياڻين کي پنهنجا سنڌي پوليس وارا ئي کنڀي وڃي پنهنجي حوس جو شڪار بڻائين ٿا۔۔۔​
     
  8. روشن سومرو

    روشن سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    لعنت آهي اهڙي پوليس اهلڪارن تي، جيڪي نياڻين تي تشدد ڪن ٿا بي شرمو ڪجهه ته شرم ڪريو جيڪي سنڌ جيون نياڻيون آهين اُهي اوهان جيون ڀينرون آهين بي شرم ايس ايڇ او افتخار جمالي ۽ سندس ساٿاري 10 اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين نوڪرين مان رورٽ ڪري جيل اماڻيو وڃي، ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي۔
     
  9. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڇا سنڌ پوليس کي اوارڊ ملڻ گهرجي ؟؟؟ مشهور مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد

    ادا وساڻ ڪهڙيون ٿا سنڌ پوليس جون ڳالهيون ڪريو اگر سنڌ پوليس اهڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنا ته سنڌ پوليس جي سجاڻپ ڪيئن ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو