روح راضي ڪجي، ياد تازي ڪجــــي، دل ٿي چاهي وري، يـــاد تازي ڪجـي، من هو پرچي پوي، آزي نيازي ڪجي، ڇـــو ڀـــلا پيـــار ۾، جلد بازي ڪجي، نيت سجدا هجن، دل نمازي ڪـجي، شهر مجرم سڄــو” اياز“، ڪنهن کي قاضي ڪجي. شيخ اياز
جواب: روح راضي ڪجي، ۔۔۔ شيخ اياز شهر مجرم سڄــو” اياز“، ڪنهن کي قاضي ڪجي. اڄ شاعريء جو عالمي ڏينهن ۽ ان ڏينهن تي سائين اوهان ڇا ته سهڻي شاعري ونڊ ڪئي آهي۔ اياز سنڌ جو ئي نه پر دنيا جو به وڏو شاعر ۔۔۔ جنهن چيو ته ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار! بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
جواب: روح راضي ڪجي، ۔۔۔ شيخ اياز هن نظم ۾ شيخ اياز جو هڪ بند ايترو ته وڏو ۽ گهرو آهي جو انکي اخلاقيات جا سڀ درجا ڏجن ته به گهٽ ٿيندا ۔۔۔ اهو بند آهي نيت سجدا هجن، دل نمازي ڪـجي، مٿئين بند جي مطابق جنهن جي نيت مطلب سوچ ۾ ئي سجدا هجن ۽ دل مطلب جذبا نمازي هجن ته ان ماڻهونءَ جو پورو وجود، اندر ۽ ٻاهر محبت واري عبادت ٿي پوي ٿو ۔۔۔ اهڙا انسان هن ڪائنات ۾ تمام گهٽ هوندا آهن ۽ هوندا آهن ته انهن جي محبت جو مٺاس ايترو ته گهرو ۽ گهڻو هوندو آهي جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي ۔۔۔ جي ادا سليمان ! بيشڪ اياز دنيا جي مٿانهن شاعرن مان هڪ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي آسماني تارن ۾ وهائو تارو آهي، هرڪو ماڻهون موتي داڻوءَ هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو ۔۔۔ شاعرن جي ڏينهن تي شاعرن کي سلام
جواب: روح راضي ڪجي، ۔۔۔ شيخ اياز ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔شاعرن جي ڏينهن تي شيخ اياز جي خوبصورت ۽ معني سان لبريز شاعري هن فورم تي ونڍ ڪرڻ تي اوهانجون لک لک مهربانيون۔عرس پريو صاحب جي الفاظن ۾ توهانجا لک لائق۔ان شاعري ۾ جيڪو اوهان مرڪزي حاصل مطلب بيت / بند ڏانهن توجھ ڏياري ۽ پنهنجي ڏاهپ سان هن جي تمام سٺي انداز ۾ تشريح ڪئي آهي،ان ساڳئي فڪر جي حوالي سان شاعرن جي سرتاج شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٽيئن مان ڪجه بيت اوهان جي لاء:- جان جان پَسين پاڻَ کي ،تان تان ناه نماز سَڀُ وِڃائي سَازَ ،تهان پوء تَڪبِيرَ چَئُه۔ جَن وڃايو وُجُودُ ،"فاني" ٿئَا "فيِ الله" سان نه تَن قيامُ،نه قَعدوَ،نڪو ڪَن سُجُودُ جيلاه ٿَئَا نابُودُ ، تيلاه رَسِئَا بُودَ کي۔ گَڏ ،سَڄَڻُ سَاهَ پَساهَ ۾ ۔ سُر ڪلياڻ شاه صاحب جي فڪر جي عظمت ۽ اوج جي لحاظ سان ،سر ڪلياڻ نهايت ڳرو ڳُوڙهو سر آهي۔اعلي ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعلئ مقصد ماڻڻ لاء،هن سر ۾ سمايل فڪر انسان کي شڪ ۽ شرڪ بدران يقين،آرام بدران بي آرامي،تسڪين بدران تڙپ ۽ بيتابي،رسمي ڏيکاء بدران سچائي،۽ سڌن بدران سر جي قرباني جي راه ڏيکاري ٿو۔هن سُر ۾ "توحيد" ۽ "رسالت" جي حوالي سان،انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز سمجهايل آهي۔اعلئ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پهچڻ خاطر،حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب ڏنل آهي ته هو ٻيائيءَ کي ٻوڙي،خوديءَ کي کائي،هئڻ ۽ هستي واري ڪُلاه ڪاٽي;ٻاهرين لُڇَ پُڇ بدران اندر م لوچي ۽ لُڇي، ۽ "پاڻ" کي پاڻ کان پري ڪري ائين جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مري۔عشق جي آزمايش،محبوب جي بي پرواهي،ڪاتي ۽ ڪوس،کوري ۽ باه جو ذڪر آهي;محبوب جي ڪهڻ ۽ عاشق جي ڪسجڻ جو بيان آهي، عشق آسان ناهي پر سوريءَ جي سيج آهي۔عشق جي واردات ضربن ۽ زخمن واري آهي۔عشق جي آزمايش ۾ ڪاميابي لاءِ سچي عاشق کي محبوب آڏو ڪسي قربان ٿيڻ ۽ سرهو ٿي سوريءَ تي چڙهڻو آهي۔ اهو سڄو ماحول نهايت ڳرو ڳوڙهو آهي،سُر ڪلياڻ يقين کي محڪم ڪندڙ،قربانيءَ لاء جوش ۽ جذبو جاڳائيندڙ،اعلئ منزل تي پهچڻ لاء ولولو وڌائيندڙ،همت ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي۔هيءَ سر خاص طرح حق ۽ حقيقت جي ڳوليندڙ کي لوڏيندڙ ۽ لرزائيندڙ آهي۔سندس سک ۽ آرام وڃائيندڙ آهي،۽ کيس اعلئ معرفت واري مقام لاء اڀاريندڙ ۽ اٿاريندڙ آهي۔انهي لحاظ سان ،سر ڪلياڻ نهايت زورائتو سر آهي۔جنهن ۾ سانت ۽ سڪون بدران ولولو ۽ ووڪُ آهي،جنهن ۾ جرات ۽ جولان هيج ۽ هيجان آهي۔هن سر ۾ اها زوردار ترغيب ڏنل آهي ته سوري ئي سيج آهي،سوز ئي سڪون آهي۔۽ جي ڪو آرام آهي ته آڳ ٻرندي ۾ ئي آهي۔هن سر ۾ اعلئ مقصد خاطر پنهنجون سموريون سڌون ڀڃڻ،سک جا سانگا پلڻ ۽ آرام ڦٽائڻ،۽ ڏک ڏاکڙا ڏسڻ ۽ سهڻ جي ترغيب ۽ تعليم ڏنل آهي۔
جيڪڏھن سنڌسلامت نہ ھُجي ھا تہ مونکي اِھو شعر ڪٿان ملي ھا؟ سنڌي ماڻھن جو سُھڻو پليٽفارم آھي سنڌسلامت...